بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Syed Saabit Ali Shah سيد ثابت علي شاهه



سيد ثابت علي شاهه

ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سيد ثابت علي شاه ولد سيد مدار علي شاه، ميراڻي دور ۾ سنڌي زبان جو هڪ بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 14 محرم الحرام 1153 هه مطابق 1740ع تي ٿي آهي. خاص ڪري ”مرثيه“ جي صنف ۾ ته سندس نالو سر – فهرست آهي. پاڻ اصل ملتان (پنجاب) جو هو. زندگيءَ جو وڏو حصو سيوهڻ شريف ۾ گذاريائين، جتي 72 ورهين جي ڄمار ۾، 27 ربيع الثاني 1225 هه مطابق 1810ع تي راه رباني ورتائين. پاڻ جيتوڻيڪ پڪو شيعو هو ۽ شيعن حاڪمن (ميرن) جو خاص ماڻهو هو. تڏهن به عقيدت جي لحاظ کان چئن يارن سڳورن ۽ بادشاه پير دستگير سيد عبدالقادر جيلاني رح جن جي شان ۾ مداحون به چيون اٿس. نموني طور سندس هڪ ”مرثيه“ مان چند مصرعون هيٺ ڏجن ٿيون.
شام غربت مثل هو صبح يتيمان حسين،
وا حسرٽا به صبح يتيمان ڪربلا.
صبح محشر مثل ٿيو شام- غريبان حسين،
وا غربتا به شام غريبان ڪربلا.“
..


 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو