بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Makhdoom Miyan Basar ul Din مخدوم ميان بصرالدين

مخدوم ميان بصرالدين

هي صاحب سيوهڻ جي صديقي خاندان مان هو، جي قاضي سڏبا هئا. 1863ع ڌاري ڄائو، ۽  فارسي،  عربي ۽ انگريزي تعليم حاصل ڪيائين، پوءِ سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو، پر ٿوري وقت کان پوءِ اها ڇڏي، ياد الاهيءَ لاءِ گوشي نشيني اختيار ڪيئي. هي وڏو عالم، درويش، عمدو حڪيم، فيلسوف، زهد ۽ تقويٰ جو صاحب بزرگ هو. اڪثر عام ماڻهن سان گهٽ ملندو هو ۽ اڪيلائيءَ ۾ رهڻ پسند ڪندو هو. سندس گهڻو وقت عبادت ۽ ذڪر فڪر ۾ گذرندو هو. وٽس پري پري کان ماڻهو علاج ۽ دعا لاءِ ايندا هئا.

مخدوم صاحب ڪيتريون مجدوبانه ڳالهيون ڪندو هو. مثلاً؛ مونکي ٻڌايائين ته پاڻ هڪ دفعي خواب ۾ بهشت جو سير ڪيائين، جتي ڏاڙهونءَ جا وڻ ڏسي هڪ پٽي کاڌائين، جنهن ڪري ڪيئي ورهيهه کيس اُڃ ڪا نه لڳندي هئي.

ٻي ڳالهه اها ڪندو هو ته پاڻ هڪ اهڙي دوا تيار ڪئي هئائين، جنهن جي کائڻ سان زندگي تمام وڏي ٿي ويندي. پر کيس خيال آيو ته ائين ڪرڻ سان ماڻهن کي موت جو خوف لهي ويندو ۽ وڏيءَ عمر جي ڪري ڏک ۽ تڪليفون ڏسڻا پوندا ۽ بيروزگاري وڌندي. ان ڪري اها دوا اڇلائي ڇڏيائين. ۽ نسخو ڦاڙي ڇڏيائين. چي: ”اها ڳالهه  مشيت ايزدي جي خلاف هئي!“

ٽين ڳالهه اها ڪندو هو ته هڪ دفعي قلندر شهباز جي درگاهه تي زيارت لاءِ ويو ته سون جو هڪ ٽڪر هٿ آيس، پهرين خيال آيس ته سيدن کان هو زياده غريب ۽ مستحق هو، تنهن ڪري اهو ٽڪر کڻي وڃي پنهنجي ڪتب آڻي، پر پوءِ خيال آيس ته ان ۾ ڪن يتيمن جا به حصا هئا، تنهن ڪري اهو ٽڪرو موٽائي اتي رکي ڇڏيائين.

ڪيترا ماڻهو سندس علمي گفتگو ٻڌڻ ۽ دعا وٺڻ لاءِ وٽس ويندا هئا. آءُ به انهن مان هڪ هوس، مون سان گهڻي محبت هوندي هيس. مون کيس ٻه ٽي دفعا عرض ڪيو ته دعا ڪريو ته سياسي مها ڄار مان نڪري، حق جي راهه ڳولڻ طرف راغب ٿيان. هر دفعي اهو جواب ڏنائين ته تنهنجي سياسي زندگي به عبادت آهي، تنهن ڪري ان مان نڪرڻ نه گهرجيئي. سياست ۾ مخلص انسانن جي ڪمي آهي ۽ تو جهڙن ماڻهن جو ملڪي سياست ۾ هجڻ ملڪ ۽ قوم لاءِ مفيد آهي.

مخدوم بصرالدين 11 جنوري 1938ع تي وفات ڪئي. ان وقت سندس عمر 75 سال کن هئي، کيس ميان فخرالدين نالي فرزند ٿيو 



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو