بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Akhund Abdul Qadir آخوند عبدالقادر



آخوند عبدالقادر ”بيدل“

آخوند عبدالقادر ولد محمد پناهه ڀٽو تخلص بيدل پنهن جي وقت جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. هن شڪارپور جي مشهور عالم خليفي عبدالله کان عربي ۽ پارسي جي تعليم حاصل ڪئي. شمس الدين بلبل جي ديوان تي سندس لکيل قطع تاريخن جي مٿان عبارت مان معلوم ٿو ٿئي ته هو پنهنجو خانگي مدرسو هلائيندو هو. عبارت هن ريت آهي تاريخ از نتيجه افڪار عالي سلڪ بند گوهر لالي سخور بيعديل دلفريب صد دل آخوند ميان عبدالقادر صاحب معلم مدرسو خانگي شڪارپور (1).

بيدل“ جي وفات جي تاريخ سندس وڏي فرزند مرحوم اختر محمد ڀٽي ”بياض بيدل“ جي هڪ صفحي تي 7 فيبروري 1932ع درج ڪئي آهي. وفات وقت سندس عمر پنجانوي ورهيه هئي.(2) سندس عمر وفات جي حساب سان سندس ڄمڻ جو سال 1838ع بيهي ٿو.

بيدل، خليفي قاسم جي دور کان وٺي قادري جي دور تائين زندهه رهيو. سندس هر دور جي شاعرن سان سٺا ناتا ۽ شاعرانه تعلقات رهيا. خليفي قاسم سان سندس لاڳاپي جو اندازو هيٺين شعر مان لڳائي سگهجي ٿو.

رنگين چوي ٿو مضمون قاسم ڪلام موزون،

مٽ تنهن سمجهي نه ڪو مون بي حد سندس سپارا (1).

بيدل پنهن جي هڪڙي غزل ۾ جيڪو سنڌ سڌار ۾ شايع ٿيو هو ان دور جي هڪڙي شاعر قاضي قادر بخش کان پنهن جي غزل جو جواب هنن لفظن ۾ گهري ٿو:

يار قادر بخش بيشڪ ڏي غزل هن جو مجيب

شعر پنهن جي کان نه هرگز ڇاجي لئه خوشتر ڪري (2).

شمس الدين بلبل جو ديوان بلبل معه ڪريما نيچرل جڏهن 1308 هه مطابق 6، جنوري 1891ع ۾ شايع ٿيو ته ان تي جن شاعرن قطع تاريخون لکيون هيون ان مان بيدل ٻه تاريخون پارسيءَ ۾ هڪ سنڌيءَ ۾ لکي هئي.

ڏسو جو ”بيدل“ تاريخ طبع تنهن جي چئي

ڪتاب بلبل بيشڪ آ، وهه عجيب و وهه غريب



در داد مردهه هاتف ديشب به گوش ”بيدل

تاريخ طبع اورا ”نام غريب خوان

1308 هه

3. در ڪراچي به مدرسه اسلام

گفتگو جانبين باشد ياد

اين ڪريما، به پيشِ بيدل هم

بي سرِ انديشه ”ارمغاني باد“ (3).

1308هه

پوئين قطع مان معلوم ٿئي ٿو ته ”بلبل“ سان ”بيدل“ جا ايترا گهرا تعلقات هئا جو هو جڏهن ڪراچيءَ ويو هو تڏهن ”بلبل“ سان سنڌ مدرسي ۾ وڃي ملاقات ڪئي هئائين.

بيدل جا تعلقات ميان علي محمد قادري ۽ ميان غلام سرور فقير سان به دوستانه هئا. هو ڪڏهن ڪڏهن بزم مشاعره لاڙڪاڻي ۾ شريڪ ٿيندو هو. 1921ع ۾ پهرين ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ به شريڪ ٿيو هو ۽ غزل پڙهيو هئائين.

سندس تعلقات مير علي نواز علوي حاجي محمود خادم ۽ محمد بخش ”واصف“ سان به گهرا هئا. حاجي محمود خادم چوي ٿو، ”سال 17 ۽ 1916ع ۾ جڏهن هي خادم سٽي سروي جي اسپيشل ڊيوٽي سبب شڪارپور ۾ هو تڏهن گهڻو ڪري هر ڪنهن شام جو علامه علوي (مير علي نواز) جي فيض بخش صحبت ۾ گذاريندو هو. ميان صاحب مرحوم آخوند عبدالقادر محمد بخش واصف صاحب ۽ هي خاڪسار شام جو گهڻو ڪري علمي شغل ۽ تبادله خيالات ۾ گذاريندا هئاسين“ (1)

بيدل“ جو ڪلام جتي مفرح القلوب ۽ سنڌ سڌار جهڙين قديم اخبارن ۾ شايع ٿيندو هو تتي الحقيقت (لاڙڪاڻه) جي صفحن کي به سنواريندو هو. افسوس آهي جو ههڙي وڏي شاعر جو ڪلام سندس پوين جي غفلت کان گم ٿي ويو آهي پر جيڪي ڪلام مليو آهي ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن شاعر جو ڪلام پختو ۽ اعليٰ آهي ۽ سندس مقام قاسم ۽ فاضل کان  ڪنهن به حالت ۾ گهٽ ڪونهي. مفرح القلوب ۾ شايع ٿيل سندس پارسي غزل جا ٻه شعر ملاحظه ڪريو:

زگل رويت لطافتها برنگ و بو تري دارد

بسان بلبل هزار ”آشفته“ حوري پري دارد.



تو صاحب مصنفي خود کن چه خوش گفته غزل ”بيدل

اگر فخري کنم خواهد، جواب کوتري دارد (2).



انتخاب ڪلام

مڙگان تنهنجو سنان هن ۽ تير جو نمونو

ابرو تنهنجون ڪمان هن شمشير جو نمونو.



آهنگر کي چئو تون ڏيکاري زلف زنگي،

سوهي زدن جو سوهي زنجير جو نمونو.



آ خاڪِ بظاهر هو سرمئهِ جواهر،

ڏس غور سان هي آهي اڪسير جو نمونو.



مخمور چشم تنهن جي مجروح مون کي ڪيڙو،

تيغِ اجل آ تنهن جي تحرير جو نمونو.



منجهه حسن جي بلاشڪ ثاني تون ماهه ڪنعان،

بيشڪ رهيو برابر تهوير جو نمونو.



بيدل“ ڪو حال موڪل محبوب يار ڏي ڪو،

هن ناله و فغان جي تاثير جو نمونو(1).

-



آيو اڄ ناز سان نگار نگار،

جان جانيءَ مٿان نثار نثار.



مشڪ ۾ بوءِ زلف جنهن جي جي،

آهه مشهور منجهه تتار تتار.



يار دلدار کي ڏسي خوش ٿيس،

چيم حمد و شڪر هزار هزار.



مان ڪيو عرض هي عجيبن کي،

ناز ڪٺلن کي تون جيار جيار.



محب منٺار کان ٿيس ممنون،

چاهه غب غب چيم عذار عذار.



مان ڪئي يار سان هم آغوشي

دوس دلدار سان دوبار دوبار.



آهه هر روز مه ڪمال و زوال،

ساقي سهڻو سدا بهار بهار.



ورد بيدل هميشه اين باشد

ساقيا جام ڀر پيار پيار (1).

(1) ”ڪليات قاسم“ قلمي ملڪيت مرزا عباس علي بيگ حيدرآباد.

(1) ”ديوان بلبل معه ڪريما نيچرل“ ص 47، منشي نولڪشور پريس لاهور، 1891ع.

(2) اسرار احمد علوي (صفيح الله ”فدا“) ص 34، قلمي سنڌالاجي ”مونو“ 1972ع.

(1)  محمد صديق ميمڻ ”سنڌي ادب“ ص 204، جلد ٻيو، مسلم ادبي پريس حيدرآباد، 1960ع.

(2) ”شاعران شيرين بيان“ قلمي ص 9، ملڪيت مرزا عباس علي بيگ حيدرآباد.

(3)  ديوان بلبل مع ڪريما نيچرل“ ص 47 نولڪشور پريس لاهور 1891ع.

(1)  محمود خادم حاجي، ”اديب سنڌ“ ص 24، سيپٽمبر 1941ع، مضمون ”مير علي نواز علوي

(2) مفرح القلوب ص 8، تاريخ 29، اپريل 1877ع.

(1)  شاعران شيرين بيان“ ص 41، قلمي مرزا عباس علي بيگ حيدرآباد.

(1) سنڌ سڌار، ص 2، تاريخ 11 جنوري 1878ع.
...
 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو