بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Hassan Bango Bhanothi حسن بانگو ڀاڻوٺي



 حسن بانگو ڀاڻوٺي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا



ڀاڻوٺي، حسن بانگو: درويش حسن بانگو عرف مخدوم حسن بلاوڻي ڀاڻوٺي، مشهور صاحب ڪرامت، راهه سلوڪ جو سالڪ ۽ سيد حيدر سنائيءَ جو خليفو ۽ مريد هو. سيد حيدر جي وفات کان پوءِ مخدوم نوح جو به معتقد ٿي رهيو. صاحب ”دليل الذاڪرين“ لکي ٿو ته درويش حسن جي گهر ۾ -ٻير- جو وڻ هوندو هو، جنهن جا -ٻير- مٺا هئا، اهي -ٻير- کڻي مخدوم نوح وٽ ايندو هو ۽ -ان- جي پٽن جا نالا وٺي پيش ڪندو هو. مخدوم صاحب اهي -ٻير- نه کائيندو هو. هڪ ڏينهن درويش حسن، مخدوم نوح کي عرض ڪيو ته توهان -ٻير- نٿا کائو. مخدوم صاحب جواب ڏنو ته توهان -ٻير- نالا وٺي ڏيندا آهيو، جنهنڪري انهن تي منهنجو ڪو به حق نه آهي، -ان- کانپوءِ درويش حسن پنهنجي هٿ سان مخدوم صاحب جي خدمت ۾ -ٻير- کڻي آيو، جن مان ڪجهه مخدوم صاحب کاڌا.
درويش حسن جي عادت هوندي هئي ته جيڪي به مهمان يا مسافر ايندا هئا، -تن- کي ماني ۽ کير کارائيندو هو. ڪڏهن به هن ڪنهن مسافر يا مهمان کي بنا ماني کارائڻ جي نه ڇڏيو. هن جي هٿ تي گهڻن ئي سالڪن سلوڪ ۽ -تصوف- جو مقام ماڻيو. هي ڏهين صدي هجري جي عالمن مان هو. سندس مقبرو -ڀاڻوٺ- لڳ تعلقي هالا ۾ آهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو