بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Baba Nebhraj بابا نيڀراج

 

بابا نيڀراڄ

 
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا



بابا نيڀراڄ: سنڌ جو بهترين صوفي شاعر ۽ بزرگ، -بابا نيڀراڄ- 1875ع ڌاري روهڙيءَ ۾ ڄائو. هيءُ هندن جي ”-ڀاٽيا-“ ذات مان هو. شاگرديءَ واري دور ۾ هوشيار هو ۽ هميشه سٺن نمبرن سان پاس ٿيندو هو. فائنل پاس ڪري، اسڪول ۾ ماستري ڪرڻ لڳو.
بابا نيڀراڄ کي سنڌ جي نامياري صوفي شاعر قادربخش بيدل جي صحبت حاصل ٿي، جنهن وٽان هن گهڻو فيض پرايو. -بيدل فقير- جي فرزند بيڪس فقير سان به سندس صحبت هئي. پاڻ سدائين مالڪ جي بندگيءَ ۾ مشغول رهندو هو. روايت آهي ته هڪ دفعي هو ايشور جي عبادت ۾ ايترو ته گم ٿي ويو، جو اسڪول وڃڻ جي ڳالهه به وسري ويس ۽ -ان- ڏينهن تي انسپيڪشن به هئي. هن ٻئي ڏينهن وڃي هيڊماستر کي سچ ٻڌايو ۽ حيران رهجي ويو، جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته، تون ته ڪالهه انسپيڪشن ۾ موجود هئين! -بابا نيڀراڄ-
-ان- واقعي کي مالڪ جو راز سمجهيو. پاڻ سڄي زندگي مجذوبيت واري حالت ۾ گذاريائين. 1949ع ڌاري وفات ڪري ويو. سندس تصنيفن ۾ ”پاڻ ٿو ڄاڻي“ ۽ ”راءُ ريجهايوسين“ مقبول ڪتاب آهن.
...
 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو