بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Ibrahim Shah of Waari ابراهيم شاهه واڙيءَ وارو

 

ابراهيم شاهه واڙيءَ وارو

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا



ابراهيم شاهه واڙيءَ وارو: سنڌ جي ڊيلٽا ۾ -اوڀر- طرف سير کاريءَ جي ويجهو هڪ ٻيٽاريءَ تي هرسال هڪ وڏو ميلو لڳندو آهي. ٻيٽ تي جنهن بزرگ جي مزار آهي، تنهن کي ’ابراهيم شاهه واڙيءَ واري‘ جي نالي سان شهرت حاصل آهي. هن ميلي ۾ سنڌ، ڪڇ ۽ -بلوچستان- جي سامونڊي ڪنڌين ۽ کارين تي رهندڙ ملاح لازمي طور شريڪ ٿيندا آهن. هيءُ سامونڊي ملاحن جو وڏي ۾ وڏو ميلو آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ڏينهن جاري رهندو آهي. هن موقعي تي هوڙهن جا مالڪ پنهنجن پنهنجن پتڻن ۽ بندرگاهن -تان- ٻيڙا ڪاهي، ابراهيم شاهه واڙيءَ واري جي سلامي ڀرڻ ويندا آهن. ٻيڙا رنگارنگي جهنڊن ۽ جهنڊين سان سينگاريا ويندا آهن ۽ عورتون، -ٻار-، جوان ۽ پوڙها دهلن دمامن سان ٻيڙين تي سوار ٿيندا آهن. ڪي باسون -باسڻ- لاءِ نڪرندا ته ڪي مرادون پوريون ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ چادرون (پَڙُ) کڻي ايندا آهن. هيءُ ميلو هر سال مارچ -اپريل- ڌاري لڳندو آهي.
ملاحن جو عقيدو آهي ته جيڪو ملاح هن ميلي ۾ شريڪ نه ٿيندو ۽ ’-بادشاهه-‘ ابراهيم شاهه جي حاضري نه ڀريندو، اُهو ايندڙ سال مڇيءَ جي شڪار کان محروم ٿي ويندو، بيماريون ڏسندو يا جوکم ۾ پوندو. ابراهيم شاهه جي ميلي جي موقعي تي زيارتي، -ابراهيم حيدري-، لٽ بستي، ڪيٽي -بندر-، کاري ڇاڻ، جنگي سر، ڳاڙهي يا شاهبندر وٽان ڪنهن به هوڙهي تي چڙهي وڃن ته ٻيڙياتا پنهنجي روايت موجب -ڀاڙو- نه وٺندا آهن. سخي ابراهيم تائين اوٽ موٽ ٻه ڏينهن لڳي ويندا آهن.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو