بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Hafiz Abdullah Bismal حافظ عبدالله بسمل



حافظ عبدالله بسمل


انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
ٽکڙائي، حافظ محمد عبدالله ”-بسمل-“: علامه حافظ محمد يوسف جو ٽيون ۽ ننڍي ۾ ننڍو فرزند، حافظ محمد عبدالله ”-بسمل-“ 1306هه/ 1888ع ۾ موجود -ٽکڙ- ۾ پيدا ٿيو. -تعليم- و تربيت وٺڻ لاءِ پنهنجي والد جو مڪتب ئي ڪافي هوس. سنڌي ۽ پارسي جي -تعليم- سان گڏ قرآن ڪريم به ياد ڪيائين. اتان فارغ ٿيڻ کان پوءِ علامه اسدالله شاهه ”فدا“ وٽ عربي پڙهڻ لاءِ ويٺو. مگر جلد ئي پنهنجي والد جي وفات ڪري، -تعليم- ڇڏي گھر جي ڪم ڪار ۾ -ڀاءُ- سان -ٻانهن- ٻيلي ٿيڻو پيس. حافظ محمد هارون کانپوءِ، پارسي ۾ ماهر حافظ عبدالله ”-بسمل-“ ئي هو. -ٽکڙ- جي عالمن ۽ فاضلن جي آخري نشاني به حافظ صاحب ئي هو. سندس زندگيءَ جو وڏو عرصو درس و تدريس ۾ گذري ويو. پر جيئن ته -ٽکڙ- ۾ ڪا ايڏي آمدني نه هيس، انهيءَ ڪري 1335هه/ 1916ع ڌاري حيدرآباد ۾ سڪونت اختيار ڪيائين ۽ ذريعه معاض لاءِ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندو رهيو. هن خاندان جي افراد کي خدا تعالى علم جي دولت سان سرفراز ڪيو هو، پر مال ۽ زر جي دولت کان بلڪل محروم رهيا. سندس ذريعو آمدني جو فقط علم هو، جنهن مان کين ايڏو اپراسو ڪونه ٿيندو هو، جنهن مان سکي ستابي زندگي گذاري سگھن. ڪجهه عرصو حيدرآباد ڇڏي وري -ٽکڙ- ۾ آيو، جتي حضرت -آغا- حسين جان سرهنديءَ حضرت صاحب جي درگاهه (مقبره) واري مڪتب ۾ کيس معلم ڪري رکيو، مگر اتي به حافظ صاحب جي آزاد طبيعت کي چين نه آيو ۽ اها ملازمت به ڇڏي ڏنائين. پاڪستان کان ڪجهه عرصو اڳ عبدالشڪور منشيءَ جي زيرِ نگراني حيدرآباد مان روزانه ”هلال پاڪستان“ -اخبار- شايع ٿيڻ لڳي. پاڻ اتي ملازمت شروع ڪيائين، کيس شاعر خاص ڪري رکيو ويو. ”هلال پاڪستان“ ۾ روزانو حافظ صاحب جو قومي ۽ نعتيه ڪلام شايع ٿيندو هو. حافظ صاحب پنهنجي ڪلام جي ذريعي قوم ۽ ادب جي ڪافي خدمت ۽ ترجماني ڪئي آهي. حافظ صاحب پڇاڙيءَ جا ڏينهن ڪنج غم ۾ گذاريا. بيمارين جي مسلسل حملن کيس نحيف ۽ لاغر بنائي ڇڏيو هو. ايڏي رقم ته هيس ڪانه جو -ترت- علاج ڪرائي سگھي، نه ئي وري اسان جي گورنمينٽ سندس علاج و معالجي ڏانهن ڪو توجهو ڏنو. کيس خود به سندس بچڻ جو امڪان گھٽ هو ۽ پنهنجي هڪڙي غزل ۾ انهيءَ حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو اٿس. جنهن ۾ سندس بيماري، مفلسي ۽ سنڌين جي بي قدريءَ جو نقشو نمايان نظر اچي ٿو. فرمائي ٿو ته:
هڪ ته پيري ٻيو وري مرضن ڪيو آهي هجوم،
هاڻ ڏسجي ڪيئن ٿو ”-بسمل-“ ناتوان زنده رهي.
حافظ صاحب 20 -آڪٽوبر- 1950ع ۾ پنهنجي عمر جا اٽڪل 64 سال ڪاٽي، هن جهانِ فاني مان لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ڪو نرينو اولاد ڪونهي. هن خاندان جو حافظ صاحب آخري شاعر هو. سندس ڀائيٽو حافظ الهه ڏنو، زماني جي مجبورين ڪري، شاعريءَ کان بلڪل نا آشنا آهي، هاڻ ائين کڻي چئجي ته هن قديمي خاندان جي شاعريءَ جو سلسلو في الحال ته منقطع ٿي ويو آهي. حافظ صاحب جي شاعريءَ جي ابتدا اٽڪل يارهن ٻارهن سالن جي عمر ۾ ٿي. سندس پهريون -استاد- سندس والد حافظ محمد يوسف ۽ پوءِ حافظ محمد هارون ”دلگير“ هئا. هي اهو زمانو هو جڏهن -ٽکڙ- جي شاعري جو ستارو بامِ عروج تي پهتل هو. -ٽکڙ- جي هر ذي فهم -انسان- کي شعر چوڻ بلڪل سڻائو لڳو ٿي. شاعرن جي صحبت ۽ استادن جي -اصلاح- مان حافظ صاحب چڱو فيض پرايو ۽ شاعريءَ جي ميدان ۾ سمندِ خيال کي به خوب ڪڏايائين. -ان- وقت -ٽکڙ- مان نڪرندڙ رسالن ”-بهار اخلاق-“ ۽ ”الاصلاح“ ۾ سندس ڪلام شايع ٿيندو هو. انهيءَ دور جي ختم ٿيڻ کان پوءِ حافظ صاحب جي ڪلام کي اڃا به وڌيڪ وسعت ملي. عموماً هر -اخبار- ۽ هر رسالي ۾ سندس ڪلام شايع ٿيندو هو. ڪيتريون اخبارون سندس نالي جي اڳيان ”-استاد- الشعراء“ لکنديون هيون. حافظ صاحب جو ڪلام نهايت پختو، سهڻن لفظن، بلند خيالن، چست بندشن، سهڻن محاورن سان سينگاريل آهي. پنهنجي اوائلي دور کان وٺي وچين دور تائين، صاف سنڌي چڱي ڪم آندي اٿس. غزل به گھڻو ڪري انهيءَ دور ۾ چيو اٿس. پوءِ ”خال خط“ جي خرخسي کي -ترڪ- ڪري پنهنجي قوم کي بيدار ڪرڻ خاطر نظم لکيا اٿس.
...

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو