بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Bhagat Gwalanand ڀڳت گوالانند

 

ڀڳت گوالانند

پريم پرڪاش پنٺ بلاگ
ڀڳت گوالانند، سنت ٽيئون رام جو ننڍو ڀاءُ هو. پاڻ تاريخ، گُرو پورينما، مهيني، جولاءِ سال 1897 ۾ کنڊو ڳوٺ ضلعي حيدرآباد(هاڻ مٽياري) سنڌ ۾ ڄائو. سندس پيءُ شري چيلارام ۽ ماءُ ڪرشنا ٻائي، خدا جا بندا  ۽ سنتاڻي فطرت جا ماڻهو هئا. جڏهن گوالانند چوٿين جماعت ۾ هو ته سندس ڀاءُ شري ڀوڄرام لاڏاڻو ڪري ويو. تنهن ڪري هن پنهنجي پڙهائي جاري نه رکي ۽ سندس پيءُ جي دڪان ۾ مدد ڪئي. ڪجهه مهينن کان پوءِ سندس پيءُ به لاڏاڻو ڪري ويو ۽ هيءُ  سندس وڏي ڀاءَ سنت ٽيئون رام وانگر دنياوي معاملات مان اڻ دلچسپو ٿي ويو. هن پڻ مالڪ جو نالو ڳائڻ شروع ڪيو ۽ سندس ڀاءَ جو مريد ٿيو.
سنت گوالانند تي ماتا سرسوتي جي رحمت وسيل هئي. سندس آواز مٺو ۽ سُريلو هو. ڀڳتي جا گيت ڳائڻ ۾ جذب ٿي ويو، هن پاڻ کي مڪمل طور تي وساري ڇڏيو. سندس ماءُ کيس شادي لاءِ زور ڀريو پر هن انڪار  ڪري ڇڏيو. هن روحاني راه کي ترقياتي ترجيح ڏني. هن پنهنجو تمام گهڻو وقت پنهنجي ماسٽر  سنت ٽيئون رام جن جي منڊلي ۾ گذاريو. هن پنهنجي ماسٽر ۽ آشرم جي ٻين سنتن جي خدمت ڪئي ۽ انهن سان گڏ سنڌ جي مختلف حصن ڏانهن صفر پڻ ڪيو.
سنت گوالانند ماڻهن کي جاڳايو ۽ کين سڌي راه ڏيکاري. پاڻ يوگ ساڌنا پڻ سکيل هو. هن ويدانتي فلسفو چڱي طرح پڙهيو. هن حيدرآباد سنڌ ۽ ڪراچي ۾ پڻ پنهنجا آشرم کوليا. پاڻ هڪ سٺو تلقين ڪندڙ هو.  هن نه صرف سنڌي ۾ پر  هندي، پنجابي ۽ گجراتي پڻ ۾ پنهنجا اظهارِ خيال (مقالمه) پيش ڪيا. تمام گهڻا ماڻهو سندس پوئلڳ بڻيا.  پنجيتاليهن ورهين جي عمر ۾ پاڻ تپ دق (ٽيوبر ڪلوسس) ۾ مبتلا ٿي پيو ۽ آڪٽوبر 1941 ۾  وفات ڪري ويو. پاڻ نه رڳو هڪ بزرگ هو پر هڪ شاعر پڻ هو. هن دين دانه شاعري چئي آهي. هن جي شاعري ۾ صوفيت ۽ ويدانيتي فلاسافي ملي ٿي. سندس شاعري جي مجموعي کي گوالانند گرنٿ چيو وڃي ٿو جيڪو سنڌي ۽ هندي ٻولي ۾ موجود آهي.
...
 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو