بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Baba Bankhandi بابا بنکنڊي

 

بابا بنکنڊي مهراج

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا



بابا بنکنڊي مهراج: مهراج بابا بنکنڊيءَ جو جنم 1763ع ۾ شري رامچند شرما گور -برهمڻ- جي گهر ۾ ٿيو. سندس نالو ٻالچند رکيو ويو هو.
نَوَن (9) سالن جي عمر ۾ ئي علم حاصل ڪري بَن (جهنگ) ڏانهن رخ ڪيائين. جيئن ته هن حياتيءَ جو گهڻو وقت اتي گذاريو هو، -ان- ڪري سندس نالو ٻالچند مان ڦيرائي ”بنکنڊي“ رکيو ويو.
هي هندوستان جي پٽيالا رياست جي مهاتما ميلارام کان سکيا وٺي سندس شيوڪ ٿيو. نيپال ۾ جتي سندس ڌوڻي آهي، اُتان ٿيندو، ٽالپرن جي دؤر ۾،-بابا بنکنڊي مهراج- 60 سالن جي عمر ۾ سال 1823ع ۾ سکر ۾ آيو. هو ذات جو -برهمڻ- ۽ اداسي پنٿ هو. ”اداسي پنٿ“ مڃڻ وارو سڄي عمر شادي نه ڪندو آهي. هن کي سنڌوءَ جي پيٽ ۾ ساڌ ٻيلي واري -ٽڪري- ايتري ته وڻي وئي، جو اتي دونهين دکائي ويهي رهيو. توڙي جو هو سڄي سنڌ گهميو هو. هن ماڻهن کي ڪنهن به خاص پوڄا جي هدايت نه ڪئي، برعڪس
-ان- جي هر ڪنهن کي -آزادي- هئي. -ان- جو پتو هن مان ملي ٿو ته بنکنڊي مهراج جي آستاني ساڌ ٻيلي ۾ اڄ تائين ڪيترن ئي قسمن جا مندر جوڙيل آهن، جن مان ديوي ماتا مندر، شو مندر (شوالو)، گڻيش مندر، هنومان مندر، وشنو مندر ۽ -بابا سريچند- جو مندر موجود آهن. -بابا بنکنڊي مهراج- سؤ سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. هن وقت ساڌ ٻيلو سنڌ ۾ هندو ڌرم وارن جو اهم -تيرٿ- آهي، جيڪو سکر ۽ روهڙيءَ جي وچ ۾ سنڌو درياهه جو ٻيٽ آهي.
...
 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو