بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Hizhines Mir Shahdad Khan هزهائينس مير شهداد خان



هزهائينس مير شهداد خان ”حيدري“

دُرِ ناياب
هزهائينس مير شهداد خن ولد هزهائينس مير نور محمد خان ٽالپر، مير ڪرم علي جي عهد ۾ 19 ڊسمبر 1822ع تي تولد ٿيو. دستور موجب الحاج محمد حسن بيدل شيرازي سندس استاد مقرر ڪيو ويو. جنهن کان علم صرف. نحو، معاني۽ عروض وغيره جي تعيم ورتائين. مير شهداد خان مياڻي واري جنگ (1843) ۾ سپهه سالار هو. چارلس نيپئر، سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ گورنر جنرل لارڊ النبرو کي لکي، ٻين ميرن کان جدا صورت ۾ نظربند ڪرايو، ڇو جو مٿس هي الزام مڙهيل هئا: ته هن لڙائي کان چند ڏينهن اڳ برٽش ڪئمپ کي باهه ڏني هئي ۽ ڪئپٽن اينس کي قتل ڪيو هو.  نجهن جي نتيجي ۾ مٿس ڪيس هلايو ويو، جيڪو سانده اٺ سال هلي چڪو هو ته هندستان جو نئو گورنر جنرل لارڊ ڊلهائوزي ٿي آيو، جنهن کيس بي قصور ثابت ڪري بري ڪيو. ان بعد کيس ٻين ميرن سان گڏ ڪلڪتي ۾ رهايو ويو. جيتوڻيڪ کين سنڌ ڏانهن (وطن) واپس ورڻ جي پڻ اجازت ملي ليڪن پاڻ کنگهه ۽ دم جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيو. ڪيترن ئي ڊاڪٽرن سندس علاج ڪيو، پر فائدو نه ٿيو. بار بار پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي پنهنجي شفايابي لا دعائون گهريون اٿس. آخر تاريخ 8 محرم الحرام 1274ع هه مطابق 28 آگسٽ 1857ع تي ڪلڪتي ۾ وفات ڪيائين. سندس لاش حيدرآباد آڻي سندس والد صاحب جي پهلو ۾ دفنايو ويو. مير صاحب ٽالپر خاندان ۾ پنهنجي نوعيت جو هڪ اعلى پارسي گو شاعر ۽ صاحبِ ديوان هو. پاڻ سنڌيءَ ۾به سٺي شاعري ڪئي اٿس.
...

 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو