بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Pir Ramdev "Rama Pir" پير رامديو ”راما پير“

 

پير رامديو ”راماپير“

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا



پير رامديوَ/راماپير: رامديوَ پير جو جنم 1461ع جي وڪرمي سنبت جي چيٽ مهيني ۾ راجسٿان جي پوڪڻ نگريءَ جي راجا اجمل جي گهر ۾ ٿيو. رامديوَ ذات جو تنوَر راجپوت هو. هن کي ’راماپير‘ جي نالي سان به پڪاريو ويندو آهي. هند ۽ سنڌ جا هندو، هن کي ارجڻ پانڊوَ جو ٻاهترهون پرورڪار ۽ شري ڪرشن جو هڪ روپ به مڃيندا آهن. رامديو جي ماءُ جو نالو ميڻل ڏي هو، جيڪا جيسلمير جي راجا پمجي ڀٽيءَ جي ڌيءُ هئي.
رامديو جي جنم بابت هڪ روايت آهي ته پوڪڻ رياست جي راجا اجمل کي اولاد نه هو. هڪ سال پوڪڻ ۾ ڪافي عرصي جي ڏڪار کان پوءِ -برسات- پئي ۽ هارين پنهنجا هر سنڀالي، ٻنيون پوکڻ شروع ڪيون. راجا اجمل قدرت جا نظارا ڏسڻ لاءِ جهنگ جو سير ڪرڻ ويو ته جنهن به هاريءَ جي راجا اجمل تي نظر ٿي پئي ته اُهو مُنهن موڙي -ٻني- پوکڻ -بند- ڪري گهر ڏانهن روانو پئي ٿيو. راجا اجمل پاران سبب پڇڻ تي هڪ هاريءَ کيس ٻڌايو ته ”توهان وانجهيا يعني بي اولاد آهيو ۽ وانجهيي ماڻهوءَ جو مُنهن ڏسڻ سٺو سؤڻ ڪونهي، سو اسان جو ٻنيون -آباد- نه ٿينديون ۽ اجايو اسان جو -ٻج- ضايع ٿي ويندو، -ان- ڪري واپس وڃي رهيا آهيون.“
راجا اجمل هاريءَ جي اها ڳالهه -ٻڌي- دل ۾ ڏاڍو دکي ٿيو ۽ دوارڪا مندر (شري ڪرشن جي سڀ کان وڏي مندر) ۾ وڃي اولاد لاءِ ٻاڏائڻ لڳو ته روايـت مـوجب اوچتو هڪ غيبي قسم جو آواز سندس ڪنن تي پيو ته: ”وڃ، تـنهـنجـي اڱـڻ تي هڪ -ٻار- پيدا ٿيندو، جيڪـو تنهنجي ڀڳتـيءَ جـا جمـلـي ڪـوڏ پـورا ڪندو.“ ڪجهه مهينن کان پوءِ راجا اجمل جي گهر هڪ ٻالڪ جو جنم ٿيو، جنهن جو نالو ’ويرم ديوَ‘ رکيو ويو. اها به عقيدتمندن وٽ روايت آهي ته ڇهن مهينن کان پوءِ رامديو پير هڪ ٻالڪ جو روپ وٺي، ڪرشمي طور چلهه تي اڀامندڙ کير جو ديڳڙو لاهي، ويرم ديوَ سان گڏ پينگهي ۾ سمهي پيو. راجا اجمل کي -ان- ڳالهه جي اڳ ۾ ئي خبر هئي، ۽ هُو اهو لقاءُ ڏسي سمجهي ويو ۽ پنهنجي زال ميڻل ڏي کي چيائين ته راڻي! اڄ اسان جي گهر سونو سج اُڀريو آهي. ٻالڪ جي سڃاڻپ پير ۾ هڪ مخصوص قسم جي ’ريک‘ مان ڪيائون، جيڪا جوتشين کيس اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏي هئي. راجا اجمل ۽ سندس زال، -ان- -ٻار- کي پالڻ شروع ڪيو ۽ سندس نالو ’رامديوَ‘ رکيائون. رامديو پنهنجي -ڀاءُ- ويرم ديوَ سان کينهُون راند کيڏندو هو ۽ جڏهن هُو وڏو ٿيو ته گهوڙي تي سواري ڪندو هو ۽ هٿ ۾ لَڪُڻ کڻندو هو.
جيئن ته هُو هڪ اوتاري پُرش هو، -ان- ڪري اڪثر ڪرشما (پرچا) ڏيکاريندو هو. رامديو جا ڪجهه مشهور ڪرشما (پرچا) هيٺ ڏجن ٿا: (1) هن کينهون راند کيڏڻ دوران -ان- وقت جي پاپي راڪشس ’-ڀيروي-‘ کي به ماريو. (2) هڪ ڏينهن پنهنجي -ڀاءُ- ويرم ديو سان گڏ چوپٽ راند کيڏي رهيو هو ته اوچتو سمنڊ ۾ ٻڏندڙ هڪ واڻئي جو آواز سندس ڪنن تي پيو ۽ رامديو هٿ ڊگهيري ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي تاريو. جڏهن اها -ٻيڙي- شهر جي ويجهو پهتي ته رامديو شهر جي ٻاهران چوڪيدار جي روپ ۾ -ٽيڪس- وٺڻ لاءِ بيهي رهيو. واڻئي -ٽيڪس- ڏيڻ کان بچڻ لاءِ -اناج- بدران لوڻ ڄاڻايو ۽ اڳتي هلي ڏٺو ته -اناج- ۽ ٻيو سڀ سامان لوڻ ۾ بدلجي چڪو هو. (3) هڪ ڀيري هڪ واڻيو پنهنجي زال سان گڏ واپار تي وڃي رهيو هو ته رستي تي چور واڻئي کي ماري پئسا ۽ زيور ڦُري ويا. واڻئي جي زال جي پُڪارڻ تي رامديو هُنن جي واهر ڪئي ۽ چورن کي ماري، ڦُريل سامان واپس ڪرايو. (4) رامديو جي سماڌي وٺڻ جي خبر جڏهن سندس ماسات هڙٻُو کي پئي ته هُو رڻوجا ڏانهن روانو ٿيو. واٽ تي رامديو کيس گهوڙا چاريندي مليو.
رامديو جي شادي عمرڪوٽ ۾ -ان- وقت جي سوڍي حاڪم جي ڌيءُ نيتل ڏي سان ٿي، جيڪا اڳ ۾ لُولي (اپاهج) هوندي هئي، پر شاديءَ جي ڦيرن جي وقت صحتياب ٿي وئي.
رامديو پير 54 سالن جي عمر ۾ 1515ع جي بڊي مهيني جي اگيارس تٿ تي رڻوجا ڳوٺ ۾ سماڌي ورتي. رامديو جا ڀڄن هرجي ڀاٽيءَ لکيا آهن. راجسٿان، مڌيه پرديش، گجرات ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رامديو پير جا ڪيترائي مندر ٺهيل آهن ۽ هر سال وڪرمي سنبت جي ڀڊي مهيني جي اگيارس تِٿ تي ميلو لڳي ٿو. سنڌ ۾ رامديو پير جو وڏو ميلو ٽنڊي الهيار ۾ لڳي ٿو. جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن کان ياتري ڇڙيون کڻي ايندا آهن. هي ميلو ٽي ڏينهن هلي ٿو. لنگر، ڀاوَ ۽ ڀڳتي ٽيئي ڏينهن جاري رهي ٿي. -ان- کان سواءِ عمرڪوٽ، ڏيپلي، -اسلام ڪوٽ- کان اڳتي، ڳوٺ مگهي ڀيل، ننگرپارڪر ويجهو ڪاسٻي ۾ به ميلو لڳندو آهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو