احمد خان ابڙو “شيدا”
انسائيڪلوپيڊيا
سنڌيانا
احمد خان ولد عبدالرئوف ابڙو، 27 -آڪٽوبر-
1900ع تي هالا نوان ۾ ڄائو. 1916ع ۾ ورنيڪيولر امتحان پاس ڪيائين، ۽ 1918ع ۾ کيس
پرائمري -استاد- طور تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾ مقرر ڪيو ويو. 1924ع ۾ ٽريننگ ڪاليج
فارمين، حيدرآباد مان تربيت حاصل ڪيائين. -ان- وقت کيس علم ادب سان دلچسپي پيدا
ٿي. پهريائين مضمون ۽ افسانا لکيائين. بعد ۾ شعر و شاعريءَ سان شغل ٿيس ۽ ’شيدا‘
تخلص اختيار ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس -استاد- حافظ جان محمد جان هالائي هو. پاڻ ينگ
ويلفيئر ائسوسيئيشن جو سيڪريٽري ۽ هالا مان مخدوم طالب الموليٰ جي سرپرستيءَ ۾
نڪرندڙ ماهوار رسالي ’فردوس‘ جو مئنيجر به ٿي رهيو. 1958ع ۾ هالا پراڻا پرائمري
اسڪول جي هيڊماستريءَ -تان- وقت کان اڳي رٽائر ڪيائين. 4 مارچ 1960ع تي وفات
ڪيائين.
...
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو