بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Bodlo Bahadur بودلو بهادر

بـــــودلـــــو بــهــــار رح [1238ع – 1298ع]

حضرت قلندر لعل شهباز سيوهاڻي رح جي خاص خدمتگارن مان، ملتاني درويش مخدوم بودلو سڪندر عرف ”بودلو بهار“ ولد ديندار خان چنيهو، وڏو عالم ۽ متقي انسان ٿي گذريو آهي. سندس جنم 602 هه مطابق 1238ع ۾ ”اچ شريف“ (ملتان) ۾ ٿيو ننڍپڻ کان ئي صوفي بزرگن جي صحبت ۾ رهندي، الله وارن جو طالبو رهيو. جوانيءَ ۾ سندس ملاقات، سيد محمد عثمان مروندي رح (1187ع – 1299ع) سان ٿي؛ جنهن حڪم ڪيس، ته سنڌ طرف سيوهڻ شريف ڏانهن هليو وڃ، جتان توکي منزل ملندي.

بودلو سڪندر، ڦوه جوانيءَ ۾ ئي سيوهڻ شريف پهتو. شروعات ۾ ديني درس ڏيندو رهيو، پر پوءِ حال کان بي حال ٿي، دنيا جا لڳ لاڳاپا لاهي، راتيان ڏينهان روحاني رهبر جو متلاشي رهيو. انهيءَ ذڪر فڪر واري ڪيفيت ۾ اڪثر اگهاڙو رهيو.
چوڻ ۾ اچي ٿو ته سيوهڻ ۾، سڪندر اعظم (356ق-م/323ق-م) جي ٺهرا يهل قلعي جي ٻاهران هڪ گهاٽي کٻڙ جي وڻ هيٺان، جيئن ئي پنهنجي شغل ۾ رڌل رهيو، ته راجا جيسر (جيڪو ”چرٻت راجا“ جي نالي سان مشهور هو)، جي ڌيءَ سينا، ماڙيءَ مان کيس ڏٺو - جا ڳالهه واٽهڙن وائکي ڪري ڇڏي. پوءِ ته راجا جيسر، بنا ڪنهن سوچ ويچار جي، ڳوٺ جي ظالم ”حنود ڪاسائيءَ“ کي گهرائي، سندس ٻانهن حوالي ڪئي.
حنود، مست بودلي کي دعوت جي بهاني دوکي سان گهر نيئي، ڪهي ڇڏيو. مڄاڻ ڪو انهيءَ ڏينهن، لعل شهباز سائين به اچي سيوهڻ ۾ سهڙيو. تنهن جيئن جو بودلي کي سڪ مان وڏي واڪي سڏ ڪيو، ته بودلي جا هڏا ۽ ماس، جيڪي ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، پاڻ ۾ ملي ويا. پوءِ ته سندس رڳ رڳ مان ”جي مرشد“ جو آواز پئي نڪتو. هي واقعو 694 هه (1298ع) جو آهي.
روايت آهي ته حنود، جيڪو گوشت ماڻهن ۾ ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري وڪيو هو، ان کي ڪن ماڻهن کاڌو هو. جڏهن لعل سائينءَ جي امر سان بودلي جو سمورو جسم ٺهي ويو، ته مٿي تي ٿورو گوشت کٽل هو، جيڪو ماڻهن کاڌو هو. لعل سائينءَ کي اها ڳالهه پسند نه پئي؛ جنهن ڪري انهن گوشت کاڌل ماڻهن جي مغز مان اهي ٻوٽيون ٺڪاءُ ڪري ٻاهر اچي بودلي جي جسم سان مليون. چون ٿا، ته انهن جي مغز ۾ اها کڏ رهجي ويئي، جيڪا اڃا سندن نسل در نسل ۾ هلندي پئي اچي.
قلندر سائينءَ کي البته مٺيان لڳي، مگر ظاهري طرح صبر کان ڪم وٺي: بودلي کي قلعي جي اترين طرف ڪوٽ جي ڀرسان دفنايائونس.
بودلو، قلندر لعل شهباز جي پيارن طالبن مان هڪ هو. کانئس ڪيتريون ئي ڪرامتون سرزد ٿيون. بودلائي فقيرن جي طريقت سان وابسته آهي. سيد علي سرمست (جنهن جي مزار قلندر لعل شهباز جي روضي جي ٻاهران موجود آهي)، سندس وزير هو. بودلي جي مزار تي پٿر جو ڪٽهڙو جڙيل آهي. سندس مريد ڳاڙهو ويس پهريندا آهن، جيڪي هر روز پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي، قلندري ڌمال قائم ڪندا آهن. بيک مڱڻ وٽن عيب آهي. البته ڪيترا زائرين، خادمن ۽ مجاورن جي نيت سان کين نذرانا به ڏئي ويندا آهن، جن مان هو گذر سفر ڪندا آهن.
مست بودلي سڄي عمر ۾ شادي ڪانه ڪئي ۽ مجرد رهيو. سندس نالي پٺيان سيوهڻ شريف ۾ ”بودلي جي ڪافي“ به سڏجي ٿي.
(1)- روايتون آهن، ته ان زماني ۾ همنڪ نالي هڪ هندو راجا، سڪندر اعظم جي سيوهڻ ۾ ٺهرايل قلعي ۾ مقيم هو. سندس رعيت ۾ ”حنود“ نالي هڪ ظالم ڪاسائي به هو. جيڪو جسماني طرح وڏو بهادر، طاقت ور ۽ ڪٺور (ظالم) طبيعت هو. هو روزانو رات جو بيگناهه ماڻهو ماري، سندس گوشت تي گذران ڪندو هو. سندس دوڪان، شهر جي وچ واري ايراضيءَ ۾ هڪ وڏي کڏ جي ڪنڌيءَ تي هو. اها کڏ، انهيءَ ظالم ڪاسائيءَ جي نالي پٺيان ”حنود واري کڏ“ سڏبي هئي (جيڪا اڄ تائين قائم آهي). هو روزانو ماڻهن جا هڏا منجهس ڦٽا ڪندو هو. آخري عمر ۾ بڇڙي بيماريءَ وگهي مري ويو.
(2) – هڪ دفعي ڪي عالم سڳورا ڏورانهين ڏيهه کان سفر ڪري، سندس پرکا لاءِ وٽس پهتا. اڃا هنن سيوهڻ ۾ پير مس پاتو، ته بودلي پنهنجي خادمن کي سڏي چيو، ته ”ڪي شرعي عالم مون سان ملڻ لاءِ پنهنجو وطن ڇڏي اچي رهيا آهن، سو منهن جي لاءِ شرعي لباس آڻيو! “اهو ڏينهن جمع جو هو، جڏهن عالم سڳورا شهر ۾ داخل ٿيا. درويش واڪو ڪري چيو ، ته ”جلد ڪريو! اهي (زيارتي) ويجها اچي ويا آهن !!“ پوءِ ته ويس ويڙهي اڃا ويٺو مس، ته عالمن به اچي السلام عليڪم ڪئي. خوش خير عافيت بعد، گڏجي کاڌو کاڌائون. جڏهن جمع نماز جو وقت ٿيو، تڏهن گڏ جي مسجد شريف ۾ آيا. نماز کان فارغ ٿي، مخدوم بودلو صاحب منبر تي چڙهي. قرآن پاڪ جي هڪ آيت . ٻيءَ نماز (ٽيپهريءَ تائين) قرآت ڪندو رهيو ۽ هر لفظ جون ستر (70) معنائون بيان ڪندو رهيو. پوءِ جڏهن منبر تان هيٺ لهي. جماعتن (حاضرين) وٽ پهتو. ته کلي چيائين. ته ”جيڪڏهن هڪ سال تائين رات ڏينهن انهيءَ آيت جي معنيٰ بيان ڪندو رهندس؛ تڏهن به پوري ڪري نه سگهندس“ اهو جواب ٻڌي سمورا عالم سندس پير چمڻ لڳا. عالمن جو موڪلائڻ بعد. پاڻ ساڳئي ڪيفيت ۾ (ننگي تن) رهيو.



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو