سيد پير ميان محمد شاهه
هي اصل جيلاني خاندان مان سڏائين ٿا. سندن وڏا ڪشمير جي طرف جا ويٺل هئا. پير
ميان محمد شاهه به اتي ئي ڄائو هو. سندس والد، جنهن سلسله، طريقت جي بيعت
خواجه نظام الدين ڪشميري ۽ خواجه محمد
قاسم موهڙي شريف کان ورتي هئي،
1896ع ڌاري سنڌ ۾ آيو ۽ ڳوٺ ڪنڊڙي تعلقي بدين ۾ رهڻ لڳو. هو ڪشميري نموني
تي زور سان ذڪر ڪندو هو. ڪهه وقت کان پوءِ کيس هڪ هندوءَ کي زوريءَ مسلمان ڪرڻ جي
ڏوهه ۾ سزا ملي، جنهن مان پوءِ اپيل ڪرڻ سان آزاد ٿيو.
ٿوري وقت بعد، والد جي وفت ڪرڻ، سبب، پير محمد شاهه جو وڏو ڀاءُ، انجي جاءِ تي
سجاده نشين ٿيو. هي وڏي ڀاءُ کان اجازت وٺي، سڪرنڊ تعلقي ۾، پهرين گهنڊيا جي ڳوٺ ۾
وڃي ويٺو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ سڪرنڊ جي ڀر ۾، حاجي محمد حسن چوهاڻ جي ڳوٺ جايون
ٺهرائي، اتي وڃي ويٺو.
هن جو سلسلهء طريقت قادري ۽ نقشبندي هو. وٽس جمعي نماز تي هزارين ماڻهو ايندا
هئا، جن ۾ ڪيترن کي حال پوندو هو ۽ وجد ۾ اچي، ڦٿڪندا، ڀتين سان ٽڪر هڻندا ۽ زمين
تي ليٽندا هئا. سندن ذڪر راڳ جي نموني تي آهي. ڪيترا چور ۽ جهنگلي ماڻهو سندس صحبت ۾ اچي سڌري ويا. سنڌ ۾ گهڻي وقت کان دستور
ٿي ويو آهي ته هر نئين ڳالهه ماڻهن کي پاڻ ڏانهن راغب ڪري ٿي. اڳوڻا پير صاحب اڪثر
سندن وڏن جي سلسلي کي ترڪ ڪري، ذِڪر ۽ فِڪر کي ڇڏي، نذرانن اڳاڙڻ جون ايجنسيون ٿي
پيا هئا؛ تنهن ڪري هي نئين قسم جو تحرڪ ڪيترن ماڻهن کي پسند آيو ۽ هن جا مريد ٿيڻ لڳا. ڪيترن پيرن
طرفان سندس مخالفت ٿي، پر هن هڻي وڃي هنڌ
ڪيو. سڪرنڊ جي ڀر واريءَ رهائش تي گهر جون جايون، مسجد ۽ پنهنجو قبو ٺهرايائين.
آخر عمر ۾ بيمار گذارڻ لڳو، جتي 29 جمادي الاول 1355هه، مطابق 18 آگسٽ 1926ع،
اڱاري جي ڏينهن وفات ڪيائين.
پير صاحب جي وفات وت سندس فرزند اڃا
ننڍو هو. مٽياري سيد، ميان حاجي علي اڪبر شاهه باقيل پوٽو سندس خاص خليفن
مان هو. سگهو ئي سندس مريد ٻن گروهن ۾
ورهائجي ويا. هڪڙا پير صاحب جي ننڍي فرزند ميان احمد شاهه جا طرفدار ٿيا ۽ ٻيا
حاجي علي اڪبر شاهه جا طرفدار، جنهن سڪرنڊ جي اڀرندي طرف پنهنجي خانقاهه بنائي
هئي، ۽ سندس وفات کان پوءِ سندس فرزند سيد حاجي علي احمد جانشين ٿيو، جو عربي
مدرسو کولي، درس تدريس جو ڪم ڪري رهيو آهي. هن وقت ٻنهي گروهن ۾ نظرياتي اختلاف ٿي
پيا آهن، حاجي علي احمد شاهه جو گروهه، ديوبندي علماءَ جي پوئلڳيءَ ۾، مذهب کي اخلاقي
۽ علمي اصلاح واسطي ڪتب آڻڻ جو حامي آهي ؛ ۽ پير ميان احمد شاهه وارو گروهه ذڪر
اذڪار، روحاني تعليم، ڪاني ڪرامت جو طرفدار آهي، ٻيئي ڌريون پنهنجي پنهنجي نموني
پير صاحب جي مريدن کي سمجهائڻ ۾ مشغول آهن. تازو اولهه پاڪستان ۾ شروع ٿيل مذهبي
اختلاف، ”نوري“ ۽ ”بشري“ جي فتني کان هي به بچي نه سگهيا آهن. حاجي علي احمد شاهه
وارا بشري تحريڪ جا حامي آهن، ۽ ميان احمد شاهه وارا نوريءَ نظريي جا طرفدار آهن
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو