بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Bhai Kalaachand ڀائي ڪلاچند

 
 
ڀائي ڪلاچند

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا



ڀائي ڪلاچند: -ڀائي ڪلاچند- جو جنم 6 -اپريل- 1867ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ديوان رامچند گدواڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. ڪلاچند اڃا ننڍو ئي هو ته هڪ جوڳيءَ کيس ڏسي سندس ماءُ کي چيو ته ’تنهنجو هي -ٻار- اڳئين جنم ۾ يوگي هو‘. ڪلاچند چوٿين درجي ۾ پڙهندو هو ته سندس من ۾ ويراڳ جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا. چوڏهن سالن جي عمر ۾ اسڪول وڃڻ بدران جهنگ ۾ اڪيلو ويهي سوچ ويچار ڪندو هو. ڪراچيءَ ۾ هڪ ناٽڪ ڏسڻ دوران هن جو من دنيا کان کٽو ٿي ويو. کاڌو پيتو ۽ گھمڻ ڦرڻ وسري ويس. سندس گهر ۾ ڀڳوان ڪرشن جي عبادت ڪئي ويندي هئي. هو به ڀڳوان ڪرشن جي مورتيءَ اڳيان ويهي گيان ۾ ايترو ته گم ٿي ويندو هو، جو کيس آسپاس ٻي ڪا سڌ ٻُڌ نه رهندي هئي. -ڀائي ڪلاچند- جو وڏو -ڀاءُ- سرڪاري ملازمت ۾ هو. -ان- ڪري هن ڪلاچند کي سرڪاري نوڪري ۾ رنڀايو. پر جنهن ڌڻي سڳوري جي نوڪري ڪئي هجي -ان- جي دل ڪٿان ٿي ٻي نوڪري ۾ لڳي. پٽ جي اداسي پرکي سندس ماءُ خيال ڪيو ته جيڪڏهن ڪلاچند جي شادي ڪرائبي ته سندس من سنسار ۾ لڳي ويندو، پر هن شاديءَ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. -ڀائي ڪلاچند- گھر ۾ دروازو -بند- ڪري ڀڄن ڀڳتيءَ ۾ مگن رهندو هو ۽ رات جو جھنگ ۾ وڃي ڌڻيءَ جي ڌيان ۾ گذاريندو هو. سپاهيلاڻي گھٽي حيدرآباد ۾ -ان- جي ملاقات سنت ڪيشوَ داس سان ٿي ۽ روحاني رنگ ۾ رنگجي ويو. ٽنڊي محمد خان وارو سوامي سچانند به کيس ڀائيندو هو. ٻئي گڏجيءَ سڄي سنڌ ۾ تيرٿن تي ويندا هئا. 1890ع ڌاري سماجي براين خلاف هڪ تنظيم جوڙيائين. عاملن ۾ مروج ڏيتي ليتيءَ جي رسم خلاف هلچل هلايائين. 1897ع ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ پليگ جي بيماري پکڙي ته گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ وڃي بيمارن جي خدمت ڪندو هو. کين هٿ سان کارائيندو پياريندو هو، دوا درمل ڏيندو هو ۽ جيڪڏهن ڪو گذاري ويندو هو ته -ان- جي لاش کي پاڻ کڻي -اگني- سنسار ڪري ايندو هو. هن -ڀڳت-، انساني خدمتگار ۽ سنت شاعر، 11 مئي 1911ع ۾ لاڏاڻو ڪيو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو