بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Bharkyo Sheikh Kaatyar ڀرڪيو شيخ ڪاتيار



ڀرڪيو شيخ ڪاتيار

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا



ڀرڪيو شيخ، ڪاتيار: هي بزرگ نصر پور جي سماواتي پرڳڻي جي قديم ڳوٺ ڪاتيار جو باشندو هو. هن جو مقبرو اڃا به هن ساڳئي ڳوٺ شيخ ڀرڪئي ۾ آهي. هي ڳوٺ گلاب لغاري تعلقي ماتليءَ جي الهندي 5-6 ميلن تي واقع آهي. هن بزرگ جي والد جو نالو شاهو ڪاتيار هو. شيخ ڀرڪيي زهد ۽ تقوا، رياضت ۽ عبادت ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو. هيءُ سالڪ مجذوب هو. هن جي مجاهدن ۽ ڪرامتن جا احوال حديقة الاولياءَ ۽ -تحفة الڪرام- ۾ ڪافي آيل آهن. حديقة الاولياءَ جي مؤلف هن جو تعارف هن طرح پيش ڪيو آهي ته ”هي حق جو ڄاڻو ۽ مجذوب ولايت جي ملڪ جو والي، حقيقت جي واٽ جو پانڌيئڙو، -ترڪ- ۽ فنا جي راهه جي مجاهدن جو سرموڙ، نفس ۽ هوا جي مخالفن جي واديءَ ۾ سڀني صاف باطن سالڪن جو سالار، صاحب حال ۽ -اهل- دل، زماني جو نيڪو ڪارن جو پيشوا، نامدار آزاد انسانن جو خلاصو، يعني شيخ ڀرڪيو ولد شاهوڪاتيار، -ان- زماني جي سڀني نامدار بزرگن ۽ ڪبار مشائخن مان سالڪ ۽ مجذوب هو.“
هي بزرگ هالاڪنڊيءَ جي مخدوم احمد ۽ محمد جو همعصر هو. مخدوم احمد، جنهن جي وفات حديقة اولالياءَ ۾ 924 هه بمطابق 1518ع ڄاڻايل آهي ۽ -تحفة الڪرام- واري صاحب 930 هه بمطابق 1523ع ڄاڻائي آهي. هن حساب سان ڀرڪيي جو هن دار فانيءَ مان الوداع ڪرڻ 925 هه بمطابق 1519ع ۽ 935 هه بمطابق 1519ع جي وچ ۾ سمجھڻ گھرجي. مخدوم نوح رحه جي ولادت کان اڳ پاڻ هڪ دفعي چيائون ته ”مخدوم نعمت -الله- کي لطف -الله- نالي هڪ اهڙو فرزند ٿيندو، جنهن کي حق تعاليٰ جو دائمي حضور حاصل ٿيندو.“ هاڻي به هر سال هن صاحب جو عرس 11-10-9 شعبان تي ٿيندو آهي.
شيخ ڀرڪيو ڪاتيار شاعر به هو، جنهن جا ست -بيت- مشهور محقق هيري -ٺڪر- راجستان رياست مان -اجمير- جي پاسي جي ڳوٺ ”نارائڻا وهار“ مان 80-1979ع ڌاري هٿ ڪيا هئا، جن مان ڪي هت ڏجن ٿا:
هليا سي ”نڪنج“ ڏي، ’ڀرڪڻ‘ چوي ڀري،
لوڪان اوري آسرو، اسان پنڌ پري.

”ڀرڪڻ“ سندي مڪڙي، نه اورار نه پرار،
نه لائو لهرن سين، نه تر، نه پاتار،

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو