آغا عبدالنبي ”عليگ“ [1903ع – 1976]
شڪارپور جي
مردم خيز سر زمين تي پٺاڻ قبيلي ۾، آغا عبدالنبي ”عليگ“ ولد آغا گل حسن خان دراني،
اڱاري ڏينهن 15 صفر المظفر 1321 هه مطابق 3 جولاءِ 1903ع تي تولد ٿيو. شروعاتي
تعليم شڪارپور مان ورتائين. سندس والد خيرپور رياست ۾ نائب وزير جي عهدي تي فائز
هو؛ جنهن ڪري هن نينگر مئٽرڪ تائين تعليم خيرپور ۾ ۽ ايم- اي- او ڪاليج مان انٽر
تائين تعليم وٺي 1924ع ۾ شڪارپور هاءِ اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿيو. فارسي تعليم کيس
جهجهي مليل هئي؛ جنهن ڪري پوري اسڪول ۾ ”پرشن“ (Persian) پاڙهيندو هو.
ملازمت سان
گڏوگڏ پنهنجي تعليم کي به خانگي طرح جاري رکيائين. ستت ئي بي - اي پاس ڪرڻ سان
مختيار ڪاريءَ ۾ کڄي ويو. اورچائيءَ سان محنت جو ڦل ملندو رهيس؛ جنهن ڪري ترقي وٺي
بهاول پور ۾ آخر ڪمشنر جي عهدي تي وڃي رسيو، جتان 1958ع ۾ پينشن تي پهچي، باقي
حياتيءَ جا دم شڪارپور ۾ پورا ڪري، 12 ذوالحج 1396 هه مطابق 19 آڪٽوبر 1976ع تي
وفات ڪيائين.
دراني صاحب
”آغا“ ۽ ”عليگ“ تخلص سان سنڌي شاعريءَ طرف وک وڌائي آهي؛ جنهن ڪري سندس غزل ۽ نظم
سنڌي ادب ۾ خاصو اضافو آهن. شعر ۾ البته فارسي لفظن جي ڀرمار آهي، تاهم به رواني ۽
سلاست برقرار نظر اچي ٿي. ازانسواءِ نثر جي سلسلي ۾ مضمون، فسانا ۽ ناول وغيره پڻ
اهم حيثيت رکن ٿا. ”افڪار عليگ“ (1853) ۽ سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1969ع ۾ ڇپايل
”حريص پتلو“ عرف ”وفا جي ديوي“ بهترين تصنيفون آهن.
آغا ”عليگ“
صاحب عقيدي ۾، پنهنجي وڏي ڀاءُ آغا غلام نبي عرف ”آغا صوفي“ (1889ع – 1938ع) جيان
درازن جي درگاه جو پوئلڳ هو. سائين سخي قبول محمد (دويم،) جو نهايت عقيدتمند ۽ سچو
مريد هو. رٽائر بعد، سندس اڪثر وقت صوفين ۽ شاعرن سان گذرندو هو سندس اوطاق هميشہ
علم ادب جي چهچٽي ۾ ٻهڪندي رهي. پاڻ نهايت مهمان نواز، کل مک ۽ هڪ لا ابالي قسم جو
بيپر واهه مجاهد مرد هو. چوندو هو، ته ”شعر پنهنجي دل کي وندرائڻ لاءِ قلمبند ڪندو
آهيان.“ پاڻ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ محفل جو مور هو. جيتوڻيڪ فطرتاً بالڪل سنجيده ۽
گهٽ ڳالهائيندڙ انسان هو، ليڪن دوستن، عزيزن، احبابن ۽ سڪ وارن سان مجلس منعقد ڪرڻ
۾ وڌيڪ خوشي محسوس ڪندو هو. شڪارپور جا رهواسي سندس وڏو قدر ڪندا هئا.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو