بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Nawab Ahmed Khan Laghari نواب احمد خان لغاري



نواب احمد خان لغاري

دُرِ ناياب
نواب احمد خان، نواب ولي محمد خان لغاري وزير اعظم جو وڏو فرزند هو. پاڻ پنهنجي والد صاحب جي زير نظرعربي ۽ پارسي جي تعليم حاصل ڪيائين. امارت ۽ وزارت جي معاملن ۽ مسئلن ۾ تربيت ڏيڻ خاطر نواب علي محمد خان کيس حيدرآباد ۾ پنهنجي ٻڌايل ٽنڊو ولي محمد ۾ رهايو. نواب احمد خان جي عوام ۽ راڄن سان دلي محبت هوندي هئي ۽ ڀلائي ۽ بهبودي خاطر پنهنجو پاڻ پتوڙي سندن حمايت حاصل ڪيائين. همت ۽ مردانگي سان گڏ سندس طبيعت ننڍي هوندي کان ئي فقير ڏانهن مائل هئي. ٺٽي جي درويش “شاهه بلاول” جو مريد ٿيو جو پوءِ لڏي ڀين ۾ آيو ۽ “ڀين وارو صاحب” سڏجي ٿو.
مير صاحبن جي اسرار تي شاهه بلاول سنڌ ڇڏي مسقط ڏانهن روانيو ٿيو ۽ ويندي وقت نواب احمد خان کي چيائين ته مريد اسان جو آهين، پر صحبت وڃي صوفي فضل الله قلندر جن سان ميرانپور “جهوڪ”  ۾ ڪر. نواب احمد خان پوءِ صوفي شاه قلندر جو مريد ٿيو. نواب صاحب علم دوست مطالعي جو شوقين هو. کيس پنهنجو ڪتب خانو هو. جو سنڌ ڇڏڻ وقت پڻ سنڀالي ساڻ کنيائين. نواب  صاحب 21 فيبروري 1870ع تي وفات ڪئي.
...

 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو