بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Murshdna Qibla Makhdoom Ghulam Mohd مرشدنا قبله مخدوم غلام محمد



مرشدنا قبله مخدوم غلام محمد ”مغموم“

مخدوم غلام محمد صاحب عرف سائين گلڻ ڄام (ولادت 1886ع_ وفات 1944ع مطابق 8جمادي الاول 1303هه_ ذي الحج 1363هه)(11) سائين پرو ڄام جا جليل فرزند هئا. سندن انتقال بعد يعني 6 - رجب 1345هه تي پاڻ سروري مسند تي 16 نمبر سجاده نشين ٿيا. ان وقت طالب الموليٰ سائين جي عمر 7سال هئي. ”ياد رفتگان“ ۾ طالب الموليٰ سائين جن ايئن رقمطراز آهن. ”هي بزرگ اعليٰ اخلاق ۽ با تهذيب انسان، صاحب دل فقير ۽ تارڪ الدنيا درويش، سخي مرد ۽ دشمن نواز شخص هو. اڌ کان گهڻي عمر فقيري ۽ گوشه نشينيءَ ۾ گذاريائون.“ (*) پاڻ جوانيءَ کان وٺي فقيري رنگ ۾ رهيا ۽ آخر عمر تائين تصوف ۽ سلوڪ ۾ زندگي بصر ڪيائون. پاڻ رياضت ۽ مجاهدي جا مشتاق هئا. گويا مولانا روم جي هيٺين بيتن جي تلقين سندن سيني ۾ لکيل هئي:

باهمه قربي که دارد با خدا،

از رياضت نيست يکدم او جدا.



مردن تو در رياضت زندگيست،

رنج اين تن روح را پابند گيست.



عمر ها گر او رضايت مي کند،

روز و شب را صرف_ طاعت مي کند.



اوائلي عمر پکن تي چله ڪشتي ۾ گذاريائون. اڃابه سندن پکا اتي قائم آهن. ”کرڙي مڪان“ (12) به ڳچ وقت سندن مجاهدن جو مرڪز رهيو. بنگلي مان ڇهن يا ستن مهينن بعد ٻاهر نڪرندا هئا. بعضي ته روزانه پکن شريفن تي ويندا هئا. پاڻ فارسي خواه عربيءَ جي ابتدائي تعليم جا مرحلا مولوي شفيع محمد صاحب مجاور درگاه سروري (13) وٽ طئي ڪيائون ۽ باقي تحصيل پير جهندي جي ڪوٽ، پير ميان رشيد الدين (14) جي وقت ۾ ڪيائون. مولانا عبيدالله رح(15) وٽ به مثنوي مولانا روم جو درس پڙهيا. پاڻ فرمائيندا هئا ته هڪ ڀيري مولانا صاحب جڏهن مثنوي جي هن سٽ:-

ملتِ عاشق زملتها جداست،

عاشقان را ملت و مذهب خداست.


جي شرح ڪرڻ تي آيو ته حال و وجد جي عالم ۾ محو ٿي ويو ۽ ڪيترو وقت پئي تقرير ڪيائين. انگريزي تعليم 6_درجن تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ورتائون. پاڻ فقيريءَ ويس ۾ سنڌ جي سمورن درگاهن جو ديدار ڪيائون. صوم وصلواة جا بلڪل پابند هئا جو سياري جي پاري ۾ به ٿڌي پاڻيءَ سان وضو ڪري فرض خدا تعاليٰ ادا ڪندا هئا. پاڻ شاعر هئا ۽ سندن تخلص ”مغموم“ هو. ”غلام محمد“ خواه ”سرور علي“ نالا به ڪلامن ۾ ڪم آندا اٿس. سندن ڪلام سمورو حقيقي آهي. کين الله سائين ٽن نور نظرن سان نوازيو، پهريون لخت جگر طالب الموليٰ سائين کان ٽي سال اڳ بنام ميان محمد زمان محرم الحرام 1335هه(16) ۾ پيدا ٿيو، مگر ساڳئي ڏينهن انتقال ڪيائين. ٻيو نور چشم طالب الموليٰ سائين زيد عمر ۽ ٽيون نور بصر ميان امين محمد جو 4 ربيع الاول 1344هه (17) تولد ٿيو ۽ 14 ماه صفر 1347هه وصال ڪيو. محترم سليم هالائي مؤلف تذڪره شعراءِ هالا، سندن باري ۾ واه جو لکيو آهي ته ”هالن جو سجاده نشين آهي مگر عزلت گزين ۽ دنيا و مافيها جي ڪمن کان دور بقول:

ما مقيمان_ کوئي دلداريم،    رخ بدنيائي دون نمي آريم (*)

...

 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو