بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Mohd Hayat Shah Hafiz محمد حيات شاه حافظ



محمد حيات شاه ”حافظ“

حسيني ساداتن جي پري مان، حافظ حيات شاه ”حافظ“ عرف سيد غلام حيات النبي شاه ولد سيد مير عالم شاه ، پنهنجي ناناڻي وطن ۾ 18 ذوالحج 1292 هه مطابق 7 سيپٽمبر 1875ع تي صوبي پنجاب جهنگ ضلعي ۾ تولد ٿيو. سندس والده سرداران بيبي، نهايت نيڪ نقس نيڪ سيرت ۽ هڪ دورانديش عورت هئي. پوءِ ته کيس ڏاڏاڻي ڏيهه ”سعيد پور“  ڏانهن نيو ويو، جتي سندس پرورش ٿيندي رهي.

سيد صاحب ننڍپڻ کان ئي نهايت سلڇڻو ۽ سمجهدار هو؛ جنهن ڪري ڳوٺ وارا سڀ سندس وڏي تعظيم ڪندا هئا. جوانيءَ ۾ پنهنجي ماسات ”سلطانه بيگم“ سان مجازي عشق لڳس؛ جنهن ۾ ناڪامي ٿيس. پوءِ ته قسمت جو ماريل ۽ تقدير جو ڳاريل هي سيد سڳورو وطن کان بي وطن ٿي ڪاٺياواڙ ؛ ملبار ؛ مار واڙ، دکن، دهلي؛ يو- پي؛ بنگال، مدراس ۽ ٻين به ڪيترن ئي شهرن جو واس وٺندو رهيو. غالباً 1903ع ڌاري ”بالوترا“ (مار واڙ) ڳوٺ ۾ ڳڻتين جي ڳاراڻي وگهي، تيز بخار جي تپش کان نيڻن جو نور وڃائي ويٺو. هيئر ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، ستن سالن جي سيلاني سفر بعد، 1910ع ڌاري سنڌ ۾ پير پاتائين.

سنڌ جي مهمان نوازي، دنيا ۾ مشهور آهي. حافظ صاحب کي به سنڌين جي انهيءَ خوبيءَ، هتي ئي رهڻ تي مجبور ڪيو. پوءِ ته باقي حياتيءَ جا دمڙا سنڌ ۾ ئي گذارڻ جو پرن ڪيائين. سنڌ جو چپو چپو گهمي، آخر ڪوٽڙيءَ جي مين وٽ جامع مسجد ۾ اچي آستانو ڪيائين. پاڻ روزانو سنڌو نديءَ جي ڪناري تي وڃي، وڏي پيار ۽ پاٻوه وچان ڪنڌيءَ تي پير لٽڪائي ويهي چناب نديءَ جي سڪ پوري ڪندو هو ۽ اڳوڻي اوج کي ساريندي ڦٽ چڪائيندو رهندو هو.

مين وٽ مولودن جون محفليون عام هونديون هيون، جن کان سيد صاحب جي روح کي راحت ايندي هئي. هو انهن محفلين کي پنجاب جي ڳوٺاڻن گيتن سان تشبيح ڏيندو هو. انهن سخنور سگهڙن ۽ سالڪن جي صحبت مان کيس به شعر چوڻ جو شوق ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ مان علي بخش حيدر آباديءَ وٽ سندس اچڻ وڃڻ به ٿيو. ڀانئجي ٿو، ته سيد صاحب کي انهي ئي شوق حيدر آباد ۾ رهائڻ تي آماده ڪيو هو.

هينئر سيد صاحب کي وطن ورڻ جو وجهه به مليو. پوءِ اها آس رکي؛ جيئن ئي اباڻي ڀونءِ پهتو، ته سندس محبوبه به وفات ڪري چڪي هئي. پوءِ ته روزانو مقام ڏانهن وڃي، اندر جي آگ ۽ دل جي بخار کي ڍري ڪرڻ خاطر زارو قطار نيڻن مان نير وهائي ۽ اکين مان آب اوتي، واپس ورندو هو. حياتيءَ جي آخري حصي ۾ مٿس مجاز مان حقيقت جو رنگ چڙهڻ لڳو ؛ جنهن ڪري ٻنهي جهانن جي سردار جي زيارت به ڪيائين.

کيس ڪافي ڪتابن جو مطالعو هو. سندس علمي ۽ ادبي خدمتون ٻڌائين ٿيون، ته کيس گهرو مشاهدو ؛ اونهو اڀياس ۽ ڪافي تجربو حاصل هو. نابين هوندي به پاڻ ٻين کان ڪتاب پڙهائي ، پنهنجي معلومات ۾ اضافو ڪندو هو. سندس حافظو تيز هو. سنڌ سان کيس وڏو پيار هو. بقول سندس : ”اباڻو وطن پنجاب آهي، ته منهنجو وطن سنڌ آهي!“

حافظ صاحب جي تصنيفات ۾: ”داستان غم“ ، ”وڇڙيلن جو مليو“ ، ”ديوان حافظ“ ۽ ”گلستان حيات“ جي فهرست شامل آهي. ازانسواءِ نظم جي سلسلي ۾ غزلن کان علاوه قصيدا، مولود ۽ قومي گيت به سندس جهجها چيل آهن. قومي نظمن ۾ وڏي ۾ وڏي ماڻهو جي به ڪاڻ نه ڪڍيائين. اسي ورهين جي عمر ۾ 14 ربيع الاخر 1375 هه مطابق 26 ڊسمبر 1955ع تي حيدر آباد شهر ۾ ئي پساهه پورا ٿيس.
...

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو