بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Sufi Mohd: Faqir Ghoto صوفي محمد فقير گهوٽو

صوفي محمد فقير گهوٽو

سندس ولادت 1298ھ بمطابق 1771ع ۾ ٿي . پاڻ ڳوٺ حسين ٻيلي تعلقه گھوٽڪي ضلعي سکر جو رهاڪو هو . تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتائين . سندس مرشد الدين انڍڙ سهروردي ، حضرت پيران پير سرڪار جن جي روضي تي ويو ، کيس ارشاد ٿيو ته ” محمد فقير گھوٽو ، خير الدين شاھ  سکر واري وٽ وڃي . فقير صاحب پورا 14 سال حضرت خيرالدين شاھ جي درگاھ جون حاضريون ڀريون ۽ فيضياب ٿيو . سندس طريقو اويس هو . سندس ڪلام سنڌي ، سرائڪي ۽ فارسي زبانن تي مشتمل قلمي صورت ۾ موجود آهي . 1385ھ بمطابق 1940ع ۾ سکر شهر ۾ وصال فرمائين . سندس درگاھ ڳوٺ حسين ٻيلي ۾ آهي .

ڪلام

بشر بهانو ڀول ڀڃي الانس سري الله چوان

رکي مشوق شتابي شاھ آيو ، وه  بردو ٿي بادشاھ آيو ،
ساري ملڪ حسن جو مان آيو ، عين احمد عبدالله آيو.

لولاڪ لما جو تاج پائي ، سهڻل سڀ ۾ صاف سڀائي ،
قائم قادر قدم ڪڏائي ، جوش جذب جلاالله چوان .

ڪعبو قدسي ڪير آهي ، هن کان سواءِ ٻيو ڦير نه آهي ،
ريءِ سمجھ رڳو انڌير آهي ، ڏس جاچي ڪلام الله چوان .

ڄڻيو نه ڪنهن جو ڄايو آ ، صورت سڀ ۾ سمايو آ ،
هتي رائي پنهنجي آيو آ ، محمد قل هوالله چوان


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو