بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Thatvi Shah Abdul Latif Sufi ٺٽوي شاهه عبدالطيف صوفي

ٺٽوي شاهه عبداللطيف صوفي


انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا



ٺٽوي، شاهه عبداللطيف صوفي: وحدت الوجود جو قائل ۽ -تصوف- ۾ هڪ وڏي جماعت جو مرشد، اسماعيل صوفي ٺٽويءَ جو دوست ۽ مريد وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. مشهوري کان ڀڄندڙ ۽ وڏين ڪرامتن جو مالڪ، مخدوم معين ٺٽويءَ جي دوستن مان هو. هڪ دفعي مخدوم محمد معين سندس ملاقات لاءِ آيو. موسيقيءَ يا راڳ بابت گفتگو ڇڙي پئي. صوفي عبداللطيف مخدوم عرض ڪيو ته راڳ جي علم جي مون کي به ڪافي ڄاڻ آهي ۽ پوءِ پاڻ اهڙي سهڻي انداز ۾ ڳايائين، جو حاضرين حيران رهجي ويا. ماڻهن جي دلين تي هڪ عجيب ڪيفيت ڇانئجي وئي. ڪڏهن ڪڏهن فارسيءَ ۾ شعر به چوندو هو. سندس وفات جو سال معلوم نه ٿي سگھيو آهي، پر سندس هم عصرن کي مدنظر رکي کيس ٻارهين صدي هجريءَ جي صوفياءِ ڪرام ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو