مرزا مراد علي بيگ ”ٻڍل“
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
ٻڍل بيگ ميرزا: ميرزا ٻڍل بيگ ولد مرزا فتح علي بيگ، تخلص
’ٻڍل‘ 1279 هه مطابق 1862ع ۾ حيدرآباد ۾ تولد ٿيو. هن جا وڏا خيرپور جي ميرن وٽ
معزز عهدن تي هئا. جتان حيدرآباد جي ميرن کين مرثيه گوئي ۽ ماتمداريءَ لاءِ پاڻ وٽ
گهرائي ورتو هو ۽ ميرزا ٻڍل بيگ جي والد ميرزا فتح علي بيگ کي مير حسن عليءَ پاڻ
وٽ مرثيه خوان مقرر ڪيو هو. ننڍي هوندي هن کي -آخوند- علي محمد جي
مڪتب ۾ پڙهائڻ لاءِ ويهاريو ويو، جتي سنڌيءَ سان گڏ پارسيءَ ۾ -تعليم-
حاصل ڪيائين. -تعليم- ختم ڪرڻ کان پوءِ پهريائين پوليس پوءِ ميونسپل
۾ نوڪري ڪيائين، جا پسند نه هئڻ ڪري ڇڏي ڏنائين. هڪڙي ڀيري مير نور محمد خان سندس
اکر ڏسي کيس پنهنجو ڪاتب مقرر ڪيو. پهرين مير صاحب جو ڪليات لکيائين. پوءِ سندس
لئبرريءَ جي لاءِ ڪيترن ناياب ڪتابن جي ڪتابت ڪيائين. مير نور محمد سندس حسن
ڪارڪردگي، ذهانت، قابليت ۽ حسن اخلاق کان ايترو متاثر ٿيو، جو هن کي پنهنجو وزير
مقرر ڪيائين ۽ پنهنجن معاملن ۾ هن کان صلاح مشورو وٺڻ لڳو. ميرزا ٻڍل بيگ کي طب ۽
موسيقيءَ سان خاص شغف هو. هو موسيقيءَ جو سٺو ڄاڻو هو. مرزا ٻڍل بيگ جو مير
عبدالحسين سانگيءَ سان به گهرو ناتو هو .
ميرزا ٻڍل بيگ 1334هه/ 11 سيپٽمبر 1916ع تي سومر جي ڏينهن شام جو وفات ڪئي. کيس مير نصير خان جي مقبري ۾ امانت طور دفن ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ مير نور محمد سندس لاش کي ڪربلا معليٰ کڻائي ويو ۽ کيس -امام حسين عليه السلام- جي روضي ويجهو دفن ڪرايو. هن قصي کي ميرزا قربان علي بيگ نثري سفر نامي ۾ قلمبند ڪيو آهي. ساڳيءَ طرح مير حسن علي خان -ٽالپر- جو لاش ڪربلا معليٰ کڻائي وڃي -امام حسين عليه السلام- جي روضي مبارڪ ۾ دفنايو ويو. -ان- قصي کي ميرزا ٻڍل بيگ منظوم سفر نامي ۾ قلمبند ڪيو آهي. اهي ٻئي سفرناما صفدر حسين ميرزا مرتب ڪري چڪو آهي. سندس تصنيفن ۾ ”شگوفهءِ ماتم“ ٻن جلدن ۾ 1908ع ۾ ڇپيل آهي. باقي هيٺيان ڪتاب قلمي صورت ۾ موجود آهن. ’غزلن جو ديوان‘ (مرتب صفدر حسين ميرزا)، ’ڪليات مرثيه‘ (مفصل احوال سان گڏ مرتب صفدر حسين ميرزا)، ’مختار نامه‘، ’حمله حيدري‘ (ٻه جلد) ’سفر نامه ڪربلا معليٰ‘. ميرزا ٻڍل بيگ جو والد ميرزا فتح علي هڪ سٺو شاعر ۽ مرثيي گو هو ۽ سندس وڏو -ڀاءُ- ميرزا قاسم علي بيگ به مرثيي سان گڏ غزل جي ميدان ۾ وک وڌائي هئي، تنهنڪري هن کي ننڍپڻ کان وٺي مرثيي چوڻ جو شوق جاڳيو ۽ هن سنڌي مرثيي گوئيءَ ۾ مٿانهون درجو حاصل ڪري ورتو. شاعري ۾ -اصلاح- پهريان پنهنجي والد کان، پوءِ پنهنجي وڏي -ڀاءُ- ميرزا قاسم علي بيگ کان وٺندو هو، جنهن جي مشوري تي هن پارسي ۽ -اردو- غزل ۾ پنهنجو تخلص مرزا ۽ سنڌيءَ ۾ ٻڍل بيگ اختيار ڪيو. هن مصري شاهه نصرپور واري کي پڻ پنهنجو -استاد- بيان ڪيو آهي. ميرزا ٻڍل بيگ جي غزلن ۾ پنهنجي دور جي روايت مطابق پارسي رنگ چڙهيل آهي، پر هن جي غزلن ۾ سوز و گداز، رواني، سلاست ۽ زبان جون خوبيون موجود آهن، جنهنڪري هن جي غزل ۾ ميٺاڄ پيدا ٿي ويو .

...
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو