بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Bharyo VeerDas ڀريو ويرداس



ڀريو ويرداس


انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا



ڀريو ويرداس: هي ھڪ سالڪ بزرگ ٿي گذريو آھي، جيڪو نائين صديءَ ھجريءَ ۾ پيدا ٿيو. مجذوب ۽ مستيءَ ۾ رھڻ وارو بزرگ ھو. -ڀريو ويرداس- هڪ برھمڻ ھو، سندس رھائش گھڻي ڀاڱي ٻيلن، جھنگلن ۽ پھاڙن ۾ ھوندي ھئي. هو ڪيترن ئي هنڌن تي گهمندو رهيو. زندگيءَ جا آخري ڏينھن گنجي -ٽڪر- جي ھنج ۾ اچي رھيو هو. ”حديقة الاولياءِ“ جو ليکڪ ٻڌائي ٿو ته ھن اسحاق آھنگر جو مشهور -بيت- ”هجان مان جهرڪ، ويهان پرينءَ جي سُپَ تي“ ڀريي ويرداس کان ئي ٻڌو ھو، جيڪو -بيت- سنڌي شاعريءَ جي شروعاتي بيتن ۾ شمار ڪيو ويندو آھي. ھن درويش جو ديهانت 903 ھه/ 1497ع ڌاري ٿيو. سندس آخري آرامگاهه حيدرآباد جي ڀرسان گنجي -ٽڪر- تي آھي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو