بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Syed Haji Faqir Ullah Alvi سيد حاجي فقير الله علوي



سيد حاجي فقير الله علوي رح

ميمڻ عبدالغفور سنڌي
اسان جي سکي ستابي ۽ سر سبز سنڌڙي هيرن ۽ جواهرن، ماڻڪن ۽ موتين سان هميشہ جرڪندي رهي آهي، هونئن به سنڌ سونهاري صوفين، صالحن، ولين، نيڪ مردن، پيرن فقيرن، درويشن ۽ درد مندن، فقيهن ۽ فقرائن، قطبن ۽ قلندرن، ۽ سيدن ۽ ساداتن، عالمن ۽ علمائن، مخدومن ۽ محدثن، اهل فڪر، اهل علم، فاضلن ۽ فياضن، سخن سنج ۽ سخن فهم، سياڻن ’سمجهدارن ۽ سگهڙن، مهمان نواز ۽ بامروت سنون سڌن سٻاجهڙن سنڌين جو ديس آهي.
سيد حاجي فقير الله بن سيد عبدالرحمان شاه بن سيد شمس الدين شاه علويءَ جي ولادت 2 ذوالقعد 1100هه مطابق 21 مارچ 1688ع ڌاري، افغانستان جي جلال آباد شهر ۾ ٿي آهي. سندس سلسله نسب حضرت علي المرتضيٰ رضه جي فرزند ارجمند ”امام محمد بن حنيفه“ سان وڃي ملي ٿو.
سيد صاحب ديني علم افغانستان ۽ برصغير جي مختلف مدرسن مان حاصل ڪيو هو. ننڍپڻ کان ئي نهايت ذهين ۽ اورچ هو؛ جنهن ڪري ستت ئي وڏو عالم ۽ فاضل بڻجي پيو. انهيءَ سلسلي ۾ دنيا جو ڳچ حصو گهمندي، ايران، عراق، قنڌار، هندستان ۽ عربستان شريف به ويو، جتان حرمين شريف جي طويل سفر بعد، شيخ محمد مسعود دائم الشهور نقشبندي بزرگ کي پنهنجو مڃي، کائنس ”قادري طريقي“ جي پڻ اجازت ورتائين.
شاه صاحب کي تفسير، علم حديث، فقه ۽ تصوف جي وڏي ڄاڻ حاصل هئي. غالباً 1150 هه (1737ع) ڌاري شڪارپور ۾ لڏي آيو. جتي پنهنجي خانقاه قائم ڪري، طالبن کي درس و تدريس ڏيندو رهيو سندس ئي آمد سان شڪارپور، پوري ايشيا جو روحاني مرڪز بڻجي پئي. پوءِ سنڌ ته ٺهيو، پر پشاور، لاهور، هرات ۽ قنڌار وغيره کان به هزارين مشتاق ۽ عقيدتمند، ۽ ٻين به دور دراز هنڌن کان ڪهي اچي وٽائنس فيضياب ٿيا.
شڪارپور جي هن روشن ضمير اولياءَ ۽ صاحب دل صوفي درويش جا هونئن ته ڪيترا ئي شاگرد رشيد ۽ عقيدتمند هئا. سنڌ ۾ پاڳارا خاندان جو باني مياني سيد محمد راشد بن سيد محمد بقا سندس خاص معتقد هو؛ جنهن شاه فقير الله علويءَ جو ذڪر پنهنجي ملفوظات ۾ وڏيءَ عزت ۽ احترام سان بار بار آندو آهي.
شاه فقير الله علوي، هڪ بلند پايه جي عالم هجڻ سان گڏ قادر الڪلام شاعر به هو. سندس تصنيفات جو تعداد هونئن ته بيشمار آهي، مگر چند مشهور ڪتابن جا نالا هيٺ رقمطراز ڪجن ٿا:-
قطب الارشاد – طريق الارشاد – جواهر الاوراد – تڪميل المومنين و الاوراد – فتوحات غيبہ شرح عقائد صوفيه – فتح الجميل في مدارج تڪميل – فتوحات الاهي – منتخب الاصول – وثيقہ الاڪابر – قصيده مبروره – ڪتاب الازهار في ثبوت الاثار – فوايد فقير الله – محمود الاوراد – شرح قصيده – ملفوظات ۽ علميات – شرح ابيات – مڪتوبات ۽ براهين النجات من مصائب الدنيا والمرصات وغيره.
پاڻ ڪيترن ئي هندن کي مسلمان ڪيائين، جن مان شڪارپور جو مشهور سيٺ ”هرو مل بجاج“ جو نالو مثال طور ڏئي سگهجي ٿو. هي خاندان اڄ به نيڀيپور محلي ۾ رهندي، پشت بپشت پاڻ کي ”هر واڻي شيخ“ سڏائي ٿو.
هن ڀلاري بزرگ، قطب دوران، غوث الزمان جو 3 صفرالمظفر 1195 هه مطابق 14 اپريل 1779ع تي شڪارپور ۾ ئي انتقال ٿيو. ۽ اتي ئي سندس مرقد مبارڪ ٺاهي ويئي. مٿائنس هڪ عاليشان مقبرو تعمير ٿيل آهي. اڄ به سوين سوالي روزانو مٿس عقيدت جا گل چاڙهين ٿا.

...


 

2 comments:

  1. براھین النجات من مصائب الدنیا والعرصات ھے کتاب کا ٹھیک نام اپنے مشااللہ بھت اچھے طریقے سے لکھا ہے اور بھت اچھا لکھا ہے

    ReplyDelete

پنهنجا رايا ڏيو