بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Syed Ali Dino Shah سيد علي ڏنو شاه

سيد علي ڏنو شاه
 
سيد علي ڏنو شاھ عرف علڻ شاھ ولد سيد بچل شاھ جيلاني تخلص ”علڻ“ ڳوٺ ڍندي تعلقو ميرپور بٺيورو ضلعي ٺٽي ۾ 2 اپريل 1907ع تي تولد ٿيو. سندس تعليم ست درجا سنڌي هئي. قرآن شريف پرهيل هو. پاڻ ننڍپڻ کان ئي فقيرن جي صحبت ۾ رهيو ۽ شاعري به ڪندو هو.سندس رسالو قلمي صورت ۾ موجود آهي. سندس وصال 16 نومبر 1980ع تي تربت لڳ ڳوٺ شاھ محمد شاھ جيلاني تعلقو مير پور بٺورو ضلعو ٺٽي ۾ ٿيو. شاعريءَ جو تعداد 400 ڪلام ۽ ڪجهه بيت به چيل آهن .

ڪلام

الله لڳ عرض هي منهنجو اگائج يا رسول الله
پنهنجي در پاڪ جي چائنٺ چمائج يا رسول الله
دنيا درياھ گناھ لهرون  وري ويئي وير پاپن جو،
ڪنڏيءَ تي ڪارئي ڪشتي چڄائج يا رسول الله
ڀليل بدڪار ۽ غافل بدعتي بي ثمر آهيان،
رحمت للعالمين رهبر، رسائج يا رسول الله
علڻ” اسان عيبدارن کي ڌڪيندا باھ دوزخ ڏي،
ڏيئي هٿ فيض برڪت جا بچائج يا رسول الله
...


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو