بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Bharwani Vishndas ڀارواڻي وشنداس



ڀارواڻي وشنداس

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا



ڀارواڻي، وشنداس: وشنداس ڀارواڻي، تعلقي ڪوٽڙيءَ جي ڳوٺ ”مانجھوءَ“ ۾ 1843ع تي ڄائو. سندس پيءُ جو نالو سيٺ نهالچند ڀارواڻي هو، جيڪو ”پکن ڌڻيءَ“ جي درٻار جو هڪ رتن هو ۽ واپاري هئڻ سان گڏ بزرگ ۽ شاعر به هو، سندس ڪيترائي مريد هئا. سکر جو درويش شاعر -بچل شاهه- به سيٺ نهالچند جو مريد هو. سيٺ وشنداس جون ننڍپڻ ۾ ڪچهريون، پنهنجي -باغ- ”بلاس“ ۾ ڪيترن مهتن ۽ پنڊتن سان ٿينديون هيون، هو طبع ۾ ويراڳ سبب هن وطن جا وڻ ڇڏي ڳوٺ جليانوالا، ضلعي فضور، پنجاب ۾ -ڀڳت- گلابداس جي چرنن ۾ پهتو. ٻارهن مهينن کان پوءِ کيس مرشد موڪل ڏني. پاڻ سنگيت جو ڪوڏيو هو. وٽس سنڌ جا مشهور گويا ۽ راڳي هِدو خان ۽ سندس پٽ سينڌو خان هميشه موجود رهندا هئا. -تصوف- تي ڪتاب لکرايا، جن ۾ مکيه شاعرن جا ڪلام، اُردو، پارسي، سنڌي ۽ سرائڪي ۾ گڏ ڪري مفت ۾ ورهائڻ جو انتظام ڪيائين. قرآن شريف جو ترجمو ڪرائي، مفت ورهايائين. اهڙيءَ طره سماج جي سڌاري تي ڪتاب ۽ وشن پرڪاش، وشن گنج، وشن گيان، وشن راڳ، ”ڪريما“ جو فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو، وش سڀا وغيره، ڪتاب ڇپرائي، مفت ورهايائين. ڪيترا اديب سندس ڪشاده دوستيءَ مان مستفيد ٿيندا هئا. 1885ع ۾ -انڊين نيشنل ڪانگريس- جي برپا ٿيڻ واري پهرئين اجلاس ۾، -بمبئي- وڃي شريڪ ٿيو. 1906ع جي ڪلڪتي واري اجلاس، ۽ 1908ع جي مدراس وارن اجلاس ۽ 1918ع تائين ڪانگريس جي اڪثر اجلاسن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو گهڻو عرصو ميمبر رهيو جيستائين جيئرو هو تيستائين تعلقي لوڪل بورڊ ڪوٽڙيءَ جو پريزيڊنٽ رهندو آيو. کيس انگريزن جي حڪومت ۾ چڱي پهچ هئي. جنهنڪري ”راءِ بهادري“ جو خطاب مليو هوس. -ان- جو مکيه ڪارڻ انگريزن جي پوئلڳي ڪرڻ نه هو، بلڪه وقت جي آفيسرن طرفان قائم ڪيل عوامي ڀلائيءَ جي ادارن ۾ دل کولي خيرات ڏيندو هو. سندس اولاد به ساڳيءَ طرح ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندو رهيو. سندس فرزند هرچند راءِ جي زندگي جو احوال ”رتن جوت“ ڪتاب ۾ قلمبند ٿي چڪو آهي. هو والد جي حياتيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو هو. سندس پوٽو سيٺ سکديو ڪجهه وقت پاڪستان -آئين- ساز اسيمبليءَ ۾ هو ۽ ڪانگريس هلچل ۾ مکيه -بهرو- ورتو هئائين، جنهن جو احوال ”رتن جوت“ ڪتاب ۾ آيل آهي. پاڻ ڪو وقت سنڌ هندو پئنچائت جو مکي هو. هي فرشته صفت -انسان- 7 جنوري 1929ع تي گهڻو وقت بيمار رهڻ بعد 85 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو