بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Syed Ghulam Mohd Shah سيد غلام محمد شاه



سيد غلام محمد شاه ”گدا

ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌي غزل جو روشن آفتاب، رضوي سادات سيد حاجي غلام محمد شاه ”گدا“ ولد سيد حسن علي شاه، ميراڻي دور ۾، 1242 هه = 1826ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس جد- امجد، سيد بچل شاه وڏو عابد؛ زاهد، عالم، فاضل ۽ هڪ ڪامل انسان هو. قادري طريقت ۾ رهندي، ڪيترن ئي عقيدتمندن کي فيض الاهيءَ جي ابدي شرف کان روحاني فيض طرف مائل ڪيائين.
سيد حسن علي شاه کي بجاراڻي ٽالپرن وٽ چڱو عهدو مليل هو؛ جنهن پنهنجي لاڏلي فرزند؛ سيد غلام محمد شاه کي چڱي تعليم سان مزين ڪيو. اهو ئي سبب آهي، جو ”گدا“ ، عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو زبانن تي چڱي ڄاڻ حاصل ڪئي هئي. خاص ڪري پارسي زبان تي عبور حاصل هوس. سندس ابتدائي استادن ۾: قرآن پاڪ گهر ۾ پنهنجي ڏاڏي وٽان، فارسي شراڻي آخوندن وٽان ۽ عربيءَ جي جوت، حيدرآباد ۾ گدو بندر کان ڏاکڻي طرف ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي، ٽنڊي مير محمد ڳوٺ ۾ گذاريائين. مير صاحبان سندس شيدائي هئا. کيس درٻار مان وظيفو مقرر ڪري ڏنائونس. پوءِ ته پاڻ خاص موقعن تي قصيدار ۽ ٻيون ڪيترن ئي قسمن جون مسرت خيز ڳالهيون (قصا) قلمبند ڪندو رهيو. انهن تي شاهاڻيون خلعتون ۽ وقت بوقت انعام اڪرام به ملندا رهيس.
انهن ڏينهن ۾ مير عبدالحسين خان ”سانگي“ (1851ع – 1924ع) سان به ڏيٺ ويٺ ٿيس، جيڪو پوءِ سخن جي سلسلي ۾ سندس شاگرد ٿي رهيو. ”گدا“ سنڌ جو چپو چپو چڱيءَ طرح گهمندي، عربستان، ايران، عراق ۽ هندستان به ويو آهي. ڪربلا معليٰ، مشهد مقدس، شاهه نجف، بغداد ۽ ڪاظيمن مان زيارتون ڪندو، لس ٻيلي (بلوچستان) به ڄامن سان رهاڻيون ڪيون اٿس. ڪن روايتن موجب ڄام کيس گهر ريٺي گذر سفر لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڏيندا به رهندا هئا. ٻه حج به نصيب ٿيس.
زندگيءَ جون اٺهٺ بهارون ڏسي، 9 ذوالقعد 1322 هه = 11 جنوري 1905ع تي ”گدا“ حيدرآباد ۾ ئي راه رباني ورتي. کيس ٽنڊي آغا جي قديم قبرستان ۾ آرامي ڪيو ويو. پٺيان نرينه الاد ۾ ٻه پٽ ڇڏيائين. پاڻ هڪ حق گو سني مسلمان ۽ سچو عاشق - رسول هو. صحابه ڪرام ۽ بغدادي بادشاه سيد عبدالقادر جيلاني رح جو مداحي هو. صوم صلواة جو پابند ۽ هر وقت حلال روزيءَ جو خواهان ۽ مهمانواز هو. سندس خاص صحبتي شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، آخوند لطف الله ”لطف“ ، آخوند محمد قاسم هالائي، سيد غلام مرتضيٰ شاه ”مرتضائي“ ۽ ميمڻ محمد هاشم ”مخلص“ کي وساري نه ٿو سگهجي.
گدا“ ، شاعريءَ جي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ امتيازي حيثيت رکي ٿو. سندس شمار سنڌ جي انهن همه دان قادر الڪلام شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن جي پرگوئي ۽ وسعت نظريءَ سنڌي شاعريءَ کي وقعت بخشي آهي. پاڻ جيئن ته منڪسر المزاج ۽ گوشه - نشين بزرگ هو. وقت جا شاعر کيس ”استاد الشعراءُ“ سڏيندا هئا. سندس مڪمل ڪلام آهي، جيڪو ”ڪليات گدا“ جي نالي سان، 1957ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو آهي.
ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته ”گدا“ ٻين صنفن سان ”غزل“ جي صنف تي وڌيڪ طبع آزمائي ڪئي آهي. ساڳئي وقت قصيدا، مثنويون، قطعا، مستزاد ۽ نعتيه نظم به سندس ڪلام جو روح آهن. مذڪوره ڪليات ۾ فارسي ۽ اردو ڪلام به جهجهو آيل آهي.
...


 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو