بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Hazrat Faqir Mast Mohd Muqeem Sufi Alqadri حضرت مست محمد مقيم صوفي القادري



حضرت فقير مست محمد مقيم صوفي القادري

سنڌ جي اهل ولايت بزرگن جو نالو هميشه کان ئي تصوف جي دنيا ۾ مٿاهون ۽ مان وارو رهيو آهي. سنڌ جي فقيرن مُحي الدين ابن عربي جي وقت کان وٺي پاڻ کي پروڙڻ جي ڄاڻ ۽ پيغام ڏيندا رهيا آهين. انهن عُشاقن ۾ حضرت شاه لطف الله قادري، حضرت شاه عبدالطيف ڀٽائي، حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻي، حضرت سچل سرمست، شاه عنايت شهيد، حضرت قادر بخش بيدل، حضرت صوفي روحل فقير ۽ ٻين هنڌ سنڌ اهل ولايت بزرگن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ حق جو هوڪو ڏنو. اهڙن املهه هستين ۾ حضرت فقير ٻڍل فقير صوفي القادري جن جو فرزند ارجمند حضرت صوفي فقير مست محمد مقيم به پاڻ پنهنجو پٽ پاڻ هو.
پيدائش؛
حضرت فقير مست محمد مقيم جن جي پيدائش جي بابت صحيح معلومات راقم الحروف کي نه ملي سگهي. پاڻ جن پيدائش 1880 جي ارد گرد ڳوٺ درگاه ٻڍل فقير، شڪارپور ۾ ٿي. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي والد ماجد شهنشاه فقير ٻڍل سائين جن جي صحبت ۾ رهيا. پاڻ حضرت ٻڍل فقير سائين جن جا منظور نظر هئا. بقول ٻڍل سائين جن جي “مست مقيم مون کي ڏاڍو پيارو آهي”. اهڙي روايت درگاه جا فقير به ڪن ٿا ته حضرت ٻڍل سائين جن حضرت مست محمد مقيم جن کي وڌ ۾ وڌ ڀائيندا هئا. جيستائين پاڻ پنهنجي اکين سان پنهنجي مربي پٽ کي نه ڏسندا هئا ته دل کي سک ۽ آرام نه ملندو هين. ائين کڻي چئجي ته حضرت مست محمد مقيم جن شهنشاه ٻڍل سائين جن لاءِ محبوب جي صورت هئا. وري ان جي ابتڙ حضرت مست محمد مقيم سائين هميشه شهنشاه ٻڍل سائين جن کي هڪ مربي پير مغان وانگر ڪري ڏٺو. فقير مست سائين جن جڏهن به ٻڍل سائين جي سامهون ويٺا ته با ادب ٿي دوزانو ٿي ويهندا هئا. حضرت مست محمد مقيم مرشد حضرت ٻڍل سائين سان عقيدت جو اظهار پنهنجي بيتن ۾ هن ريت ڪيو آهي؛
“نيڻ کيڻي تون نهار، مرشد نانءُ مولا جي”
هڪ ٻئي هنڌ فرمايو اٿن:
“مست مقيم کي هردم هادي، ٻڍل ڀري ڏي جام”

سيرت؛
حضرت فقير مست محمد مقيم کي پير مغان طرفان عشق جي ڪا اهڙي عنايت مليل هئي جو پاڻ جيڪو وقت خلوت ۾ ملندو هين سو محبوب سان روح رهان ڪندي گذرندو هين. پاڻ رات جو آرا ڪين ڪندا هئا. گهڻو ڪري فقرائن کي وحدت جا راز سمجهائيندا هئا يا وري راڳ ويراڳ جي محفل مان عشق جي آڳ کي توڙ تائين پهچائيندا هئا. ٻڍل سائين جن جي موجودگي حضرت مست محمد مقيم جن طالبن لاءِ هڪ مثالي مريد جي صورت هئا. ٻيا فقير سائين مست محمد مقيم جن کي ڏسي حقيقي مريد هئڻ جي معني پرورڻ جي سعي ڪندا هئا. ائين کڻي چئجي ته ٻڍل سائين جن حضرت مست محمد مقيم جن صورت ۾ طالبن کي اها پئي تلقين ڪرڻ فرمائي ته “طريقت جو طالب هيئن هوندو جيئن حضير مست محمد مقيم جن آهي.”
مجازي غِشق:
ڪنهن درويش جو قول آهي “المجاز قنطرته في الحقيقت” يعني “مجاز حقيقت ڏي وڃڻ لاءِ هڪ پل جو ڪم ڪندو آهي”. حضرت فقير مست محمد مقيم جن ازلي حسن جو مشاهدو وٺڻ لاءِ هميشه پياسي رهندا هئا. پاڻ پنهنجي زندگي ۾ هڪ سچي عاشق وانگر وحدت جي باغ جي گلن جو واس ورتو. سائين حضرت فقير مست محمد مقيم جن به اهل ولايت بزرگن وانگي مجاز جي منزلن مان اڪري پار ويا. انهيءَ مجاز جي سموري سفر ۾ سندن مرشد حضرت ٻڍل فقير سائين جن سندن همراهه هيا. انهي مجازي محبت جو هڪ حيرت ۾ وجهندڙ قصو جيڪو حضرت مست محمد مقيم جن جي زندگي ۾ پيش آيو سو هت بيان ڪرڻ ضروري آهي.
            حضرت مست محمد مقيم جن سلطان ڪوٽ جي پٺاڻن جي هڪ نيڪ صورت ۾ نيڪ سيرت خاتون جي مجازي عشق جي الستي چوٽ جا شڪار ٿيا. فقير سائين جو عشق ڪو دنياوي ڪونه هو. اِهو عشق آکين جو آکين سان هو. فقير سائين جو عشق ڪيترا ورهه جاري رهيو. فقير سائين جن کي پنهنجي محبوب سان ايترو ته لڳاءُ هو ڳالهه وڃي جيئڻ مرڻ جي قسمن تائين پهتي. انهيءَ دوران فقير مست سائين ان مجازي عشق جو اهڙو لڪ ڪيو جو ڪنهن کي خبر ڪو نه پئجي سگهي. چوندا آهن ته عشق ۽ مُشڪ ڪو نه لڪندو آهي. اهڙي طرح هڪ ڏينهن فقير مست سائين جن جو محبوب رضائي الاهي سان هن دنيا مان برقعو مٽائي ويا. هوڏانهن فقير سائين جن جي محبوب دم ڌڻي حوالي ڪيو. هيڏانهن فقير سائين جن اُٿي کڙا ٿيا. اکين مان نير ۽ سر تي خاڪ وسائي محبوب جي جسد خاکي  کي وٺڻ لاءِ فقراه کي سڏ ڪيائون. جڏهن فقراه کي خبر پئي ته انهن کان ڇرڪ نڪري ويا. ڇو جو ان دور ۾ سلطان ڪوٽ جا پٺاڻ هڪ ته پنهنجي قبيلي جا سردار ۽ ٻيو ته تز ۾ سندن وڏو اثر رسوخ هيو. ڪنهن جي مجال ڪونه هوندي هئي جو پٺاڻن جو نالو وٺي. انهن جو نالو وٺڻ خاص ڪري ڪنهن ننگ جو ڄڻ خطري يا وري موت کي دعوت ڏيڻ جي مترادف هيو.
            اِهو خيال ڪري فقيرن سائين مست مقيم کي عرض ڪيو ته، “سائين جن جو اوڏانهن وڃڻ مناهب ناهي.” پر فقير مست سائين فقيرن کي چيو ته “اسان پنهنجي محبوب سان قول قرار ڪيا آهن جيڪي اسين پاڙيندا سين. فقيراڻي جو جسد خاڪي درگاه ٻڍل سائين وٽ دفن ٿيندو. سو اچو ته هلون.” مرشد جي امُر کي برچشم رکي فقراه سائين مست جن سان روانو ٿيو.
            جيئن ته سائين جن جو فقراه هٿين خالي هئو سو هلڻ مهل انهن جي دلين ۾ خيال آيو شايد هُو موت جي منهن ۾ پيا وڃن. سائين مست مقيم جن اهڙو اندازو باطني طرح سان لڳائي ورتو ۽ فقيرن کي چيو ته “اوهين ڪو اُلڪو نه ڪريو اسان توهان سان گڏ آهيون، توهان جو ڪو وار به ونگو نه ڪري سگهندو.” اهڙي آٿت ڏيڻ تي فقيرن جي همت وڌي وئي.
             اُتي پهڄڻ بعد سائين مست مقيم جن پٺاڻن جي حويلي ۾ اندر وڃي پهتا جتي سندن محبوب جو جسد خاڪي رکيل هو. اُتي موجود خواتين ۾ شوروغل پئجي ويو. تان جو اها خبر ٻاهر تڏي ته ويٺل مردن تائين پهتي، سو اهي وٺي ڀڳا، جهڙي مهل گهر ۾ سائين جن جي آمهون سامهون ٿيا ته غيرت ۾ جلي پچي ويا ۽ سائين جن کي نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيائون. تهڙي مهل سائين مست سائين جن انهن پٺاڻن کي هڪل ڏيئي ڪري چيو ته، “متان اڳرائي ٿوءَ، هي اسان جي فقيراڻي آهي. اسان جا هن سان نينهن جا قول قرار ٿيل آهن. سو هِن جو ڪفن دفن اسان جي ڳوٺ ۾ ٿيندو. اسان هي پاڻ سان گڏ کڻائي وينداسون.” اِهو ٻڌي ويتر تپي ويا. اُن مهل ويرين جي وچ ۾ بيهڻ ڪنهن جوڌي جوان جو ڪو ڪم هوندو آهي. سائين جن بلڪل بي خوف هئا. هنن مان ڪنهن چيو ته،“ توهان جي محبت ۽ قول قرار ڪوڙا آهين.”  جنهن تي سائين مست مقيم جن کي جلال اچي ويو۽ فرمايائون ته، “ جي هيءَ فقيراڻي پاڻ توهان کي چوي ته پوءِ توهان مڃندوءَ؟” اهو چئي سائين جن فقيراڻي ڏي منهن ڪري فرمايو،“اُٿ فقيراڻي، هنن کي ٻُڌاءِ”.
           اُن بعد جيڪو ٿيو سو اُتي موجود ڏسندڙ اکين جون وايون بتال ڪري ڇڏيون. مماتي واري فقيراڻي ڪفن مان سِرُ ڪڍي اٿي ويهي رهي. پنهنجي مائٽن کي مخاتب ٿي چوڻ لڳي ته “توهان ڇا پيا ڪيو، منهنجو سائين جن سان پاڪ محبت آهي ۽ تا قيامت رهندي، متان اڳرائي ڪري ڪو غلط قدم کنيو ٿوءَ جو ساري عمر لاءِ پٽجي نه وڃو، سائين جن جي هستي جي سڃاڻ ڪريو.” هنن لفظن کان پوءِ فقيراڻي سائين جن سان ڪنن ۾ ڪجه ڳالهايو ۽ پهرين واري حالت ۾ سمهي رهي.
             هي ڪرامت ڏسي اُتي موجود تمام مرد ۽ عورتون سائين جن جي قدمن تي ڪري پيا ۽ گستاخي جي معافي وٺڻ لڳا. پاڻ انهن کي معاف ڪيو ۽ فرمايو ته، “اسان هاڻي هن فقيراڻي کي پاڻ سان گڏ کڻائي وينداسين.” جنهن تي پٺاڻن جي چڱي مُڙس سائين جن کي ڳچي ڳارو ۽ هٿ ٻڌي ڪري عرض ڪيو ته “سائين، هي فقيراڻي اسان جو ننگ آهي. جي هن جو جسد خاڪي ڳوٺ کان ٻاهر ويو ته ان سان اسان جي پوري راڄ ۾ بي عزتي ٿيندي ۽ اسان ڪنهن جي اڳيان منهن نه کڻي سگهنداسين، توهين ۽ توهان جا فقير ڀلي هن فقيراڻي جو جنازو کڻي هلن. مگر مهرباني ڪري هن کي دفن اسان جي ڳوٺ واري قبرستان ۾ ڪيو وڃي.” اهو ٻُڌي سائين جن انهن جي عزت رکي فقيراڻي جي جنازي کي فقرائن سان گڏ کڻي ري پٺاڻن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو. اتي ٽي ڏينهن گذارڻ بعد سائين پنهنجي ڳوٺ واپس آيا.

وصال:
           ان واقعي بعد فقير مست سائين جن ڪافي اداس رهندا هئا ۽ ڪنهن شيءَ ۾ دل نه لڳندو هُين. بس هر گھڙي محبوب کي پئي ياد ڪيائون. چون ٿا ٺيڪ هڪ سال بعد جيئن سائين جن جو پنهنجي محبوب سان وچن ٿيل هو. سو سائين جن ڪنهن فقير کي چيو ته ڪاغذ ۽ قلم کڻي اچي. فورن حڪم بجا آوري ڪئي وئي. سائين مست سائين جن ان مهل پنهنجي وصيت لکي پنهنجي فقرائن جي حوالي ڪئي ۽ ڪجه ماڻهن لاءِ پارتون ڪيائون. پوءِ سائين جن پنهنجي بابا سائين حضرت ٻڍل فقير ۽ پنهنجي پربي ڀائر سائين فقير عبدالڪريم سائين ۽ فقير عبدالحڪيم سائين جن سان آخري ملاڪات ڪري موڪلاڻي ورتي. انهيءَ بعد سائين جن “ياعلي مدد” چئي چادر تاڻي سمهي رهيا. سائين مست مقيم جن جو روح مبارڪ انهيءَ حالت ۾ پنجنجي ازلي محبوب سان وڃي مليو. حضرت مست سائين جن جو وصال ڦوهه جواني ۾ ٿيو. ڀائنجي ٿو ته حضرت مست مُقيم سائين جن جو وصال 1920ع واري ڏاهاڪي ۾ ٿيو. جنهن سندن والد محترم حضرت ٻڍل فقير سائين جن جي جيءَ کي جهوري ڇڏيو. مُربي پُٽ جي وصال بعد والد محترم جن جي نظر به گهٽجي وئي. هر دم مست سائين جن جي ياد اکين مان نيرن جي ظاهر ٿيندي هُئي.
         حضرت فقير مست محمد مقيم جن جي مٿان روضي ٺهڻ جو قصو به عجيب آهي. چون ٿا ته ملتان جو جين ٺاهڻ جي ماهر ڪاريگر کي مست سائين خواب ۾ڳوٺ ٻڍل فقير تي اچي روضي جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪرڻ جو حڪم ڪيو. ظاهرت ۾ اُن وقت ڳوٺ ۾ ڪو روضو يا خاندان جي ڪا تربت ڪو نه هئي. سو اهو ڪاريگر اچي پڇائيندو پڇائيندو ڳوٺ حضرت ٻڍل فقير ۾ اچي پهتو ۽ خواب وارو سارو احوال اچي ٻڍل سائين کي ڪيائين. انهن بعد روضي جي اڏاوت جو ڪم شروع ٿيو. مگر روضو اڃا پورو ٿيڻ وارو هو ته ڪاريگر وصال ڪري ويو. جنهن بعد روضي جو پورو ڪم درگاھ جي گادي نشين حضرت فقير عبدالڪريم پنهنجي زير نگراني ۾ مڪمل ڪرايو.

مولود شريف؛
چوڻي لڳ ڀني رين آيو، آيو محمد آيو
پرڻي رات رسول جي، حوران هنڌڙو وڇايو
پرڻي رات رسول جي، ملڪن مشڪ ملايو
مرڻ ويل مُقيم چوي، ڪلمين ساڻ هلايو
***
چوڻي لا اله الا الله ڪلمون ڪيو نصيب الله
وڳا نغاري دين دا، چڙهيا احمد شاه
ٺلهي آءِ ٻيڙي دين دي، لوڏن لهرن کان بچاءِ
قبر انڌاري ڪوٺي، ناهي چلڻ جي جاءِ
عملين والين اڏر ڳئي، بي عملين جو ته الله
بابا بيبي فاطمه جا، امت ڪا ملجا
 مرڻ ويلي مُقيم چوي، ڪلمين ساڻ هلاءِ


 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو