بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Bharkyo Sheikh Thattvi ڀرڪيو شيخ ٺٽوي



ڀرڪيو شيخ ٺٽوي


انسايڪلوپيڊيا سنڌيانا



ڀرڪيو شيخ، ٺٽوي: هيءُ بزرگ مخدوم نوح رحه جو همعصر هو. هيءُ بزرگ ٽنگ کان معذور هو، انڪري ”ڀرڪيي لَنگ“ جي نالي سان به مشهور هو. کيس مخدوم نوح جي صحبت مان فيض مليو. ڀرڪيي فقير مڪليءَ جي پهاڙن تي پنهنجو آستانو اڏيو، جتي وڏو مينار ٺهرايو هئائين. رات جو -ان- تي ڏيئو ٻاري ڇڏيندو هو ۽ انهيءَ روشنيءَ جي آڌار تي مسافر رستو معلوم ڪري -بندر- ڏانهن ويندا هئا ۽ سامونڊي مسافر کيس نذرانو ڏيندا هئا، -ان- ڪري وٽس دولت جمع ٿي وئي ۽ ڪيترائي ماڻهو هن جي جماعت ۾ شامل ٿي ويا، تڏهن مرزا محمد باقي حڪمران هو. -ان- کي اها جماعت ڪُکي رهي هئي ۽ هو کين ختم ڪرڻ جا وجهه ڳولي رهيو هو. ڀرڪيي شيخ جو اصول هو ته وٽس ڪير به ايندو هو ته -ان- کان محنت ڪرائيندو هو. جڏهن هن وٽ سيد علي شيرازي ٺٽوي آيو ته -ان- کان به جبري محنت ڪرايائين، جنهن مرزا باقيءَ کي اچي دانهن ڏني. -ان- کان پوءِ ڀرڪيي درويش جي سموري سامان کي قبضي ۾ آڻي سرڪاري مهر هنئي وئي ۽ مرزا باقيءَ ڪا ٽَلَ ڪرائي ڀرڪيي فقير کي شهيد ڪرائي ڇڏيو. سندس درگاهه ۽ مقبرو به آهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو