ڀٽي
مخدوم عبدالرؤف هالائي
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا:
ڀٽي، مخدوم
عبدالرؤف هالائي (1682-1752ع ):سنڌ جو پهريون مولود گو شاعر مخدوم عبدالرؤف -ڀٽي-،
هالن پراڻن جي درويشن جي هڪ خانوادي جو چشم ۽ چراغ هو. خانبهادر محمد صديق ميمڻ
پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي -تاريخ-“ ۾
لکيو آهي ته -ڀٽي- بزرگ اصل راجا جادم جي پٽ ڀوپت جو اولاد آهن.
راجا جادم وري شري رامچندر پٽ راجا دسرٿ جي نائين پيڙهيءَ مان هو“. -تحفة الڪرام- -تان- ورتل هن حوالي موجب خانبهادر لکي ٿو ته: ”راجا
جادم جي اٺين پيڙهيءَ ۾ -ارجن- پٽ وريو نالي راجڪمار جيسلمير جو حاڪم هو؛ جيڪو مخدوم
بهاءُالدين ذڪريا ملتانيءَ جي نظر فيض اثر سان مسلمان ٿيو ۽ ولايت جو درجو حاصل
ٿيس“. سندس نالو عبدالله رکيو ويو ۽ غوث جو خليفو ٿي سنڌ ۾ آيو. هو پنهنجي فرزند
مخدوم اسماعيل سميت هالن نون جي ڀرسان ماڙي محمد خان ڳوٺ ۾ اچي رهيو.
هن خاندان ۾ -اهل- دل درويش ٿي گذريا آهن. جن ۾ سمن جي حڪومت جي بزرگ مخدوم احمد ولد مخدوم اسحاق سان ڪي -بيت- به منسوب آهن:
سڏ سڻي پرينءَ جو، وانگي جي نه ورن...
مخدوم احمد سان مخدوم عبدالرؤف جو شجرو مٿي هن طرح ملي ٿو: مخدوم عبدالرؤف پٽ مخدوم عمر پٽ مخدوم عبدالحميد -اول- پٽ مخدوم فتح -الله- -اول- پٽ مخدوم احمد.
مخدوم عبدالرؤف 1682ع ۾ هالن ۾ ڄائو. -ان- ئي دؤر ۾ جنهن مخدوم ابراهيم جي ”سنڌي“ مشهور آهي، سو مخدوم عبدالرؤف جو -ڀاءُ-هو. هن خاندان ۾ ايندڙ صدين ۾ ڪيترا عالم پيدا ٿيا. وقت جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي وٽ مخدوم عبدالرؤف ڀٽيءَ جي گھڻي قدر منزلت هئي. مخدوم عبدالرؤف جو شعر مولودن، مداحن، ڪافين ۽ بيتن (ڏوهيڙن) جي صورت ۾ موجود آهي. کيس خاص طور مقبوليت مولودن جي ڪري ملي. هن پنهنجو تخلص اڪثر ”عاصي عبدالرؤف چئي“ جي انداز ۾ آندو آهي. سندس ڪلام علم عروض ۽ ڪافين جي انداز ۾ چيل آهي.
مخدوم عبدالرؤف هڪ سچي عاشق رسول وانگر مديني ۾ مرڻ ۽ ديارِ حبيب ۾ دفن ٿيڻ جي تمنا ڪئي هئي، جا پوري ٿي. ٻئي حج ڪرڻ جي موقعي تي مدينه منوره ۾ 1752ع ۾ وفات ڪيائين. کيس ڪو اولاد ڪونه هو. سندس ڀائرن جو اولاد موجود آهي، جن مان مخدوم صالح -ڀٽي- هڪ عالم ۽ اديب ٿي گذريو آهي.
ٽنڊي ولي محمد، حيدرآباد جا -ڀٽي- هن خاندان مان آهن، جن مان مظفر صادق -ڀٽي- وڪيل، سنڌ حڪومت جو وزير قانون به رهي چڪو آهي. مخدوم عبدالرؤف جو ڪلام عشق رسول جي جذبن جو آئينو آهي. ڪلام ۾ جذبات جي شدت، رقت ۽ سڪ جو بيان نمايان حيثيت رکي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش خان -بلوچ- پنهنجي تاليف ”مولود“ ۾ مخدوم عبدالرئوف ڀٽيءَ جا 77 مولود درج ڪيا آهن. جڏهن ته مخدوم محمد صالح ڀٽيءَ، مخدوم عبدالرئوف ڀٽيءَ تي هڪ مڪمل ڪتاب پڻ لکيو آهي، جنهن ۾ مخدوم صاحب جا 348 مولود، ڪيتريون ئي ڪافيون ۽ -بيت- شامل آهن.

….
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو