بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Syed Wilayat Ali Shah Jeelani سيد ولايت علي شاه جيلاني

سيد ولايت شاه جيلاني

سيد ولايت شاھ جيلاني ولد سيدبگن شاھ جيلاني ڳوٺ انباھ شريف تعلقي لکي ضلع شڪارپور لڳ چڪ ۾ 1329ھ مطابق 1911ع  ۾ تولد ٿيو۔ ننڍپڻ ۾ ئي پنھنجي والد سيد بگن شاھ جو طالب ٿيو۔ ننڍي ھوندي کان وٺي فقيري حال مٿس موجود ھو۔ پاڻ سنڌي ، سرائڪي شاعري ڪندو ھيو۔ سندس قلمي رسالو موجود آھي۔ سدائين اللھ جي عشق ۾ محو رھندو ھو۔ فقراءَ سدائين گڏ ھوندو ھوس۔ درگاھن تي وڃي فقراءَ سميت ويراڳ وٺندو ھو۔ جھڙوڪ شاھ عنايت شھيد، صوفي محمد فقير کٽياڻ، شاھ عبدالطيف ڀٽائي، قلندر لعل شھباز وغيره۔ پاڻ صورت جو تمام سھڻو ھو، ماڻھو سندس ڪلام ٻڌي محو ٿي ويندا ھيا، سدائين ھيٺ ويھڻ پسند ڪندو ھو۔ ڪيترن ئي طالبن کي فيضياب ڪيائين۔ 16 مارچ 1982ع بروز اربع شام 4 بجه مطابق 20 جمادي الاول 1402 ھ تي دارالبقا ڏانھن راھي ٿيو۔
                                                          ڪلام
 حضرت انسان نقش صورت ۾ جلوو ذات قدير جو آ
فرقاني فھم فرمودي جو، يطھر ڪم تطھير جو آ۔
ٿي پاڪ اول پوء پاڪ کي پس، ھر دي اندر پائي جھاتي ڏس
 پيھي پاڻ ۾ پس يار مزا پس، اھو تصور تنھن تصوير جو آ۔
ٿي سير جي سانگي سيلاني، پيرين پوش پھري آيو انساني
جو ئي چولئَ اندر سو ئي ٻولي اندر، اھو توصل تان تدبير جو آ۔
پير مغان کان راھ رندي، وجھ الله ويساھ رندي
ڇڏ "شاھ ولايت" شھنشاھي، ھي فيض فياض فقير جو آ۔
    

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو