بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Taqi Shah Pir تقي شاهه پير

 

تقي شاهه پير


انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا



تقي شاهه، پير: پير تقي شاهه جيلاني 1850ع ۾ ڄائو. اصل پراڻي سکر جو رهاڪو هو، سندس والد صاحب جو نالو سيد پريل شاهه جيلاني هو. پير تقي شاهه جو حسب نسب پير عبدالقادر جيلانيرح سان ملي ٿو. پير تقي شاهه -باڊهه- ۾ پوسٽ ماسٽر مقرر ٿي آيو ۽ -باڊهه- جي ريواچند محلي ۾ اچي رهيو. پير تقي شاهه هڪ درويش صفت -انسان- ۽ تمام پرهيزگار هو. سندس ڪرامتن ۾ چلي پچائڻ واري ڪرامت تمام گهڻي مشهور هئي. پير تقي شاهه کي شعر شاعريءَ سان دلچسپي هئي، پاڻ تمام سٺو شاعر هو. سندن شاعريءَ ۾ ڪافيون، وايون، غزل، مولود ۽ -بيت- شامل آهن. پير تقي شاهه مذهبي طرح قادري مسلڪ ۽ وحدت الوجود واري نظريي جو قائل هو. سندس همعصرن ۾ خليفو گل محمد هالائي، عثمان فقير سانگي، قادر بخش بيدل، خوش خير محمد هيسباڻي، ڇتو فقير سانگي، مصري شاهه، شاهه نصير، مرزا قليچ بيگ، دادن فقير ۽ ٻيا ٿي گذريا آهن. کيس 3 پٽ ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو، پير تقي شاهه 29 مئي 1952ع تي 92 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس مزار -باڊهه- شهر ۾ موجود آهي. سندس مزار تي اڄ به روزانه سوين ماڻهو عقيدت ۽ احترام سان حاضري ڀريندا آهن، جتي هر سال ميلو لڳي ٿو .

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو