بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Miyan Ghulam Sarwar Qadri ميان غلام سرور قادري



ميان غلام سرور ”فقير“ قادري

ميان غلام سرور ولد ميان نور محمد قادري ذات جو ڄام هو تخلص شروع ۾ ”حنيف“ پوءِ پنهنجي خاندان جي نسبت سان جن کي عام طرح قادري فقير سڏيو ويندو آهي، پنهنجو تخلص ”فقير“ رکيائين. سندس ڏاڏو ميان محمد صالح ميان عبدالحق درازي جو مريد ۽ خليفو هو ۽ هڪ سٺو شاعر هو، سندس ڪافيون، مولو وغيره اڄ تائين مشهور آهن. سندس چاچو ميان غلام محمد ”گدا“ پڻ هڪ وڏو شاعر هو. ميان علي محمد قادري سندس پڦاٽ هو. لاڙڪاڻي ۾ هن خاندان شروع کان شعر و شاعري ۽ علم و ادب جو ڏيو روشن ڪيو هو.



فقير پارسي شاعري جي ابتدائي تعليم پنهنجي چاچي ميان غلام محمد ”گدا“ کان ورتي. جنهن جي وفات کان پوءِ ميان علي محمد قادري سندس رهنمائي ڪئي. فقير جو والد ميان نور محمد سهڻو خطاط ۽ خوش نويس ڪاتب هئو هن جا ڪيترا هٿ لکيل ڪتاب سندس خاندان ۾ محفوظ آهن.

فقير اڃا ننڍو ئي هو جو سندس وڏو ڀاءُ ميان تراب علي عين جواني جي وقت وفات ڪري ويو، هو روينيو کاتي ۾ هيڊ منشي هو جنهن ڏينهن وفات ڪيائين، ان وقت سندس مختيارڪاري جو آرڊر اچي پهتو. ڀاءُ جي وفات کان پوءِ فقير تي گهر جو بار اچي پيو، سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪري مدرسه هاءِ اسڪول ۾ پرائمري ماستر ٿيو ۽ جلد ئي ٽريننگ ڪاليج پڙهڻ لاءِ حيدرآباد ويو جتان 1907ع ۾ ٽريننگ پوري ڪيائين ۽ ساڳي پرائمري اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿيو. هو تعليم کاتي ۾ ترقي ڪندو اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل مقرر ٿيو.

فقير کي ننڍي عمر ۾ شاعري جو شوق هو. محمد هاشم مخلص 1904ع ۾ تحفئه احباب نالي رسالو ڪڍيو. ان جي ٽين پرچي ۾ هڪ طرحي مشاعره ”ٿي ڏسي مدت کان تنهنجو عارضِ پورنور شمع“ ۾ سندس غزل ملي ٿو، جنهن جو هڪ شعر هي آهي:

عاشق دلگير کي در کان ڪيو دلدار دور،

پتنگ کان پاسي رهڻ آهي ڪٿي دستور شمع.

ان وقت سندس عمر ارڙهن سال هئي ۽ ”حنيف“ تخلص هو. ميان علي محمد ”قادري“ سان گڏ فقير به بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي بانين مان هو. سندس مختلف شاعرن سان دوستانه تعلقات هن مشاعره کي زور وٺايو.

علامه آءِ.آءِ.قاضي 1925ع ۾ جيڪا پوئٽري سوسائٽي قائم ڪئي هئي، تنهن جي لاڙڪاڻي واري شاخ جو روحِ روان فقير هو.

1919ع ۾ آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس خيرپور ميرس جي موقعي تي منعقد ٿيل مشاعري ۾ قادري، فقير ۽ خادم بزم مشاعره لاڙڪاڻي طرفان شريڪ ٿيا هئا. فقير ان موقعي تي ”نالئه عبرت“ جي عنوان سان هڪ زوردار نظم پڙهيو هو.

1921ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ جيڪا پهرين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي، ان جي بانين مان فقير هڪ هو، 1925ع ۾ آل سنڌ محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جي موقعي تي حيدرآباد ۾ جيڪا ٻي ڪل ادبي ڪانفرنس ٿي هئي، تنهن ۾ فقير طرحي غزل کان سواءِ ”نالئهِ دل“ جي عنوان سان هڪ نظم پڙهيو هو جنهن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن کان بيحد داد حاصل ڪيو هو.

1924ع ۾ ”فقير“ ڪربلا معليٰ ۽ مشهد مقدس جي زيارتن کان مشرف ٿيو هو.

1922ع ۾ قادري ۽ فقير گڏجي لاڙڪاڻي ۾ قادريه پرنٽنگ پريس ۽ الحقيقت اخبار جاري ڪئي. اخبار تي ميان غلام عباس ”جوش“ جو نالو بطور ايڊيٽر لکيل هوندو هو پر ڪم سارو ”فقير“ سنڀاليندو هو. الحقيقت پنهنجي دور جي نهايت مقبول اخبار هئي، جنهن سنڌي ادب خاطر عروضي شاعري ۽ غزل جي ترقي لاءِ سياسي، سماجي خدمتن سان گڏوگڏ ڪم ڪيو. علي محمد راشدي لکي ٿو، ”بطور ايڊيٽر جي نالو ڪنهن جو به هو، مگر اخبار جا ايڊيٽوريل مرحوم غلام سرور صاحب قادري لکندو هو. پاڻ سرڪاري ملازمت ۾ هو تنهن ڪري پنهنجي نالي ۾ مضمون ڪونه لکي ٿي سگهيو. مضمون پختا هوندا هئا پر طويل، زبان شاعرانه بلڪه عاشقانه، اشارا ڪنايا، خفيف نوڪ جهوڪ ۽ علم مجلسي مان اردو پارسي، حتاڪ هر جملي جي ابتدا خواهه انتها ڪنهن نه ڪنهن شعر سان پئي ٿيندي هئي“ (1).  فقير پنهنجي اخبار نويسي جو ذڪر هيئن ٿو ڪري:

ناهه بيڪار فقير آهه گهڻن شغلن ۾،

شغل اشعار جدا، شعل آ اخبار جدا.

فقير کي نومبر 1932ع ۾ سردي لڳي گهڻين ڪوششن جي باوجود ڪو فرق نه ٿيو، ٻه ٽي ڏينهن بيمار رهڻ کان پوءِ سندس روح جو پکي پرواز ڪري ويو. سندس وفات تي ڪيترن شاعرن مرثيه ۽ قطعه تاريخون لکيون جن مان ڪي هي آهن: 2 جون 1932ع تي بزم مشاعره لاڙڪاڻي طرفان طرح هئي:

نه بعد مرگ ڪڏهن آيو منهنجي تربت تي

هدايت علي نجفي ان طرح تي جيڪو غزل لکيو هو ان ۾ ”فقير“ جي وفات جي تاريخ هيئن بيان ڪئي آهي:

لڏي ويو مشفق غلام سرور هاءِ،

ڇڏي ويو بزم سخن غم ۾، پنهنجي رحلت تي.

سندس وفات جو سن پايئه فضيلت بود،

1351 هه

هجي مقيم الاهي بهشتي نعمت تي (1).

سردار عبدالباقي سندس وفات تي پارسي ۾ مرثيو لکيو جنهن جو مطلع ۽ تاريخ وفات ۾ چوي ٿو:

اي اجل هيچڪس از چنگِ تو آزاد نه شد،

خانہء نيست که از جور تو برباد نه شد.



بود از هفتد دوشنبہ ز رجب بيست و هشت،

کرد رحلت ز عزيزان ڪسي شاد نه شد.



سنه سہ صد و پنجاه و يک از هجرت بود،

سوئي فردوسِ برين شد غمش از ياد نه شد (2).

ميان علي محمد قادري ”تاريخ وفات مرحوم ميان غلام سرور متخلص به فقير“ جي عنوان سان هيئن بيان ڪئي آهي:

خوش خوئي نيڪ انسان مرغوب زمانه

دردا غلام سرور داناءِ سخنور

بلبل به آه و افغان ميگفت به بستان

آن صاحبِ فضيلت پرنور زرحمت

آمد بسال وصلش آواز زهاتف


آن سرو باغ عرفان مرغوب زمانه

افسوس شد زدوران مرغوب زمانه

اي واءِ رفت انسان مرغوب زمانه

رفت از جهان به ايمان مرغوب زمانه

اي قادري بديسان مرغوب زمانه.
...

 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو