بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Arbab Togachi KhanSahib ارباب توڳاچي خانصاحب



ارباب توڳاچي خانصاحب

ارباب -توڳاچي- خانصاحب: -ارباب- خانصاحب -توڳاچي-، -ارباب- خاندان جي مشهور سخي مرد -ارباب- مير محمد جو پٽ هو. -ارباب- خانصاحب -توڳاچي- سياست جي شروعات 1925ع کان ڪئي. راڄوڻي فيصلن جو ماهر هو. 1936ع کان 1956ع تائين ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر (M.L.A) رهندو آيو.
1936
ع ۾ پهريون ڀيرو خانصاحب عطا محمد پلي سان مقابلو ڪيائين ۽ کيس شڪست ڏئي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ۽ M.L.A بڻيو. 1941ع جي اليڪشن ۾ غلام نبي شاهه کي شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو ايم. ايل. اي بڻيو. 1946ع جي اليڪشن ۾ مير ملڪ محمد -ٽالپر- کي هارائي ٽيون ڀيرو ايم. ايل. اي طور ڪامياب ٿيو. 1956ع جي اليڪشن دوران سندس مقابلي لاءِ لطف علي دل ميدان ۾ لٿو، جنهن کي به ڪاميابي حاصل نه ٿي. -ٿر- جي عوام وڏي اڪثريت سان خانصاحب توڳاچيءَ کي ووٽ ڏئي پنجون ڀيرو ايم. ايل. اي طور ڪامياب ڪيو. -ارباب- توڳاچيءَ جي راڄوڻي جوڙ توڙ، ڏاهپ ۽ -ٿر- جي عوام لاءِ رات ڏينهن پاڻ پتوڙي خدمتن ڪرڻ عيوض -انگريز- سرڪار کيس ”خانصاحب“ جو لقب ڏنو.
1943
ع ۾ جڏهن سنڌ -اسيمبلي- قرارداد پاڪستان جو ٺهراءُ منظور ڪيو ته -ان- وقت -ارباب- خانصاحب توڳاچيءَ به پنهنجو قيمتي ووٽ قرارداد جي حق ڏئي ٿرواسين جي نمائندگي ڪئي.
خانصاحب -توڳاچي- 1971ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس آخري آرامگاهه ڏيپلي تعلقي ۾ سندس اباڻي ڳوٺ کيتلاريءَ جي قبرستان ۾ واقع آهي.


 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو