بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Jalal Faqir Talpur جلال فقير ٽالپر



جلال فقير ٽالپر

جلال فقير ٽالپر: صوفي شاعر جلال فقير، 1220هه/1805ع ڌاري پنهنجي اباڻي ڳوٺ -ٽالپر وڏا-، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو. هن پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي مان عربي ۽ فارسيءَ جي -تعليم- حاصل ڪئي. سندس مائٽ زميندار ۽ خوشحال ماڻهو هئا، پر هن جي دل انهن ڳالهين سان گهٽ لڳندي هئي. ننڍي هوندي کان ئي سندس طبيعت فقيري واري هوندي هئي. هن شاعريءَ جي شروعات ننڍي هوندي کان ئي ڪئي. هيءُ ڪنڊڙيءَ وارن فقيرن مان دريا خان“ فقير جو صحبتي ۽ معتقد هو، پوءِ هن تجل شريف جهوڪ شريف ۽ راجپوتانا جا پنڌ ڪيا. چيو وڃي ٿو ته جتي به ويو اتي ڪا نه ڪا ڪرامت ڏيکاريندو رهيو. -جلال فقير ٽالپر- اڳتي هلي وڏي درجي تي پهتو، ايتري قدر جو سندس ڪيترائي ماڻهو مريد ٿي پيا. محترم نياز همايونيءَ موجب ڪنڊڙيءَ وارن درويشن جا -ٿر- ۽ راجپوتانا ۾ ماڙيچا هندو توڙي مسلمان مريد هئا. اهڙيءَ طرح جلال فقير جا پڻ انهيءَ پاسي گهڻا عقيدتمند ٿي پيا. جوڌپور ۽ جيسلمير جي راجائن جا پروانا پڻ سندس مهرن سان چمڙيءَ جي ٽڪرن تي چنبڙايل ڪاغذن ۽ گرمکي، شاستري اکرن ۾ فقير صاحب جي پوين وٽ اڃا تائين موجود آهن. ڪن جي چوڻ موجب صوفي -جلال فقير ٽالپر- -ٿر- جي ويران ڀٽن تي ڪيترائي ڏينهن مراقبي ۾ ويٺو هوندو هو. ساڻس ماني ۽ پاڻي وغيره به بلڪل نه هوندا هئا. وٽس فقط کارڪون هونديون هيون، جن مان روزانو کارڪون کائي گذارو ڪندو هو. وٽس ڪي مريد يا ٻيا ماڻهو گهڻو ڪجهه کڻي ويندا هئا. پر هي وٽانئن سواءِ پاڻيءَ جي ٻيو ڪجهه ڪين وٺندو هو. دنيا جي هر لالچ کان پاسيرو رهندو هو. هر ساهه واري شيءِ کي تڪليف پهچائڻ وڏو گناهه سمجهندو هو. اهو ئي سبب هو جو وڏن وڏن سفرن ڪرڻ جي باوجود هن فقير ڪڏهن به وهٽ تي سواري نه ڪئي. بلڪه ٻين کي به جانورن تي سواري ڪرڻ ۽ کانئن ڪو به ڪم وٺڻ کان سختي سان منع ڪندو هو. هن هڪ سئو سالن کان وڏي ڄمار ۾ سن 1329هه/1911ع ۾ وفات ڪئي.




No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو