بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Hizhines Mir Sobdar Khan هزهائينس مير صوبدار خان



هزهائينس مير صوبدار خان “مير”

دُرِ ناياب
هزهائينس نير صوبدار خان ولد مير فتح خان ٽالپر، پنهنجي والد صاحب جي وفات کان ٻه ڪلاڪ اڳ آڌي رات جو حيدرآباد جا قلعي ۾ تولد ٿيو. سندس ولادت جي تاريخ محرم الحرام نائين ۽ ڏهين جي وچ واري رات 1217ه مطابق 12 اپريل 1802ع هئي. سندس تعليم و تربيت پنهنجي چاچن جي هٿ هيٺ ٿي. ليڪن اڳتي هلي سندس دماغ ۾ حڪومت ڪرڻ جا خيال جاڳيا، جنهن ڪري لشڪري گڏ ڪري پنهنجن چاچن (مير ڪرم علي خان ۽ مراد علي خان) سا جنگ جوٽيائين. لشڪر وارن جڏهن مير مراد علي خان جي اچڻ جو ٻڌو ته اٺن هزارن جي لشڪر مان مشڪل سان هڪ هزار کن وڃي بچيا، ٻيا ڀڄي ويا. مير صوبدار اها حالت ڏسي وڃي چاچي کي پيش پيو. مگر آخري دم تائين سندس دل منهنجن چاچن ڏانهن صاف نه رهي. مير نصير خان جن جي عهد ۾ پاڻ پنهنجي حڪومت جا بنياد خود ڪمزور ڪيائين. ايتري قدر جو مياڻيءَ واري ميدان ۾ به مير نصير خان جو ساٿ نه ڏنائين، نتيجي ۾ مير نصير خان لڙائي هارائي واپس ٿيو.
مير صاحب جو انتقال 14 رجب 1262 هه بمطابق 9 جولاءِ 1842ع ۾ ٿيو.
....


 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو