بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Molvi Ghulam Ahmed مولوي غلام احمد

مولوي غلام احمد  صاحب

هي صاحب بلوچن جي ملڪاڻي قبيلي مان هو، پنهنجي ڳوٺ ۾، 14 رمضان 1247هه، مطابق 5 اپريل 1860ع تي ڄائو. ستن سالن جي عمر ۾ کيس ڀر واري ڳوٺ جي آخوند عبدالڪريم جي مڪتب ۾ قرآن شريف پڙهائڻ لاءِ ويهريو ويو. پوءِ سيالن جي ڳوٺ ۾ پارسيءَ جي تعليم ورتائين، ساڳئي وقت، هن دادو شهر جي پرائمري اسڪول ۾ ست درجا سنڌي  پڙهيا. پوءِ عربي پڙهڻ لڳو، ۽ 1302هه  ۾ مولوي محمد حيدر آباديءَ وٽ دستاربندي ڪيائين. سندس ٻيا استاد حاجي حسن الله پاٽائي، مولوي عطاءُ الله فيروز شاهي ۽ مولوي نور محمد صاحب شهدادڪوٽي هئا.

تحصيل ڪرڻ بعد، چاليهن سالن تائين پاڻ درس ڏنائين. ساڳئي زماني ۾ ڪيترا سفر به ڪيائين. پنجاب، گڏيل علائقن (يوپي) ، عراق ۽ حجاز جو سير به ڪيو هئائين، عراق وڃڻ وقت هن شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي سجاده نشين سيد مصطفيٰ قادري عليھ کان قادري طريقي جي بيعت ورتي. ٿوري وقت جي محنت  کان پوءِ کيس انهيءَ سلسلي ۾ ذڪر ڪرائڻ جي سند ملي، مديني ۽ مڪي ۾ ڏيڍ سال رهيو، اتي جي مشهور محدث سيد احمد دحلان ۽ ”مدرسھ صولية“ جي مدرس اعليٰ، شيخ رحمت الله، سان ملاقاتون ڪيائون. اتي کيس شام جي عالم ابو ناصر سان ملڻ جو به موقعو مليو. 1319هه ۾، مولوي صاحب هندستان جي سرهند، مهڙا، گولڙا ۽ ٻين درگاهن جي زيارت لاءِ ويو ۽ طريقت جي چئن ئي مکيه سلسلن جون سندون ورتائين. 1326هه، مطابق 1908ع ۾ وري ٻيو ڀيرو پنجاب ويو، ۽ هن دفعي حافظ عبدالڪريم جي مدرسي ۾ رهي، قران جو حافظ ٿيو. نقشبندي طريقي جي بيعت، 1315هه ۾ خواجه عبدالرحمان سرهنديءَ جي هٿ تي ڪيائي. پوءِ خواجه ولي محمد ملاڪاتيارن واري کان ڪي سبق طريقت جا حاصل ڪيائين. ان بعد مهڙا شريف جي خواجه محمد قاسم کان نقشبندي طريقي جي وڌيڪ تعليم حاصل ڪيائين ۽ چشتي طريقي جي سند سيد ميهر شاهه گولڙي واري کان ورتائين، جيتوڻيڪ چئن ئي سلسلن ۾ تعليم ورتي هائئين، پر  تلقين اڪثر نقشبندي طريقي سان ڪندو هو.

مولوي صاحب جا ڪيئي شاگرد ۽ خليفا ٿي گذريا آهن. مولوي امير محمد شاهه  اميناڻي وارو، بقول مخدوم احمد متجبيٰ ملڪاڻي، مولوي صاحب جي شاگردن مان هو. مولوي ملڪاڻي  صاحب کي فقهه ۾ خاص مهارت هئي. ڪيئي فتوائون لکيائين. جن جي مجموعي کي ”فتاويٰ ملڪاڻي“ سڏجي ٿو. سندس وعظن جو ڪتاب ”سبيل الرشاد“ چئن جلدن ۾ آهي. شعر به چيو اٿس. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام سان خاص محبت هوندي هيس. سندس مجلس هميشھ ٻهڪندي رهندي هئي. پاڻ عشق نبوي ۾ سرشار هو، ۽ سندس وعظ ۾ ڏاڍو سوز هو، خلافت هلچل ۾ به حصو ورتو هئائين. هڪ دفعي مهرباني ڪري منهنجي دعوت تي سن ۾ اچي منزل انداز ٿيو. چڱي ملاقات ٿي. ان کان پوءِ خط ڪتابت جو رستو هلندو آيو.

مولوي صاحب، باوجود فقيريءَ جي، وڏي شان شوڪت سان،  ٻين پيرانِ طريقت وانگر، جَبي ۽ دستار سان، پاڻ کي مافي (ڏوليءَ) ۾ کڻائيندو هو. مريدن جو وڏو انبوهه ساڻس همراهه هوندو هو. سنڌ ۾ اڪثر پيران طريقت جون خانقاهون  علم ۽ ذڪر فڪر کان خالي ٿي چڪيون  هيون ؛ ان حالت ۾ هن جو وجود غنيمت هو. البت سندس ڪي خليفا تصنع ۽ فريب جا مجسما بڻجي، مولانا جي روايات کان منهن موڙي چڪا  آهن. جيڪڏهن سنڌ ۾ اڳوڻين درگاهن جي سجاده نشينن، وڏن جي ڪمائيءَ کي هٿڻ بنائي پنڻ جو  ڄار ٺاهيو هو ته هن جي ڪن خليفن روحاني فيض،اخلاق حميده ۽ اسرار الاهي جي درس ڏيڻ بدران، ظآهر عبادت کي هٿيو ڪري، ماڻهن کي  ڦاسائي،  روزگار جو ذريعو کڻي بڻايو آهي. تفاوت ڊگريءَ جو آهي، قسم جو نه آهي، انهن مان ڪن جي اهڙي تصنع ۽ منافقيءَ جا مثال مون کي ساڻن ملاقاتن جي ذريعي معلوم ٿيا. مولانا بذات خود هن دؤر ۾ برگزيده شخص هو. خليفا هر جاءِ تي مرشدن جو مَٽ نه ٿيندا آهن.

مولانا ملڪاڻي 22 جمادي الثاني 1354هه مطابق 22 سيپٽمبر 1935ع تي وفات ڪئي. کيس ٻه فرزند آهن: ميان محمد مصطفيٰ ۽ ميان احمد مجتبيٰ (مولانا صاحب جو وڌيڪ احوال ”انوار احمديه“ مان ملي سگهندو.)




No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو