بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Pir Syed HizbullaH Shah پير سيد حزب الله شاه



پير سيد حزب الله شاه ”مسڪين“

مولانا اسدالله عباسي سڪندري
سنڌ جي سونهاري سرزمين تي ڪيترائي الله پاڪ جا برگزيده ٻانها رب ڪريم جي مخلوق جي هدايت واسطي پيدا ٿيا، تن صالحن مان هن سنڌ ۽ هند کي پنهنجي نوراني فيض سان رنگيندڙ ڪيتريون ئي هستيون پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري ويون ليڪن انهن سڀني هستين ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙ ۽ هند، سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجي فيض جي پالوٽ ڪندڙ ذات امام العارفين والعاشقين پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي رضي الله عنه جي آهي. جو ڪيترن ئي انسانن کي الله ۽ ان جي رسول صلي الله عليه وسلم جو رستو ڏيکاري پنهنجي ناني نبي جي دين جي خدمت ڪئي اٿن، پنهنجي زندگي جا 45 سال رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي سنت کي جيارڻ ۽ ان جي سبق ڏيڻ ۾ گذاريا، سندن وصال کان بعد سندن مسند کي سنڀالڻ وارو ولي ابن ولي سيد صبغة الله شاه (اول) پير سائين تجر ڌڻي رضي الله عنه پهريون پاڳارو بڻيو، سندن ذات نهايت ئي اعليٰ صفات جو مجموعو هئي ۽ انجي وصال کان بعد ان گادي جو ٻيو سرواڻ سيد علي گوهر شاه (اول) پير سائين بنگلي ڌڻي ٻيو پاڳارو بڻيو، سندن جي مبارڪ زندگي پڻ هڪ سهڻو نمونو آهي،
الله تبارڪ و تعاليٰ کين اولاد ۾ هڪ فرزند ارجمند عطا فرمايو، جنهن جو اسم مبارڪ سيد حزب الله شاه لقب “تخت ڌڻي” آهي. سندن ولادت 18 شوال 1258 ھ تي ٿي. پير سائين حزب الله شاه تخت ڌڻي رحمة الله عليه جن پير سائين علي گوهر شاه (اول) بنگلي ڌڻي بادشاه جا اڪيلا فرزند هئا،  شروعاتي سبق پنهنجي والد ماجد کان حاصل ڪيائون، پاڻ اڃان 5 سالن جا صغير هئا جو والد ماجد حضرت پير سائين بنگلي ڌڻي بادشاه ڀرپور جواني ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري  پنهنجي رب ڪريم سان وڃي مليا، ۽ ان پنجن سالن جي عمر ۾ حضرت پير سائين حزب الله شاه تخت ڌڻي رحمة الله عليه ننڍپڻ ۾ گادي نشين ٿيا.
والد صاحب کان بعد سندن خاندان مان سندن چاچي سيد علي حيدر شاه ۽ والد مڪرم جي خليفي فقير نبي بخش لغاري جي نگراني هيٺ سندن پرورش ٿي، ڪجهه سبق پنهنجي والد صاحب کان پڙهڻ کان بعد سندن وڌيڪ  تعليم لاءِ آخوند ميان محمد عرف ميان ممون کي مقرر ڪيو ويو، آخوند اصل لاڙڪاڻي جا هئا پر پوءِ اچي  درگاه شريف تي رهيا ۽ پير سائين سان مخلصانه مريدي وارو تعلق هو، جڏهن پير سائين بنگلي ڌڻي بادشاه ڪجهه وقت لاءِ درگاه شريف کان درياء پار هجرت ڪئي هئي ته هي آخوند به ساڻن گڏ هو، آخوند ميان محمد وٽ شروعاتي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ مولوي محمد عيسيٰ ٺارو شاهي وٽ پاڻ وتيڪ فارسي تعليم شروعاتي پندرهن سالن تائين پڙهندا رهيا،ان بعد وڌيڪ مطالعو پنهنجو پاڻ ڪيائون.  بزرگ استادن کي مقرر ڪيو ويو خليفه نبي بخش لغاري هميشه خدمت ۾ پيش پيش هوندو هو.
هڪ دفعي خليفي صاحب ڏٺو ته بنگلي جا نوڪر ۽ ڪامي ڪمسن پاڳاري سان گڏجي باغ مان بلبل پڪڙي رهيا آهن کين تمام گھڻو غصو آيو ۽ نوڪرن ۽ ڪامين کي تنبيھ ڪندي چيائين هن ننڍڙي صغير پاڳاري ۾ جيڪي گڻ لڪيل آهن اُهي منهنجون اکيون ڏسي رهيون آهن ۽ پير سائين جي وڏي ٿيڻ کان بعد جيڪي جيئرا هوندا اُهي هن پاڳاري جا گڻ ضرور ڏسندا ۽ واقعي ڏسندڙن ڏٺا. پير سائين حزب الله شاه تخت ڌڻي جن بالغ ٿيڻ کان بعد جماعت جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪم شروع ڪيو، درگاه شريف کان وٺي پوري سنڌ، جيسلمير، نارو، اڙيسه، جوڌپور ۽ انڊيا جي ٻي رياستن سان گڏ بمبئي تائين جا سفر ڪري دين اسلام جي تبليغ ڪري، مسلمانن کي سنئي واٽ ڏيکاري ۽ پنهنجي جماعت ۾ تمام گھڻو واڌارو ڪيو. ان کان علاوه جيسلمير جي سفر دوران هڪ تخت ٺهرائي درگاه شريف تي کڻي آيا جنهن جي ڪري جماعت ۾ تخت ڌڻي جي لقب سان مشهور ٿيا سندن محفل ۾ هميشه عالم اديب دانشور ۽ فاضل هوندا هئا جن مان محمد عاقل عاقلي، بهاءُالدين بهائي، سندن صاحبزادو حضرت علي گوهر شاه( ثاني ) محافي ڌڻي جا نالا قابلِ ذڪر آهن.
پير سائين جن پاڻ فارسي جا “صاحبِ ديوان” شاعر هئا، ۽ شاعري ۾ پاڻ “مسڪين” تخلّص ڪم آندو اٿن، پاڻ صاحب ديوان هجڻ سان گڏو گڏ داد ڏيڻ ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هوندا هئا، هڪ محفل ۾ بهاءُالدين بهائي جي شعر مان متاثر ٿي هڪ هاٿي انعام طور ڏنائون، جيڪو بهائيءَ بهاولپور جي راجا کي وڪرو ڪري ڏنو، ان کان علاوه هڪ پرنٽنگ پريس پڻ خريد ڪري ڏنائون جنهن جي “مطبعه راشديه” سان وڏي شهرت ٿي، ۽ مولوي صاحب ان مان ڪجھه ڪتاب به ڇپائي پڌرا ڪيا.
سخاوت سندن رڳ رڳ ۾ سمايل هئي سڄي ڏينهن ۾ سندن خدمت ۾ کوڙ سارا نقد زيور ۽ ڍور ڍڳا نذر ۾ پيش ٿيندا هئا پر اُهي سڀ پاڻ خيرات ڪري ڇڏيندا هئا. روايت آهي ته هڪ ڀيري هڪ غريب سيد اچي عرض ڪيو ته منهنجي نياڻي جي شادي آهي منهنجي مدد ڪئي وڃي، اُهو صبح جو پهر هيو، پاڻ سيد کي فرمايائون اوهان شام تائين ترسو جيڪو بندوبست ٿي سگھيو ڪريون ٿا، شام تائين پير سائين حزب الله شاه جن جي سامهون ڪافي مقدار ۾ زيور نقدي ۽ جانور جمع ٿي ويا شام جو ان سيّد کي سڏائي چيائون ته سڀ کڻ! سيّد صاحب چوندو رهيو ته قبلا هي سڀ منهنجي حيثيت ۽ وت کان گھڻو آهي هي هيترو سامان مان ڪاڏي ڪندس مگر پير سائين جن زور زبردستي سان سڀ ڪجهه کيس کڻايو پاڻ ايترا سخي هوندا هئا جو ايتري مال ۽ دولت ملندي به سندن خزانو خالي رهيو، ڪو به سوالي سندن در تان خالي نه موٽيو، ايتري قدر  جو سندن وفات بعد خبر پئي ته ٽي لک رپيه قرض آهي. سخاوت جي انتها آهي جو وفات وقت کين اهو افسوس رهيو ته ڪنهن به شخص کانئن هڪ لک روپين جو سوال نه ڪيو. پاڻ جماعت جي تربيت سان گڏوگڏ درگاه شريف جي تعمير کان به غافل نه رهيا، سندن والد صاحب جي وقت روضو تعمير ٿيو هو پر اُهو ننڍو هو، ان سان گڏ مسجد به ننڍي ۽ تعميراتي اعتبار سان سادي هئي، پاڻ روضي کي ويڪرو ڪري، مٿان سونهري گنبذ تعمير ڪرايائون مسجد جي تعمير ۽ توسيع ڪرايائون. مسجد جي چٽسالي جي ڪم ۾ هڪ سر تي پاڻ چٽسالي ڪري ڪاريگرن کي ڏيندا هئا بعد ۾ اهڙيون سرون  ڪاريگر تيار ڪندا هئا، مسجد جي ڇت ساڳ جي ڊگهن ٿنڀن تي ويهاري وئي ۽ انهن ٿنڀن کي هيٺيان خاص پٿر ڏنا ويا جيڪي جيسلمير کان خاص گھرايا ويا هئا.
پاڻ صوم ۽ صلوٰة جا پابند هئا ۽ پنهنجي جوڙايل مسجد ۾ اڪثر پنهنجي صاحبزادن سان گڏ نماز ۾ شامل هوندا هئا ۽ پاڻ پيش امامي فرمائيندا هئا ۽ نماز بعد پوئلڳن کي ذڪر جي تلقين ڪندا هئا ۽ ذڪر اهڙي انداز سان ٿيندو هيو جو ڪيترن فقيرن تي وجد طاري ٿي ويندو هو ۽ ڪيئي بيهوش ٿي ويندا هيا، سنڌ جا مير صاحبان خاص ڪري رياست خيرپور جا مير حاڪم هن گادي جي وڌندڙ طاقت کان هميشه خائف رهيا ۽ پير صاحبن ۽ جماعت کي هميشه پريشان پيا ڪندا ايندا هئا ان حد تائين جو پير سائين حزب الله شاه جي والد صاحب کي هجرت به ڪرڻي پئي، پير سائين علي گوهر شاه اول بنگلي ڌڻي کان بعد به ميرن جي روش ساڳي رهي، جواب ۾ پير سائين حزب الله شاه تخت ڌڻي رحمة الله عليه ميرن تي ڪجهه سختي ڪئي، جڏهن انگريزن سنڌ تي مڪمل حاڪمي حاصل ڪئي تڏهن پنهنجي وفاداري جي ڪري مير علي مراد ٽالپر کي خيرپور جو والي برقرار رکيو پر انگريز خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ پير صاحب ۽ جماعت تي بي جا ظلم ۽ سختي روا رکي ان لاءِ پير صاحب جنگ ۽ جهيڙي بدران سياسي فهم استعمال ڪندي پير ڳوٺ ۽ آسپاس جو ڪجهه علائقو ميرن جي خيرپور رياست کان الڳ ڪرائي برٽش گورنمينٽ سنڌ جو حصو ڪرائي ڇڏيو ۽ اهڙي طرح ميرن جي شر کان محفوظ ٿيڻ جو سوچيائون ته وري ميرن طرفان پير سائين حزب الله شاه تخت ڌڻي رحمة الله عليه کي زهر ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪا ڪامياب نه ٿي انهيءَ تي فقيرن به ڪاوڙ ۾ مير تي حملي جي سِٽ سٽي ۽ هڪ فقير مير صاحب تي طمنچه (ننڍي قسم جي بندوق) سان حملو ڪيو ليڪن مير ان حملي ۾ بچي ويو ۽ ٿورو زخمي ٿيو ته وري ميرن ان تي پير سائين حزب الله شاه تخت ڌڻي تي ڪوڙو خون جو ڪيس داخل ڪرايو جيئن ته ان وقت پير جي ڳوٺ جي ايراضي برٽش حڪومت روهڙي سان لاڳو هئي، انگريزحڪومت پير صاحب کي گرفتار ڪري  ٻيڙي رستي حيدرآباد وٺي ٿي ويا، درگاه ۽ جماعت لاءِ هي هڪ وڏو صدمو هو، ان وقت پير صاحب جن سان سندن چاچو علي حيدر شاه به گڏ هو ۽ مٿس ايترو ته اثر ٿيو جو بي اختيار ٿي ان ٻيڙي مان درياه ۾ ٽپو ڏنائين، سندس چاچي سيد علي حيدر شاه کي پير سائين جي حڪم تي جلد ئي اتان جي ميربحرن ڪڍي ورتو ۽ حيدرآباد آندو، جتي ڪيس هليو ۽  کين ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. جنهن ۾ ديوان ميٺارام گدواڻي وڪيل هو، ان جي محنت ۽ روضي واري جي دعا سان ڪيس ڪوڙو ثابت ٿيو ۽ بعد ۾ ميرن به پڇتايو، پاڻ معافي وٺڻ تي ميرن کي معاف ڪري ڇڏيائون ۽ اڳتي هلي تعلقات ۾ بهتري آئي.
پير سائين حزب الله شاه تخت ڌڻي رحمة الله عليه جن روضي ڌڻي جي گادي جا وارث، الله ۽ ان جي رسول سان بيحد محبت ڪرڻ وارا، هميشه شريعت جي پاسداري، غير شرعي ڪمن کان هميشه منع ڪندا هئا. نشو واپرائڻ، شراب پيئڻ ۽ برين صحبتن کان هميشه روڪيو اٿن. پاڻ هميشه شريعت مطهره تي ثابت قدم رهيا.
ايتري حد تائين جو سکر واري لينس ڊائون پل جي افتتاحي تقريب ۾ سندن دعوت هئي، ان پروگرام ۾ بمبئي جو گورنر به شريڪ ٿيو هو ان وڏي سرڪاري جلسي ۾ ٽيبل تي شراب جا گلاس سينگاريا ويا هئا، مسلمانن توڙي غير مسلم سڀني کي شراب جا جام پيش ڪيا ويا، پاڻ انوقت اٿي سخت لهجي ۾ شراب خلاف تقرير فرمايائون ۽ بائيڪاٽ ڪيائون، جنهن تي انگريز حڪومت مجبور ٿي اُهي شراب جا گلاس هٽرايا، تنهن کان بعد پاڻ اتي ڪجهه دير ترسيا جيئن ته پير سائين حزب الله شاه تخت ڌڻي رحمة الله عليه محب وطن انسان هئا ۽ هميشه ان ڪوشش ۾ رهندا هئا ته انگريز پليت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪجي ان لاءِ پاڻ ترڪي جي سلطان ڏانهن پڻ خط لکيائون ته ملي ڪري هن باب الاسلام کي انگريز جي ظلم کان آزاد ڪرائجي اهڙو هڪ خط درگاه شريف تي پڻ موجود آهي ان جو عڪس سندس شاعري جي ڪتاب ديوان مسڪين ۾ پڻ موجود آهي پير سائين تخت ڌڻي جن 45 سال روضي واري جي گادي جا سرواڻ رهيا
کين ٻه ڀيرا زهر ڏيڻ جون غليظ ڪوششون ٿيون پر دشمن ناڪام رهيا.
نيٺ ٽئين دفعي چار محرم الحرام تي کين زهرمليل پيالو پيش ڪيو ويو ته پاڻ اُهو پيالو پيئندي چيائون هي تقدير جو فيصلو آهي ان کان اڳ آسمان ۾ اسُر وقت  (پڇڙ تارو) ڏٺائون ۽ صاحبزادي علي اصغر شاه کي سڏائي ساڻن ان پڇڙ تاري جي بابت ڳالهيون ڪيائون ۽ کانئس راءِ طلب ڪيائون، صاحبزادي عرض ڪيو يا حضرتا اسان ٻڌندا آهيون ته جڏهن به پڇڙ تارو ايندو آهي ته ڪو غوث يا حاڪم جهان ڇڏيندوآهي ان جي جواب ۾ پاڻ فرمايائون ته  اڄ اسان جي رب ڪريم جي بارگاهه ۾ حاضري آهي، سندن زبان مان نڪتل لفظ سچ ثابت ٿيا، پاڻ 4 محرم الحرام تي جمعي جي ڏينهن وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليا.
پير سائين سيّد حزب الله شاه تخت ڌڻي رحمة الله عليه جون چار شاديون هيون جن مان کين 8 فرزند ارجمند هئا.
(1)سيّد علي گوهر شاه
(2) سيّد شاه مردان شاه
(3) سيّد علي مظفر شاه
(4) سيّد غلام مصطفيٰ شاه
(5) سيّد علي اصغر شاه
(6) سيّد علي سرور شاه
(7) سيّد محمود شاه
(8) سيّد عنايت الله شاه
پير سائين سيّد صبغت الله شاه ثاني پڳ ڌڻي (سورهيه بادشاه) جن هميشه فرمائيندا هئا ته مان انهن اکين کي ڏسڻ جو مشتاق آهيان جن اکين پير سائين حزب الله شاه تخت ڌڻي رحمة الله عليه جن کي ڏسڻ جو شرف حاصل ڪيو آهي.
....

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو