بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Hizhines Mir Mohd Naseer Khan هزهائنس مير محمد نصير خان



هزهائنس مير محمد نصير خان “جعفري”

در ناياب
هزهائينس مير محمد نصير خان ٽالپر ولد مير مراد علي خان ٽالپر تاريخ 17 محرم الحرام 1217 هجري مطابق 17 مئي 1840ع تي تولد ٿيو. ابتدائي تعليم لاءِ سندس والد صاحب آقا مير حسين شيرازي (مجتهد) ۽ آخوند محمد بچل متعلوي کي مقرر ڪيو. پاڻ 38 سالن جي عمر ۾ تاريخ 17 شوال 1255 هجري مطابق 24 ڊسمبر 1839ع بروز اڱارو سنڌ جي حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو تاريخ 17 فيبروري 1843ع بروز جمع مياڻي جي ميدان ۾ مير صاحب جن انگريزن کان شڪست کاڌي. چارلس نيپيئر سڀني مير صاحبان کي پهرين بمبئي، پوءِ پوني ۽ پوءِ ساسور موڪليائين. جتي هڪ سال گذارڻ بعد مير محمد نصير خان سمورن مير صاحبن سان گڏ ايلمبرو سان فيصلي نبيرڻ لاءِ ڪلڪتي ڏانهن ويوليڪن اوچتو ئي اتي 6 ربي الثاني 1261 هه مطابق 14 اپريل 1845ع تي وفات ڪيائين، وصيعت مطابق لاش کي ڪربلا معلى (عراق) ڏانهن موڪلڻ بدران پهرين هڪ سال لاءِ بطور امانت، ڪلڪتي ۾ دفنايو ويو سال کان پوءِ لاش کي اتان ڪڍي بمبئي ۾ آندائون ته جيئن ته ڪراچي واري رستي کان لاش ڪربلا ڏي موڪلي سگهجي. پر انگريزن لاش کي ڪربلا موڪلڻ بدران پوني ۾ دفنائي ڇڏيو جتان گورنر جنرل، لارڊ ڊلهائوزي جي حڪم سان 1855ع ۾ مير صاحب جي لاش کي پوني مان کڻي حيدرآباد ۾ آڻي رات و رات ميرن جي قبن تي  دفنايو ويو. مير محمد نصير خان جنهن ماحول ۾ اک پٽي سو شعرو سخن جو پرورش گاه هو. سندس تصنيفات حسب ذيل آهي.
1-       “قصئه مرزا و صاحبان ”  پارسي مثنوي
2-       “مختار نامه” پارسي مثنوي
3-       “ديوان جعفري” پارسي
4-       “ديوان جعفري” پارسي ۽ اردو
....


 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو