بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Thorho Nawab Khair Mohd Khan ٺوڙهو نواب خير محمد خان



ٺوڙهو نواب خير محمد خان

ٺوڙهو، نواب خير محمد خان: ٽالپرن جي دور جو نواب خير محمد خان ٺوڙهو، ڄام جئندي جي اولاد مان هو. -تاجپور- جا نواب لغاري ۽ نواب -ٺوڙها- پاڻ ۾ مٽ مائٽ هئا. نواب خير محمد خان -ٺوڙهي- ۽ نواب ولي محمد خان لغاريءَ جون مائرون پاڻ ۾ سڳيون ڀينرون هيون ۽ -ان- کانسواءِ خير محمد خان -ٺوڙهي- جي پٽ نواب دوست علي خان -ٺوڙهي- جي گهر واري نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي نياڻي هئي. -تاجپور- جي نواب لغارين سان گڏوگڏ -ٺوڙها- نواب به ٽالپرن جي اميرن ۾ شامل هئا. نواب خير محمد خان ٺوڙهو پڻ ٽالپرن جي مصاحبن مان هو. خير محمد خان -ٺوڙهي- جي ڀائيٽي نواب محمد خان -ٺوڙهي- جي غداري سبب مير شير محمد خان دٻي جي جنگ هارائي ويو. نواب محمد خان -ٺوڙهي- جي نالي سان حيدرآباد شهر ۾ -ٽنڊو ٺوڙهو- مشهور آهي، ليڪن -ان- کي -آباد- ڪندڙ ميرزا خسرو ۽ مرزا قليچ بيگ آهن. نواب خير محمد خان -ٺوڙهي- ڄمڻ ۽ وفات واري سنن بابت -تاريخ- خاموش آهي 



 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو