بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Sufi Naseer Mohd: Faqir Jalalani صوفي نصير محمد فقير جلالاڻي




صوفي نصير محمد فقير جلالاڻي

سندس ولادت جي صحيح تاريخ معلوم ناهي البته سندس چوڻ موجب ته صوفي صادق شاھ سنه 1840ع ۾ وفات ڪيائين ته آءُ پنڌ ڪندڙ ٻار هوس . روايت آهي ، ته هڪڙي دفعي صوفي صادق شاھ تجل شريف ويندي واٽ  تي جلالاڻيءَ ۾ اچي ٻپهرو ڪيو ۽ ان وقت پاڻ فرمايائين ته ” اسان کي هتي گدري جي خوشبوءِ اچي ٿي ، هتي هڪڙو ڪامل مرد خدا پيدا ٿيندو جيڪو ولي الله هوندو. “ ڪجھ وقت کان پوءِ صوفي نصير محمد جي ولادت ٿي ، پاڻ ننڍپڻ کان وٺي فقيري طبع جو مالڪ هئو ۽ بعد ۾ صوفي جھوڪ ڌڻي حضرت عبدالستار شاھ صاحب جن جو طالب ٿيو . 27 _ جماد الثاني 1380ھ/ 16 _ ڊسمبر 1960ع تي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو .

ڪلام
پيتم جڏهن جام وحدت جو ، وجود و ترڪ تڏهن ڦيرو .
نشو ٿيو نينهن جو غالب ، ڀڃي ڀورا ڪيئين غالب
رهيو مطلوب نا طالب ، نظر ۾ ناھ ڪو ٻيڙو.
صحيح ڪيم سير هيءَ سارو ، ماري اناالحق سندو نعرو
وڃائي ورھ جو وارو صدق تنهان جو ٿيڙو .
وڙهي جڏهن لاسندي ڪاتي ، تڏهن ٿيو عشق اثباتي
رهيو آذڪرنا ذاتي ، ” نصيرا “ نام نفي ٿيڙو.


 

1 comment:

پنهنجا رايا ڏيو