بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Hazrat Khawaja Mohd Hassan Jan, حضرت خواجه محمد حسن جان



حضرت خواجه محمد حسن جان، خواجه عبدالرحمان سرهندي

پاڻ حضرت مجدد الف ثاني خواجه شيخ احمد سرهندي عليھ رحمت جي اولاد مان، ٻارهين پشت تي، حضرت خواجه عبدالرحمان سرهنديءَ جا وڏا فرزند هئا.
هندستان ۾ مسلمانن جي حڪومت ڪمزور ٿيڻ ۽ پنجاب ۾ سکن جي زور وٺن ڪري، سرهند مان سندن خاندان  جدا جدا جاين تي هجرت ڪري ويو. سندن وڏن مان حضرت شاهه  غلام حسين ۽ شاهه غلام حسن، احمد شاهه درانيءَ جي  چوڻ تي،  سرهند مان لڏي وڃي پشاور ويٺا، جتي سندن مزارون آهن. ان کان پوءِ سندن فرزند ميان غلام نبي جان اتان لڏي وڃي قنڌار ۾ سڪونت اختيار ڪئي، ليڪن امير عبدالرحمان جي دور ۾ جڏهن سندن خاندان تي سختي شروع ٿي ته حضرت خواجه عبدالرحمان (ولادت 1244هه، قنڌار) بن خواجه شيخ عبدالقيوم (وفات 1270هه) . پنهنجي والد جي وفات بعد، ان جي جاءِ تي مسند نشين ٿيا. پاڻ 1281هه ۾ قنڌار کان هجرت ڪري، سنڌ جي مختلف جڳهن ت اقامت ڪندا، 1298هه ۾ ٽکڙ ۾، سندس مريد سيد ميران محمد شاهه وٽ  پهتا. (ميران محمد شاهه قنڌار ۾ وڃڻ وقت سندن مريد ٿيو هو.) ٽکڙ ۾ ٻه سال رهي، پوءِ حرمين شريفين جي زيارت ۽ حج لاءِ حجاز روانا ٿيا، جتي ٽي سال رهي، وري سيد ميران محمد شاهه جي دعوت ۾ ٽکڙ ۾ اچي دائمي طور سڪونت اختيار ڪيائون ؛ پر جڏهن ٽکڙ جي ڳوٺ کي سنڌو درياهه پائڻ شروع ڪيو ته سندن معتقد ۽ مريد مير  غلام علي خان جي چوڻ تي، اچي ٽنڊي سائين داد ۾ رهڻ لڳا، جتي 1215هه ۾ داعي اجل کي لبيڪ چئي وفات ڪيائون. سندن مقبرو گنجي ٽڪر جي ڀر ۾ آهي.
سنڌ دهليءَ جي مغل حڪومت جي ماتحت هئي ۽ ان ڪري، سنڌين جا سرهندي بزرگن سان اڳي ئي تعلقات قائم ٿيل هئا. انهيءَ سلسلي ۾ پوئلڳن ۾ مکيه شيخ آدم عليھ رحمت، شيخ ابوالقاسم عليھ، رحمت مخدوم محمد معين عليھ رحمت، مخدوم محمد هاشم عليھ رحمت ٺٽوي، مخدوم محمد زمان عليھ رحمت لنواريءَ وارو ۽ سندن خليفو ميان عبدالرحيم گرهوڙي عليھ رحمت هئا، جن انهيءَ طريقي کي فروغ ڏيڻ ۾ اڳي ئي گهڻي ڪوشش ڪئي هئي. سنڌ ۾ سندن آمد پاڻ انهيءَ اثر کي وڌايو.
خواجه محمد حسين جان،  حضرت خواجه عبدالرحمان جو وڏو فرزند هو، جو 1275هه ۾، قنڌار ۾ ڄائو هو ۽ سندن  هجرت کان پوءِ ساڻن گڏ رهيو. سندن تربيت والد بزرگوار جي نگرانيءَ هيٺ ٿي. پاڻ تعليم، والد کان سواءِ مُلا  ميراعظم علي زئي ۽ مولوي لعل محمد مٽياريءَ وري کان، مڪي ۾ مدرسه صولية ۾ ورتائين. شيخ احمد دحلان عليھ  رحمت جون مڪي ۾ تقريرون به ٻڌيون هئائين، آخر ۾ فارسي ۽ عربيءَ ۾ تحصيل حاصل ڪري، وڏو عالم ٿيو. مڪي کان واپس اچڻ، بعد ٽکڙ ۾ ڪجهه وقت درس به ڏنائين، ليڪن سندس گهڻو وقت والد جي حياتيءَ ۾ خانداني ڪاروبار جي سنڀال ۾ گذرندو هو. ان وقت يا ان کان پوءِ به زهد، تقويٰ ۽ عبادت ۾ گهڻو وقت گذاريندو هو.
پاڻ ڪيترائي ڪتاب به تصنيف ڪيا هئائين، جن ۾ ”شفاء الامراض“  (عربي)، ”انيس المريدين“ (فارسي)، ”عهدو مواثيف“ جو فارسيءَ ۾ ترجمو، ”انساب الانجاب“، ”اصول الاربعھ في تديدالوهابية“ ، ”سفرنامه عربستان“ ۽ ٻيا ڏهه ٻارهن ڪتاب مکيه آهن.
کيس مطالعي جو گهڻو شوق هو، انهيءَ ڪري بهترين مذهبي ڪتاب جو مجموعو پاڻ وٽ ڪٺو ڪيو هئائين، جن ۾ ڪيترا ناياب نسخا هئا.
سندس روزانو پروگرام هيٺينءَ طرح هوندو هو: تهجد نماز پڙهي، وظائف ۾ مشغول ٿينو هو. فجر مهل مسجد ۾ اچي، نماز پڙهائي، مريدن کي ذڪر ڏيندو هو، اشراق کان پوءِ ڪجهه وقت مريدن جي مجلس ۾ ويهي، پوءِ آرام ڪري، وري اڳئينءَ نماز مهل ٻاهر نڪري، نماز پڙهائڻ بعد، مثنوي مولانا روم يا ٻين طريقت جي ڪتابن جو  درس ڏيندو هو. سندس مجلس رعبدار ۽ تقدس جو نمونو هئي.
پاڻ ٽي شاديون ڪيون هئائين: پهرينءَ شاديءَ مان پنج فرزند ۽ نَو نياڻيون ٿيس، جن مان ٽي فرزند: هر هڪ حضرت عبدالله جان معروف بھ شاهه آغا، صاحبزادو ميان عبدالستار جان ۽ صاحبزادو حافظ ميان محمد هاشم جان ۽ ست نياڻيون حيات رهيون. ٻيءَ شاديءَ مان ٽي پٽ ۽ ٽي نياڻيون ٿيس، جن مان سواءِ هڪ فرزند محمد حنيف جان جي، سڀ ڪوئيٽا جي زلزلي ۾ فوت ٿي ويا. ٽي شادي پنجهتر سالن جي عمر ۾ ڪيائين، جنهن مان اولاد نه ٿيو. اها شادي کيس وڏيءَ عمر ۾ خدمت ڪرڻ جي لحاظ کان، مريدن زور ڪري ڪرائي هئي.
سندس خليفن جو تعداد گهڻو آهي، جن مان منهنجي واقفيت حاجي فضل علي شاهه ڀانن واري، قاضي عبدالڪريم ميهڙ واري، 7 آخوند ميان عطا محمد مٽيارن وارن سان هئي.
منهنجي ساڻس واقفيت، گهڻي وقت کان، سندس فرزند ميان عبدالستار جان سرهنديءَ معرفت ٿيل هئي، ليڪن سلسلهء  طريقت جو لاڳاپو، سيپٽمبر 1937ع ۾، ڪوئيٽا وڃي وٽانئس ذڪر وٺڻ بعد پيدا ٿيو. مون پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته حق جي ڳولا لاءِ مون ڇا ڇا ڪيو. قاضي ميان بصرالدين وٽ انهيءَ معاملي لاءِ اڪثر ويندو رهندو هوس. ان جي صلاح ۽ هڪ خواب جي اشاري موجب، مون حضرت خواجه صاحب وٽ وڃي ذڪر ورتو. سندس صلاح موجب ڏاڙهي رکي، تهجد پڙهي، ورد وظائف ڪڍڻ شروع ڪيم، ليڪن مون کي ڪو خاص فائدو ڪو  نه پهتو. پر ان جي اها معنيٰ نه سمجهڻ گهرجي ته ٻيا جي سوين خليفا ۽ مريد سندس معتقد خاص هئا، سي ڪنهن فائدي کان سواءِ سندس گرويدا ٿيل هئا. سڀ ڪنهن جو نصيب ۽ طبيعت آهي.
شدم بدريا غوطه زدم نديدم در،
اين گناه بخت من است گناه دريا نيست.“

موجوده دؤر ۾ جڏهن اڪثر درويشن جا سجاده نشين پنهنجن بزرگن جي رستي کي ڇڏي، دنيوي اقتدار ۽ پئسن هٿ ڪرڻ جي پويان ڪاهجي پيا آهن، حضرت خواجه صاحب جي صحبت غنيمت هئي، جنهن مان روحانيت جي ذڪر، عبادت ۽ اخلاق جي تربيت ٿي ملي.
پاڻ 6 رجب 1365هه، مطابق 2 جون 1946ع تي وفات ڪيائين.
سندس فرزندن مان ٽن سان نياز منديءَ جو رستو رهيو آهي. وڏو فرزند شاهه آغا، جو هن وقت سجاده نشين آهي، والد جي روايت جو حامي ۽ عابد زاهد بزرگ آهي، جيئن ته اڄڪلهه عبادت ۽ زهد سان منهنجو گهڻو واسطو نه رهيو آهي، ان ڪري سندس صحبت کان پري ئي گذاريو اٿم. تازو سندس ملاقت مان فيضياب ٿي آيو آهيان، خدا کين وڏي حياتي ڏئي، قديم روايتن جو آخري يادگار آهي. کيس ٽي فرزند آهن: ميان غلام علي جان، ميان غلام نبي جان ۽ ميان محمد سعيد جان.
خواجه صاحب جو ٻيو فرزند آغا عبدالستار جان آهي. ميران محمد شاهه جي دوستيءَ ڪري، هو 1925ع کان منهنجو واقف ٿيو آهي. محبتي، اهل دل، سچو دوست، زمانه فهم بزرگ آهي. ساڻس اڪثر ملاقاتون ٿينديون رهن ٿيون. هن وقت باوجود پيدائش وڌڻ جي، گهڻين شادين ۽ ان جي نتيجن ڪري خوش نٿو گذاري. باوجود اعتقادي اختلاف جي، دلي ڏڍ ۽ سهارو آهي. خدا کيس وڏي حياتي بخشي! پنهنجي نموني جو هي به شايد آخري يادگار آهي. هن وقت قنڌار ۾ آهي. ”وڏي وس اٿم، ويڙهيچا ڀنڀور ۾!“ سندس فرزندن جا نالا  هي آهن: 1. غلام فاروق جان، 2. غلام عثمان جان، 3. غلام صديق جان، 4 اسدالله جان، 5. خليل الله جان، 6 ڪلييم الله جان، 7. سميع الله جان. خواجه صاحب جو  ٽيون فرزند آغا هاشم جان آهي. ان سان ويجهڙائي ۽ ملاقات گهٽ پئي رهي آهي. هو حافظ، حڪيم ۽ عالمن جي صحبت ۽ سنگت جو بزرگ آهي. ظاهري فقهي ۽ مذهبي معاملن ۾ سختگير آهي، ان ڪري مون جهڙن ڪم اعتقاد ماڻهن کي سندس مجلس ۾ وڃڻ لاءِ گهٽ ڪشش پئي ٿي آهي ؛ ليڪن سندس دوستن جو دائرو وسيع آهي، کيس ٻه فرنزد آهن، جن جا نالا ميان فضل الله جان ۽ محمد عابد جان آهن.
... 



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو