بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Akhund Lutfullah آخوند لطف الله



آخوند لطف الله ”لطف“

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا



آخوند لطف -الله- ”لطف“ قريشي: -آخوند- لطف -الله- ولد -آخوند- محمد اسحاق قريشي 1842ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. پاڻ حيدرآباد جي مشھور پاڙي ”گنج بخش شاھ“ جي پـِڙ ۾ رھندڙ قريشي خاندان جو فرد ھو. ابتدائي -تعليم- پرائڻ کان پوءِ پھرين -آخوند- محمد صديق جي مڪتب ۾ پڙھائڻ شروع ڪيائين، بعد ۾ لوڪل بورڊ طرفان پرائمري -استاد- مقرر ٿي، چنيجن، نصرپور، -تاج- پور ۽ ٻين ھنڌن تي پڙھائيندو رھيو. پڇاڙيءَ ۾ حيدرآباد ۾ ٽنڊي ولـي محمد اسـڪول (قاضي عبدالقيوم اسڪول) جو ھيڊماستر ٿيو.
آخوند صاحب سٺو نثر نويس، نظم گو ۽ ذوق سليم جو مالڪ ھو. طبابت جي ڪم کان واقف ھو. پاڻ -اردو- ٻوليءَ جي مشھور ڪتاب ”فسانه عجائب“ جو ”گل خندان“ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. شاعريءَ ۾ ”لطف“ تخلص اختيار ڪري، مداحون، مناجاتون ۽ مولود چيائين.
مير عبدالحسين خان ”سانگي“ ۽ مرزا قليچ بيگ سان سندس روح رھاڻيون ٿينديون ھيون. 1898ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ باقي عمر طبابت جي ڌنڌي ۾ گذاريائين. پاڻ ڊسمبر 1902ع ۾ ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ’جان عالم‘ ۽ ’انجمن آرا‘ به سندس تصنيفون آھن. کيس ٻه فرزند ۽ ھڪ نياڻي ھئي.
...

 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو