بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Sufi Faqir Nawab Haji Ghulam Hyder Khan Laghari صوفي فقير نواب حاجي غلام حيدر خان لغاري

صوفي فقير نواب حاجي غلام حيدر خان لغاري

  نواب غلام حيدر خان ولد نواب ولي محمد فقير ذات لغاري ڳوٺ ٽنڊو تاجپور ضلعو مٽياري (حيدرآباد) 17 جولائي 1871ع ۾ ڄائو. سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي جو چڱو ماهر هو فقير صورت ، باتهذيب ۽ بااخلاق مرد ۽ نهايت
سنجيده مزاج شاعري جي فن ۾ به چڱيڙو درجو رکندڙ هو 24 فيبروري 1943ع_ ۾ وصال ٿيس .
ڪلام
اسان ذات کي سڃاڻي صورت سان پيچ پايو،
ڏسي راز مخفي حق جو مچ عشق جو مچايو.
ناسوت کان لنگهي وڃي ملڪوت کي رسياسون،
گهڙي بحر جي بي انت ۾ لنگڙي بڀوت لايو.
لاهي ميارون لوڪ جون پورب جا پنڌ چڇياسون،
هو هو جي هل دماغ ۾ باجو بگل بجايو .
نابود واري نجهري آرام ويهي ڪياسون،
ٿيو عشق امام اسان جو جنهن حسن سان ملايو .
ڪعبو قلب صحيح ڪري  طواف تنهن کي ڪياسون،
ٻانهون ٻڌي ادب سان سجدي ۾ سر نمايو .
حب الوطن جي آڻي جبروت حد ڏيکاري،
حامي ”غلام حيدر“ ٿي سانگ ڪيو سجايو



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو