بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Faqir Haji Pir Bix Farooqi فقير حاجي پير بخش فاروقي



فقير حاجي پير بخش فاروقي

حاجي پير بخش جي نسب جو سلسلو حضرت عمر فاروقي سان وڃي ٿو گڏجي. حضرت عمر جي اولاد مان حضرت عبدالله مشهور آهي؛ سندن فرزند حضرت عبدالعزيز سان اسان جو خاص واسطو آهي، ڇو ته حضرت جن جو فرزند شهاب الدين، محمد بن قاسم سان گڏجي سنڌ طرف آيو هو. کيس امامت جا فرائض مليل هئا. جڏهن سيوهڻ فتح ٿي چڪو هو، تڏهن حضرت شهاب الدين کي سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪيو ويو. شهاب الدين جي وفات کان پوءِ (9 محرم 97هه) سندس پٽ محمد سيوهڻ جو حاڪم ٿي رهيو، جنهن اٽڪل روءِ 7 رجب 124هه ۾ وفات ڪئي، سندس مزار سندس والد جي ڀرسان ٺاهي ويئي. محمد کان پوءِ محمد باقر، سندس فرزند، ساڳيءَ گاديءَ تي ويٺو. محمد باقر 11 صفر 147هه ۾ وفات ڪئي. سندس فرزند عبداللطيف 13 ذوالقعد سن 164هه ۾ رحلت ڪئي. هن وقت حڪومت ۾ ڦيرو آيو: بني امين جا سڀ گورنر معزول ٿي ويا، بني عباسي حڪومت ڪرڻ لڳا. پر، بني عباسين جي حاڪمن شيخ عبداللطيف جي فرزند اسحاق کي ساڳيءَ طرح سيوهڻ جي گادي تي ويهڻ ڏنو. شيخ اسحاق ايمانداريءَ سان سيوهڻ جي حڪومت ڪري، 6 جمادي الثاني 196هه ۾ وڃي پنهنجي وڏن سان گڏيو.

مخدوم اسحاق مذڪور کي ٻه پٽ هئا – هڪ مخدوم محمد ۽ ٻيو مخدوم عبدالقادر. عمر ۾ مخدوم محمد وڏو هو، انهيءَ ڪري راڄ جو والي ٿيو. سن 217هه ۾ عربن جي حڪومت جو زور ٽٽي ويو، تنهنڪري مخدوم محمد سلطان، محمود غازيءَ جي طرفان، سيوهڻ تي پنهنجن وڏن جيان حڪومت ڪندو رهيو.

مخدوم محمد کان پوءِ وڌيڪ ڪو به تاريخي احوال نه مليو آهي. مخدوم محمد جو پٽ يونس، اُن جو پٽ عبدالله، اُن جو پٽ احمد، اُن جو پٽ برهان الدين، اُن جو پٽ مطلب، اُن جو پٽ عبدالوهاب، اُن جو پٽ محمد، اُن جو پٽ عبدالعزيز، اُن جو پٽ برهان الدين، اُن جو پٽ احمد، اُن جو پٽ محمد، اُن جو پٽ سليمان، اُن جو پٽ محمد، اُن جو پٽ يوسف، اُن جو پٽ اسماعيل، اُن جو پٽ ابوالفتح، اُن جو پٽ محمود، اُن جو پٽ عبدالعزيز، اُن جو پٽ وحيدالدين هو. وحيدالدين جي پٽ نورالدين کي چار پٽ هئا. اُنهن چئن مان اسان جو واسطو مخدوم ابو سعيد سان آهي. مخدوم ابو سعيد سيوهڻ ڇڏي ”موسيجي“، لڳ راڻيپور، ڳوٺ ۾ اچي ويٺو. کيس هڪ فرزند ڄائو هو، جنهن تي پنهنجي وڏي بزرگ مخدوم شهاب الدين جو نالو رکيو هئائين. شهاب الدين کي علم الدين نالي فرزند هو. سندس اولاد علمداڻي فاروقي سڏجي ٿو، جن مان حاجي پير بخش ”دلريش“ وارا به آهن.

علم الدين جي چئن فرزندن مان اسان جو واسطو شهاب الدين ولد علم الدين سان آهي. شهاب الدين جي فرزند مخدوم بهاء الدين جي چئن پٽن مان عبدالواحد ئي هڪ اهو خوشنصيب انسان هو، جنهن کي يارهن فرزند هئا. انهن مان هڪ جو نالو فيض الله هو. مخدوم فيض الله کي ٻه فرزند، محمد عطا ۽ محمد عظيم نالي هئا. محمد عظيم کي وارث جهڙو اعليٰ فرزند تولد ٿيو. وارث جي ٻن فرزندن مان نور محمد کي رمضان نالي فرزند هو. محمد وارث ’موسيجي‘ ڇڏي، ميرن جي خاص حڪومت ميرپورخاص ۾ آيو، ۽ ميرن جي مهر – نظر هيٺ اچي رهيو. وارث جي فرزندن تي به ميرن جي اُها ئي شفقت رهي. رمضان جو پٽ رحيمڏنو، ميرن جي ڪچهريءَ ۾ خاص عزت وارو ماڻهو هو.

جڏهن انگريز آيا، تڏهن رحيمڏنو لاچار ٿي ٽپڙ کڻي لاڙ طرف، ڳوٺ ”حيات سولنگي“ (ديهه پنوهرڪي، تعلقو بدين) ۾ اچي جائگير ٿيو، ۽ پنهنجي هڙان پئسا خرچ ڪري ڪافي زمين خريد ڪيائين. رحيمڏني کي ٽي فرزند هئا، جن مان هڪ حاجي پير بخش هو، پارسي زبان جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. ڪنهن کيس ”سعديء زمان“ جو به لقب ڏنو هو، مگر افسوس جو سندس شعر جو ڪو به حصو نه ملي سگهيو آهي. کيس هڪ فرزند عبدالرحمان نالي هو، جو لاولد فوت ٿيو. سندن ٻيو فرزند نبي بخش نالي هو، جنهن کي ٻه فرزند هئا – غلام محمد ۽ خير محمد. خير محمد ولد نبي بخش ولد رحيمڏنو چڱو شاعر ٿي گذريو آهي. نبي بخش جو ٽيون پٽ جعفر علي هو، جنهن جا ٻه فرزند نالي نبي بخش ۽ عبدالڪريم هئا. هينئر حاجي پير بخش ولد رحيمڏنو ۽ نبي بخش جو ڪو به اولاد موجود نه آهي؛ البت رحيمڏني جو ٽيون فرزند محمد بچل هو، جنهن 11 رمضان 1314هه ۾ وفات ڪئي. محمد بچل جي فرزند ارجمند، پير بخش، لاڙ جي عظيم الشان شاعر، جو ذڪر ڪرڻ سان ئي اسان جو واسطو آهي.

فقير حاجي پير بخش، 25 رمضان مبارڪ 1314هه ۾، پنهنجي ڳوٺ فاروق آباد(1) ۾ تولد ٿيو. ولادت کان ٿورو وقت اڳ سندس والد محمد بچل وفات ڪري چڪو هئو، جنهنڪري مٿس پدراڻي نظر پئجي نه سگهي؛ پر تڏهن به پنهنجيءَ والده ۽ پنهنجي عزيز عبدالڪريم ولد جعفر علي سندن سنڀال دل و جان سان ڪئي. ڇهن سالن کان پوءِ، فقير عبدالڪريم جن جهان مان لاڏاڻو ڪيو، ۽ پوءِ پاڻ فقط ماءُ جي سايي ۾ رهي وڏو ٿيو. جڏهن ڇهن ورهين جو ٿيو، تڏهن سندس ماءُ ڳوٺ ۾ مڪتب کولايو، جنهن ۾ پاڻ قرآن شريف جي تعليم شروع ڪيائين.ٻن سالن کان پوءِ مولوي صاحب ڪن سببن ڪري، ٻاهر هليو ويو، ۽ کيس تعليم کان نراس رهڻو پيو. ان وقت تائين پاڻ هڪ ايمي مس پڙهي هئائين. ٻن سالن کان پوءِ مولوي صاحب وري آيو، جنهن وٽ ”دلريش“ پنهنجي اچي تعليم جاري رکي. آخر، مولوي صاحب جي وڃڻ کان پوءِ، پاڻ اسڪول ۾ ٻه درجا پڙهي وري ساڳئي مڪتب ۾ آيو. پاڻ ”ڪريما“ تائين فارسي، ۽ ”نورنامو“ (ابوالحسن جي سنڌي) تائين سنڌي تعليم حاصل ڪيائين – بس سندس ظاهر تعليم اها ئي آهي. کيس باطني علم خاص طرح مليل هو، جنهن جو ذڪر ڪندي پاڻ لکي ٿو ته ”علم باطن آهه جن حاصل ڪيو، علم باطن ياد تن کي ٿي ويو“. سندن ڪتبخاني ۾ اُهي اُهي ناياب ڪتاب آهن، جو سبحان الله! باطني علم جي ثابتيءَ لاءِ سندس شعر ئي ڪافي آهي.

دلريش“ صاحب جي وڏن جي زمين ڪافي ڇڏيل هئي، پر سندس صغير سن هئڻ ڪري، باقي ڪو حصو وڃي بچي. پاڻ هوش ۾ اچڻ سان اها چڱيءَ ريت سنڀاليائين، ۽ آخر پنهنجن ٽن فرزندن کي ورهاست ڪري ڏيئي پاڻ گوشي نشين ٿي ويهي رهيو.

عشق وارن جي حياتي دائما، عشق ڌاران ٻي حياتي بي بقا“ اهي لفظ دلريش جا آهن. سندس ڦوهه جوانيءَ وقت، هڪ سهڻيءَ ۽ حسين عورت سان سندس نينهن جو ناتو اچي اٽڪيو. سندس محبوبه جي به ساڻس ڪافي محبت هئي. هڪٻئي کي شاديءَ جا انجام اقرار ڏيئي ڇڏيا هئائون، - پر مالڪ کي ائين منظور نه هو. پاڻ هڪ ڏينهن نوڪر ساڻ ڪري، بندوق کڻي شڪار تي نڪري پيو. سندس محبوبه به ان وقت پاڻي ڀري رهي هئي. ڀرسان ڳِجهون ويٺيون هيون. پاڻ ٻه ڌڪ هڻي، ٻه ڳجهون ڪيرائي وڌائين، ۽ چيائين ”لڳيون ته ٻئي اٿن، پِتو هوندو ته پَتو پوندن“. پاڻ ته هليو ويو، سمهڻي جي وقت ڄاڻ آيو، ته ”پکي“ پرواز ڪري ويو. پوءِ مٽي وسائيندي وڃي محبوب جي جڳهه تي پهتو – پر ان جو روح ساڻس ملي نه سگهيو. سندس ماءُ کيس هڪ قرآن مجيد آڻي ڏنو، ۽ چيو ته .سائين، منهنجي ٻچڙي اوهان کي سلامن ۾ هيءُ ڏيئي ويئي آهي“. پاڻ محبت جو تحفو دل سان رکيائين. ان قرآن تي سندن محبوبه جي هٿ سان هيءُ بيت لکيل هو، جو پاڻ هميشہ ياد اچڻ تي پڙهندا هئا:

راهوءَ جا رهيام، سنيها سرير ۾،

ٻيا سڀ وسريام، راهو رهيم روح ۾“- (شاهه)

جڏهن گهر پهتو، تڏهن سندس حالت ديوانن کان گهٽ ڪانه هئي. پوءِ ته انهيءَ ڏک پرين جو گس ڏيکاري ڇڏيس، ۽ مجازي چاڙهيءَ تان چڙهي وڃي حقيقت تي پهتو.

ڪجهه وقت رهي، انهيءَ ڏک ۾ اچي، سڌو حج ڪرڻ ويو. انهيءَ جو بيان پاڻ لکي ٿو  - ”مؤرخه 27 شوال 1337هه ۾ ڳوٺان نڪري ’چڪلا‘ جهاز ۾ چڙهي؛ 1 ذوالحج جده پهتس. ان کان پوءِ، مديني منوره جي زيارت ڪري، حج ڪري، 13 صفر 1338هه جهاز ۾ چڙهي، 25 صفر ڪراچي پهتس – 27 تاريخ ڳوٺ پهتس“. 1951ع ۾ ٻيو حج به ڪيائين، پر انهيءَ باري ۾ ڪجهه به نه لکيو اٿس. پوئين حج ۾ جن به هستين جي زيارت ڪئي اٿس تن جو ذڪر پنهنجي شعر ۾ سٺيءَ طرح ڪيو اٿس.

حج کان موٽڻ بعد روحاني سرگرميون تيز ڪري ڇڏيائين. سنڌ جي گهڻن اوليائن جي زيارت ڪندي، وڃي سيوهڻ شريف پهتو. جيتوڻيڪ سيوهاڻيءَ جي زيارت ڪرڻ لاءِ سال بسال ايندو هو، پر هڪ ڀيرو سندس اچڻ جو عجيب هو. سيوهاڻيءَ کان کيس امر ٿيو ته ”لاهور ۾ محمد امين وٽ وڃ“. پاڻ اهو ٻڌي لاهور ويو، ۽ اُتي اوليائن جي زيارت ۽ محمد امين جي ڪافي خدمت ڪيائين. مرشد محمد امين، راضي ٿي، کيس چشتيه، قادريه ۽ صابريه طريقي جي تبليغ لاءِ پنجاب ۽ سنڌ ڏانهن روانو ڪيو، جتي اچي پاڻ ڪافي مريد ۽ معتقد بڻايائين. سال بسال پاڻ محمد امين جي زيارت لاءِ ويندو هو. محمد امين جي وفات (17 ذوالحج 1364 هه، دهلي) تي پاڻ بيهوش ٿي ويو، ۽ لاهور وڃي، سندس وڏي خليفي محمد ظفر کان تازي اجازت وٺي، وري به اچي پنهنجي سونپيل ڪم کي لڳو. پويون وقت اڪثر بيمار رهيو، ان ڪري اها خدمت پوريءَ ريت سرانجام ڏيئي نٿي سگهيو؛ پر تڏهن به وڃي مريدن کي نيڪ نصيحتون ڏيڻ سندس خاص ڪم هوندو هو.

پاڻ بيمار هو، تڏهن به ڪيترين جماعتن جا پايا وجهندو ۽ پنهنجي مليل ڪم کي دل و جان سان ادا ڪندو رهيو. آخر انهيءَ بيماريءَ ۾ محمد ظفر سان گڏ حج ڪرڻ ويو، ۽ واپس اچڻ تي فاروق آباد ۾ پنهنجي مريدن ۽ خليفن کي گهرائي، ضروري نصيحتون ڏيئي، ۽ پنهنجي اولاد کي به پنهنجي بياض طرف اشارو ڪري، بواسير جي تڪليف هئڻ سبب، ۽ آخري وقت ڪري تمام تنگ گذارڻ لڳا.

سندس فرزند غلام محمد ڳالهه ٿو ڪري ته ”بابا جي حالت تمام نازڪ ٿي چڪي هئي- پاڻ ڳالهائي به نٿي سگهيا. ٻيا رات جو سمهي پيا، پر آءٌ پئي جاڳيس. پاڻ اوچتو آڌيءَ جو ٽپ ڏيئي اُٿي ويٺا، ۽ آءٌ به اُٿي ويٺس. پاڻ چيائون ’غلام محمد، بس ٺيڪ آهي، ٻين کي اٿار ته موڪلايون- مرشد واهر ڪئي آهي!‘ پوءِ سڀني اُٿي موڪلايو، ۽ پاڻ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويا“ غلام محمد چوي ٿو ته ”اهو مرشد ’محمد امين‘ هو جنهن کي سوال ڪيو هوائون ته

امينا! هي عرض منهنجو اگهائي مهربانيءَ سان،

بوقتِ مرگ حاضر ٿي، ڪجئين هوشيار، لاهوري!“

حاجي پير بخش فاروقيءَ ماهه رمضان ۾ اربع ڏينهن پنجين بجي صبح جو سن 1370 هه ۾ وفات ڪئي. پڇاڙيءَ جو صبح جي نماز اشارن ۾ ادا ڪئي هئائين. سندس مزار بدين- نندي شهر جي رستي تي، ٽه- مُنهين کان ميل کن اوڀر ۾ آهي. سالياني عرس جي موقعي تي ڪيترا مريد خادم اچي گڏ ٿيندا آهن.

حاجي پير بخش کي ڪل چار فرزند ۽ هڪ نياڻي اولاد هو، جن مان وڏو فرزند خير محمد گذاري ويو، ۽ باقي اولاد اڃا به خدا تعاليٰ جي فضل سان زنده ۽ موجود آهي. هن وقت سندس وڏو فرزند ميان عبدالڪريم آهي، جو فاروق آباد ۾ رهي ٿو. باقي ٻه فرزند، هر هڪ غلام محمد ۽ خير محمد (دوم)، پنهنجي ڏاڏي بچل جي آباد ڪيل ڳوٺ ۾ جائگير آهن. ”دلريش“ صاحب جو علمي خزانو سڀ ميان غلام محمد ۽ ميان خير محمد وت محفوظ آهي.

سندس ڪتبخاني ۾ عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي زبان جا هزارين ڪتاب موجود آهن، جي سندس علم دوستيءَ جو پتو ڏين ٿا. سندس ڪتبخاني ۾ ڪيترا قلمي نسخا به آهن، جنهن مان هڪ نسخي ۾ فتح محمد سيوهاڻيءَ جون ٻه چار مداحون به لکيل آهن. پاڻ ڪتاب پڙهڻ وقت محو ٿي ويندو هو، ۽ کيس پنهنجي بت جو به پتو نه پوندو هو.

دلريش“ صاحب جا ڇپيل ڪتاب ٻه آهن، جن مان هڪ آهي ”ست مناجاتون“، ۽ ٻيو ”شجره خاندان چشتيه“. ازان سواءِ، عيد ميلاد نبيصه لاءِ پاڻ ڪيترا پوسٽر ڇاپرايا هئائين.

حاجي پير بخش جو ويس فقيراڻو گيڙو هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن اڇا ڪپڙا به پائيندو هو. محرم جي مهيني ۾ ڪارو ويس ڪندو هو. پاڻ قداور ۽ وڏي نڪ سان هو. سندس ريش مبارڪ وڏي، مٿو مثل سر سيد احمد- ايترو وڏو، جو ايڏي وڏي ٽوپي ملڻ محال ٿي پوندي هئي.

حضور رسول مقبول صلعم جن سان ڪا ازل جي محبت هيس. ڪيئي ڀيرا محبوب رب العالمين جو ديدار پُرانوار به نصيب ٿيو هوس. سندس گهڻو شعر آنحضرتصه جن جي ساراهه ۽ نعت ۾ ئي آهي. پنجتن پاڪن سان به کيس حد جي محبت هئي. سندس پيار ۾ ٽيون نمبر چئن يارن کي آهي. تنهن کان پوءِ اولياءَ الله سان به کيس دل و جان سان عقيدت هئي.

فقير صاحب جي هٿ لکيل نوٽن ۾ هيٺان نوٽ خاص اهميت رکن ٿا: (1) 14 رمضان 1345 هه ۾ کين شاهه عبدالقادر جيلاني جن جي تسبيح، حافظ حاجي عبدالله شاهه کان ملي، جا پنهنجي جان سان رکيائون؛ (2) 8 محرم 1349 هه ۾ فقير قلندر بخش، سجاده نشين درگاهه فقير صادق سومرو، پنهنجي ڀاءُ روشن دين جي هٿان شهيد ٿيو؛ (3) 11 رجب 1348 هه، مطابق 13 ڊسمبر 1929ع، ڏينهن ڇنڇر جي، پنجين بجي، شمن شاهه مجذوب جن وفات ڪئي، ۽ ڳوٺ غلام آرائي تعلقي ٽنڊي باگي ۾ دفن ٿيا.

دلريش“ جو ڪلام، نموني طور، هيٺ ڏجي ٿو.

ڪلام

سور سڄڻ جا مون سٺا ڙي سرتيون- سور سڄڻ جا!

سڪ انهيءَ سؤ سالم ساڙيا- قرب ڪروڙين ڪُٺا ڙي سرتيون!

پير فقير امير هزارين-محبت محب جي مُٺا ڙي سرتيون!

مور نه مام پروڙيم، وو، پِرَ جي- ريت ڪهڙيءَ کان رُٺا ڙي سرتيون!

پير بخش“ پرت منجهانران، مينهن ورهه جا وٺا ڙي سرتيون!

خوش ٿي وڄائينديس کرتال، اُهي راڳ سڻي شل راڻو!

ساز سڀيئي ويو سوڍل ساڙي،


ساريندي مون ٿيئڙا سال.

راڻي ٻاجهون راڄ انهن کي،


هردم ڀانيان ٿي هڙتال.

سيج پلنگ تي ساجن ايندو،


ڪري ڀلائي پنهنجو ڀال.

ڳائڻ ڳچ نه ڄاڻان اصل کان،


ڪوڙو تو ترڪيو اٿم تال.

پير بخش“ پرچي پيارل،


ننگ سڃاڻي ننگ پال.

*



ذات منجهان ٿي ظاهر آيو،


آدم ڏس انسان، ميان!

عبدي برقعو عشق ڍڪايس،


صاحب سر سبحان، ميان!

ٻانهو ٿي پوءِ ٻاجهه ڪيائين،


دلبر راز ڏيان، ميام!

انا احمد بلا ميمي،


شافع جو ڏس شان، ميان!

الانسان سرّ سبحاني،


مرسل جو ٿيو مان، ميان!

پير بخش“ پينار سڏائي،


ڀٽ پرين جو ڀان، ميان!

*

تو ڪوڙو آهين قاضي، جئن برهه کي ڄاڻي بازي!

غير برهه جي بقا نه ڪنهن کي،


دم دنيا سازي ......

دين دنيا جا وسلا ويڙهي،


غم ڇڏي ٿيا غازي ......

ترڪ الدّنيا واجب ڄاڻن،


ترڪ اندر دل تازي ......

عشق سواءِ ايمان نه آهي،


تون رنج رهين يا راضي ......

پير بخش“ پينار پرين جو،


پرت رکي ٿو پازي ......

*

مان آزاد آهيان، گرفتار آهيان!

ڪڇان ڪين ٿو، پنهنجي گفتار آهيان!

*

جوان مرد آهيان، هٿين پيرين لولو، وڻڻ لاءِ پاتم هي هار بُولو،

پنڻ لاءِ هٿ ۾ ٺلهو کنيم ٺولو، مان مسڪين آهيان، مان زردار آهيان!

ڏسان گرچ گهر ۾ موجود مالڪ، مگر جستجو ۾ اُڏامان اُمالڪ،

جتي ڪٿ ڏسان سو موجود مالڪ، پرين پاڻ آهيان، پرين پار آهيان!

فاروقي“ فڪر لاهي ويٺو فنا جو، فڪر ويو فڪر جو، لٿو غم غنا جو،

اکر ياد پيو آهه عمل ’لن تنا‘ جو، رهيو يار دل ۾، ٿيو يار آهيان!

حب منجهان هيڪر هلي، سردار سرور کي ڏسان!

پرت مان پيرا ڀري، پير پيغمبر کي ڏسان!

اي رليا رافض! وجهين رنڊڪو ڪڄاڙي لئه رقيب،

يار ڏي موڪل گهران ٿي، ڇڏ ته ياور کي ڏسان!

جانبن ڌارا جلي جند جان هن جولان ۾،

رات هڪ رخصت ڏيو، سا رات رهبر کي ڏسان!

رات ڏينهن ڳالهيون ڳڻي، رت جا ڦڙا ويٺي رُئان،

برهه جون باتيون ڪريان، جي تنهن بهادر کي پسان!

اڄ اکيون آهن اڃايون، لئه ڏسڻ ڏاتار جي،

خوف رک خالق خدا جو، ڇڏ ساغر کي ڏسان!

دل ڦٽي دلدار ويو، ”دلريش“ ٿيڙو لادوا،

اُن دوا خاطر وڃي، دلدار دلبر کي ڏسان!

...

 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو