بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Mir Hussain Ali Khan مير حسين علي خان



مير حسين علي خان ”حسين“




ٽالپر، مير حسين علي خان ’حسين ‘:مير حسين علي خان پٽ مير نور محمد خان -ٽالپر- حيدرآباد جي قلعي ۾ سن 1245 هه/1829ع ۾ پيدا ٿيو. سندس -تعليم- ۽ تربيت شاهاڻي نموني ٿي ۽ سندس لقب ”سرڪار دولت مدار“ هو.
مياڻيءَ جي جنگ کانپوءِ مير حسين علي خان پنهنجي چاچي مير نصير خان سان گڏ قيد ٿي هندستان ويو. جتان گورنر جنرل جي حڪم بعد 1859ع ۾ پنهنجي وطن موٽي آيو ۽ ٽنڊي مير نور محمد (موجوده لطيف -آباد- نمبر 4) ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. جيئن ته سندس ڏاڏو، والد ۽ -ڀاءُ- شاعر هئا، تنهنڪري پاڻ به شاعري ڪندو هو، سندس تخلص ”حسين“ هو. پنهنجي بزرگن وانگر دريا دل، سخي، غريبن جو رکوال ۽ نيڪ -انسان- هو. سندسن هيٺيون تصنيفون آهن:
o مناقب علوي (فارسي نثر)
o ديوان حسين (با -تصوير-، -اردو- غزلن جو مجموعو)
o ديوان حسين (فارسي ۽ -اردو- غزل)
o شاهد الامامت (فارسي نثر)
o لبِ لباب (فارسي نثر)
مير صاحب جو ”ديوان حسين“ فني نقطه نگاهه کان جاذب نظر ۽ شاهڪار آهي، جنهن مان سندس ذوق ۽ فني مهارت جي خبر پوي ٿي، ديوان جي هر صفحي جي وچ تي قلمي رنگين -تصوير- ۽ -ان- جي چوڌاري -اردو- غزلن جا شعر تحرير ٿيل آهن. تصويرن مان ڪي مير صاحبن جون، ڪي هندستان جي شهزادن ۽ شهزادين جون، ڪي ايراني بادشاهن جون آهن. ڪجهه طغرا خطِ ريحان، خط گلزار ۽ خط نستعليق ۾ لکيل آهن. هي ديوان هندستان جي مشهور ڪاتب منشي محمدي ”خادم“ بردواني ڪلڪتيءَ ۾ ڪتابت ڪيو.
ڪلڪتي ۾ مير شهداد خان، مير حسين علي خان ۽ مير حسن علي خان ”ڪتبخانه ايشياٽِڪ سوسائٽي فورٽ وليم ڪاليج ڪلڪتي“ جي بورڊ جا ميمبر هئا. 1858ع ۾ هندوستان جي پهرئين وائسراءِ لارڊ ڪئننگ ۽ -بمبئي- جي گورنر -بارٽل فريئر- هڪ محفل ۾ مير حسين علي خان کي ”-تاريخ- سنڌ“ لکڻ لاءِ گذارش ڪئي. جنهن تي علامه احمد -بن- عبدالحليم سانوڻي هالاڻيءَ تحفه الڪرام جي ٽئين جلد جي نهج تي ”-تاريخ- تحفه السلام طيز“ جي نالي 1277 هه/ 1860ع ۾ لکي، مير حسين علي خان جي نالي سان منسوب ڪئي.
مير صاحب ڪلڪتي کان واپس اچڻ بعد مير محمد نصير خان جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ فرزند ٿيو. جيڪو -ٽالپر- گهراڻي جو آخري هزهائينس هو، جنهن جو نالو مير نور محمد خان ثاني هو.
مير حسين علي خان -تاريخ- 26 ربيع الاول 1295 هه/ 30 مارچ 1878ع -آچر- ڏينهن وفات ڪئي. کيس ٻئي ڏينهن سندس اباڻي قبرستان، ”ميرن جا قبا“ ۾ دفن ڪيو ويو.
...

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو