بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Makhdoom Mohd Ibrahim Halai Sufi مخدوم محمد ابراهيم هالائي صوفي



مخدوم محمد ابراهيم هالائي ”صوفي

اياز قادري
مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي تخلص ”صوفي“ هالن جي مشهور صوفي بزرگ مخدوم احمد هالائي جي اولاد مان هو، جنهن تي نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ۾ سماع دوران سوناري ڇوڪري جي بيت جو ايترو اثر ٿيو هو جو سندس روح هن خاڪي پڃري مان پرواز ڪري ويو هو (2).

مخدوم محمد ابراهيم ڪامل ۽ عامل صوفي شاعر ٿي گذريو آهي (3).  سندس تعلقات پنهنجي وقت جي گهڻن شاعرن سان دوستانا هئا، جن ۾ سيد محمد شاهه مجتبائي ڪاظمي لڪعلوي ۽ محمد هاشم مخلص جا نالا قابلِ ذڪر آهن. پنهنجي شعرن ۾ کين هيئن ياد ٿو ڪري:
ادا اي حضرتِ عاليجنابِ مجتبائي شاهه،
خدا شل ائين ڪري جيئن تون رهين راضي سدا مون کان.
-
ڇا ٿيو جي مڃين نه مخلص کي،
هم صفيرن ۾ پر سو آهه سباق.
-
اڄ سخندانن ۾ سالم ۽ صفا سهڻو سٺو،
منهنجي مخلص جو ڏٺم سڀ شعر شڪربار شوخ.

صوفي“ جي پنهنجي شهر جي هڪ شاعر حافط علي اڪبر سانوڻي قريشي سان ڏي وٺ ٿيندي رهندي هئي. هن پنهنجي هڪ غزل ۾ علي اڪبر جي ڪلام تي چوٽ ڪئي آهي، جنهن جا ڪجهه شعر ملاحظه ڪريو:

ڪنهن نه قامت سان ستون ۽ علم جو آندو مثال،
اي يقيناً ياوه گوئي تنهنجي ڏس تڪرار آهه.

منهن منور کي ڏئين ٿو شمع سان تشبيهه تون،
احمقي اي آهه جو هو نور ۽ هي نار آهه.

فن سخنداني جو سوکو ناهه اي اڪبر ادا،
علم جي ۽ عقل جي ات دوستا درڪار آهه.

صوفي جي تصنيفن ۾ شهيدِ محبت، نيڪيءَ جو نتيجو، بديءَ جو ڦل، گلستانِ ولايت (نثر ۾)، غزلن جو ديوان، سڀ قلمي صورت ۾ سندس پوين وٽ موجود آهي. محمد صالح ڀٽي صوفي جو فرزند هو، جنهن سنڌي ادب ۾ چڱو نالو پيدا ڪيو هو.

ڪلام جو نمونو (1)
عبث اي آسمان هي ڇا ستم آهه،
جدا مون کان ٿيو منهنجو صنم آهه.

منهنجو جاني گهٽيءَ جنهن ۾ گذاري،
اسان جي لاءِ او باغِ ارم آهه.

صبا ساري پرين کي سو سڻائج،
ڪيو جو عرض عاجز دمبدم آهه.

اوهان جي عشق ۾ اي رشڪ يوسف،
وساري مون ڇڏيو ديرو حرم آهه.

هزارين حڪمران حاڪم هليا ويا،
ڪٿي دارا، سڪندر، جامِ جم آهه.

ڌڻي مهرِ حجاز جو کفيم عشق،
اهو ”صوفي“ جو بس دين ۽ ڌرم آهه.
-
جي ساغر صبوحي زپيرِ مغان،
ڏني سر ملي تان سهانگو اٿو.

ملڻ سخت مشڪل آ محبوب جو،
اگر ساهه ۽ سر جو سانگو اٿو.

نه آيو نياپو نه خط ۽ خبر،
نه آيو ڪبوتر نه ڪانگو اٿو.
-

دل ۾ رهي اکين ۾ رهي جان ۾ رهي،
مهمان مهربان سو رهايان ڪٿي ڪٿي.

پهلو ۾ آ، جگر ۾ ۽ سيني ۾ درد آهه،
اي چاره گر تون چئو ته ٻڌايان ڪٿي ڪٿي.

لب، خال، چشم و زلف جا آهن هزار درد،
هي نقد پنهنجي دل جو لڪايان ڪٿي ڪٿي.
-
...

 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو