بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Nawab Ali Mohd Khan نواب علي محمد خان



نواب علي محمد خان “علي”
دُرِ ناياب
نواب علي محمد خان، نواب غلام محمد خان جو وڏو فرزند هو ۽ نواب ولي محمد خان وزير اعظم جو وڏو ڀاءُ هو. پنهنجي اصل ڳوٺ اڀپور لڳ جهول ضلع سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ لغاري خاندان ۾ پهريون عالم ٿيو. هن پارسي توڙي عربي ۾ تحصيل ڪئي. فن ڪتابت ۾ پڻ چڱي مهارت حاصل ڪئي. هڪ ڪلام مجيد لکي مير مراد علي خان کي تحفي ۾ ڏنو، جو مير صاحب کي ڏاڍو پسند آيو ۽ مير صاحب وري ٻيو ڪلام مجيد نواب صاحب کي تحفي ۾ ڏنو. علم سان گڏ انتظامي صلاحيتون به رکندو هو، جنهن ڪري مير صاحب طرفان ٺٽي جو نواب مقرر ٿيو. سندس خدمتن جي عيوض هن خاندان جي موجوده ڳوٺ “تاجپور” واري جاگير مير غلام علي خان ۽ مير مراد علي خان طرفان کيس ملي.
نواب صاحب ٽنڊوڄام مان ٿيندو، اولياءُ ۽ شيخ سيد الياس عرف جيئي شاه جي درگاه تي آيو، ۽ دعا گهري اچي تاجپور ۾ هميشه لاءِ مقيم ٿيو. تاجي ليکي جو “چوءدرو” عدالتي ڪمرو ۽ کوهه سندس اوطاق جي حدن اندر شامل ٿيو ۽ اڄ تائين اها صورت حال موجود آهي. نواب علي محمد خان اٺاسي ورهين جي عمر ۾ سن 120 هجري مطابق 1834ع ۾ وفات ڪئي.
نواب علي محمد خان عالم، ڪاتب، صاحب شريعت ۽ اهل دل هوندو هو. طريقت جي راه ۾ هالي “سڪرنڊ لڳ” جو مريد هو. پاڻ پارسي ۾ شاعري ڪندو هو سندس تخلص “علي” هو.
...


 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو