بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Waryal Faqir وريل فقير



وريل فقير

ابڙو، وريل فقير: وريل فقير ولد حمل خان 1842ع ڌاري ڳوٺ ڏتل ابڙي تعلقي قمبر، اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، سندس وڏا اصل ۾ ڀاڳناڙيءَ جا رھاڪو ھئا. وريل ننڍي ھوندي مال چاريندو ھو ۽ جھنگ جھر ۾ سريلي آواز ۾ ڪافيون ڳائيندو ھو. انھيءَ زماني ۾ ڳوٺ ڏتل ابڙي ۾ ھڪ درويش -الله- ڏني فقير، جيڪو پاڻ شاعري ڪندو ھو، اچي پنھنجو آستانو اڏيو، وريل فقير -الله- ڏني فقير جا -بيت- ۽ ڪافيون ڳائيندو ھو، جڏھن -الله- ڏني فقير، وريل جي واتان پنھنجا شعر بيحد سريلي آواز ۾ ٻڌا ته بيحد متاثر ٿيو ۽ وريل کي دل سان دعا ۽ داد ڏنائين. وريل فقير به -الله- ڏني فقير کان متاثر ٿيو ۽ درويش -الله- ڏني کي پنھنجو مرشد تسليم ڪيائين. -ان- بعد محفلون منعقد ٿيڻ لڳيون ۽ اوري پري جا ڪيئي فقير، صوفي، سالڪ، راڳي ۽ ڳائڻا وقت بوقت فقير سان ملڻ ۽ وحدت جي واٽ پڇڻ لاءِ پيا ايندا ھئا، -ان- کان علاوه وقت جا مشھور گويا به وٽس ايندا ھئا. پاڻ جھان گشتي به ڪيائين، اڪثر پيدل سفر ڪندو ھو. قلندر لال شھباز جي درگاھ تي به حاضري ڏيندو رھيو. سندس شاعري بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آھي. ھن سنڌيءَ کان علاوه سرائڪيءَ ۾ پڻ ڪلام چيو. وريل فقير 7 صفر 1338 ھجري مطابق 1919ع تي وفات ڪري ويو.
...


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو